ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

هولي جا رنگ

هولي جا رنگ

“ڪِنا........ او ڪِنا..........
“ڇا ٿيو مِٺي!؟”.
“ڏس اهو ڇا ڪيو اٿئي!”.
“وري ڇا ڪيم؟”.
“هي جو هيڏا سارا رنگ هنيا اٿئي اهو ڇا آهي؟”.
“اڙي يار تون به نه!. ڀلا هڪڙي ڳالهه ٻُڌائي توکي رنگ ناهن وڻندا ڇا؟”.
“نه ته!، رنگ ته وڻندا آهن پر جيڪي تو هينئر حالت ڪئي آهي مُنهن تي، ڪپڙن تي هڻي ان تان پئي چوان”.
“اڙي چري اڄ هولي جو ڏينهن آهي، اڄ سڄو سنسار رنگ برنگي لڳو پيو آهي، ڳاڙها، ساوا، پيلا، نيرا، ڪارا، آسماني، بلو، سُرمائي، اڇا ڏس نه هر طرف رنگ ڪيڏا نه وڻندڙ آهن!!”.
“همم.......
“سچ اڄ ماحول رنگ برنگي آهي پر تون ڪاوڙ پئي ڪرين ته نه!”.
ان وقت هُن مسڪرائي ڀاڪر ۾ ڀريندي رنگن جون پورو ٿالهه سندس مٿان هاري ڇڏيس ۽ چپن تي مٺي ڏيندي چيائينس، “اڙي ڪِنا....... توکي هولي جون لک لک مُبارڪون هجن اهو تنهنجي لاءِ سرپرائيز هو...........
***