نُوس نُوس
ڏند ٽيڙي، واڇون کنڊيري، ٽيڙي شڪل ڪري، لُنڊي بازار مان مُئل انگريزن جون پُراڻيون پينٽون پائي، پٺاڻ کان رٻڙ جي شيشن وارو چشمو وٺي هُو روز صبح سوير گرلس اسڪول جي سامهون وڃي بيهندو هو.
گهر ۾ گڏهه جو گاهه لُڻندو هو ٻاهر پُٽ عاشقي ڪندو هو. روز ساڳا لڇڻ ساڳي ڪِرت پر مُنهن پُراڻي ڀينڊيءَ جهڙو آخر ڪا ڇوڪري ڳالهائي به ته ڇو؟.
نيٺ هن بي شرمي کي به شرم اچي ويو سو سوچيائين هاڻ بس وڌيڪ بيعزتي خراب نه ڪرائبي ۽ پاڙي جي هن ننڍڙي اسڪول کي ڇڏي شهر جي ڪاليج اڳيان وڃي بيهبو.
ٻئي ڏينهن سوير گڏهه جو گاهه ڪري قبرستان مان عطر جي شيشي کڻي مُئل انگريز جي پينٽ پائي وڃي ڪاليج پهتو. مارررر...... ڇا ڏسي هتي ته هڻ وٺ لڳي پئي آ. شهر جا بشني ڇورا مٿي تي ڪُڪڙ جي پُڇن جهڙا وار، پُٺيان اڌ پينٽ لٿي پئي هُجي، چشما لڳل فٽفٽين جا زوزاٽ پيا ڪن ۽ ڪاليج جي اڳيان لُوسي ڪُتن وانگر پيا لامارا ڏين.
وڃ هن ڏٺو ته ڪجهه پوڙها پڪا به بيٺا هئا جيڪي به نياڻين مان اکيون ئي نه ڪڍن. لوسي ڇورا ڇوڪرين کي هارن وڄائي پاسي ۾ بيهي غلط سلط پيا ڳالهائين. اهڙي حالت ڏسي هن جهڙي بي پهچ بشني جي اکين مان به ڳوڙها اچي ويا ۽ واپس اچي سندس ڀيڻ جيڪا گاهه ڪري موٽي هئس ان کي گُهوري ڏسڻ لڳو ۽ اڳتي لاءِ نُوس نُوس کان توبهن ڪيائين.
***