ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

پنهنجي پاران

آئون سمجهان ٿو ته ڪهاڻي جو آستان ماڻهون جو روح آهي، ڪهاڻي جو جنم انسان جي اندر ۾ ٿئي ٿو. ڪهاڻي جا انيڪ روپ رنگ آهن، هڪ ڪهاڻي اُها آهي جيڪا پني تي لکي وئي آهي ۽ هڪڙي ڪهاڻي زباني ٻُڌائي وئي آهي.
ڪهاڻي جو تعلق نِج سماج سان آهي، انسان پنهنجي پاڻ سان لاڳاپيل هر شئي کي جڏهين رُوح جي گهرائي سان محسوس ڪري ٿو ۽ سماج جي هر چڱائي برائي جي گرد پاڻ کي بيٺل ڀائين ٿو ۽ جڏهن سهي معنى ۾ اُها سوچ اندر ۾ پيهي وڃيس ٿي ته اتان کان هڪ قصو يان ڪهاڻي جنم وٺي ٿي پوءِ سندس زباني سندس قلم سان ڪئي ڪهاڻيون لکجن ٿيون.
آئون ڀائيان ٿو ته آئون جڏهن اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس تڏهن منهنجي چاچي وٽ “نئين زندگي” نالي سان مئگزين ايندا هئا ۽ آئون اهي مئگزين پڙهندو هئس، ننڍي عمر ۾ گهڻي سمجهه نه هئڻ باوجود مئگزين ۾ لکيل ڪهاڻيون ڏاڍي دلچسپي سان پڙهندو هئس، پوءِ جيئن وقت گُذرندو ويو ته ٻيا ڪجهه مئگزين ۽ هزار داستان ڊائجسٽ پڙهڻ شروع ڪيم، پوءِ سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۽ ائين ڪهاڻين سان منهنجو رشتو قائم ٿيندو ويو.
مون نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هڪ ڪهاڻي لکي هئي جيڪا پوءِ مون کان وڃائجي وئي، اها منهنجي لکيل پهرين ڪهاڻي هئي ۽ ان ڪهاڻي جي ڳولها اڄ به جاري آهي، هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مئگزين ڪتاب جيڪي به هٿ لڳندا هئا پڙهي وٺندو هئس. گهڻو پوءِ ڪجهه عرصو ڪرنٽ افيئر تي لکيم پر شايد ڪهاڻي کان علاوه ٻي ڪنهن دڳ تي چڙهي نه سگهيس ۽ ائين ڪرنٽ افيئر کان ڪنارو ڪيم. پڙهڻ جو سلسلو هلندڙ هو ته اچانڪ بابا جو وڇوڙو منهنجي زندگي ۾ طوفان وانگر آيو ۽ ائين آئون ڇڻيل پنن وانگر وکري ويس.
ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ ڪاليج پهچڻ منهنجي لاءِ مائونٽ ايورسٽ فتح ڪرڻ جيئان هو پر بابا کانپوءِ جنهن شخص زندگي ڏانهن واپسي جو دڳ ڏنو اهو منهنجو وڏو چاچو عبدالله ناريجو هو. سندس سخت طبيعت ڪري هميشه کائنس خوف ٿيندو هو پر سندس پيار ۽ ڪيئر وسارڻ جوڳي ناهي. اگر چاچا جو ساٿ نه هجي ها ته شايد ڪاليج نه پهچي سگهان ها.
ڪاليج پهچڻ کانپوءِ ڪهاڻي وري اندر ۾ ڪر کڻڻ شروع ڪيا، ڪتاب وٺڻ جي سگهه ڪونه هئي، پئسو پائي بلڪل ڪونه هوندو هو پر اندر ۾ پڙهڻ جي بُک موجود هئي سو هڻي وڃي هنڌ ڪيم، ڪاليج جي لائبريري جنهن جو لائبريرين انتهائي پيارو ماڻهو هو پر سُست هئڻ ڪري اڪثر ڪاليج نه ايندو هو سو کيس منٿ ميڙ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪاليج اچڻ تي آماده ڪيم، جنهن ۾ ڪجهه ٻيا به دوست شامل هئا، سندس پيار ۽ شفقت هميشه ياد رهندي. پاڻ چوندو هو پُٽ ڪتاب کڻي ويندا ڪريو پر پڙهي واپس ڪجئو نه ته آئنده آئون ڪونه ايندس!. پوءِ اسان ڪتاب کڻي پڙهي وري واپس ڪندا هئاسين.
ان کانپوءِ گلستان بلديه ميرپورخاص ۾ ٺهيل پبلڪ لائبريري اسان جو ٻيو گهر هوندي هئي ڇاڪاڻ ته صبح جو ڳوٺان 8 بجي واري بس تي شهر ڪاليج اچبو هو ته ڪاليج مان ٿي وري لائبريري ۾ پنج بجي واري بس جو انتظار ڪبو هو ۽ ان سان گڏ پڙهائي ڪبي هئي.
پڙهڻ دوران ڪهاڻي ۾ جڏهن مرشد امرجليل جا ڪتاب هٿ لڳا ته ڀائنيم ڪهاڻي سندس در تي بيٺل ان مهمان وانگر آهي جنهن کي هُو جڏهن چاهي در کولي اندر گهرائي سگهي پيو. امرجليل کي آئون ڪهاڻي ۾ گُرو مڃيندو آهيان، ان سان گڏ سائنڻ نورالهُدى شاهه ، نسيم کرل، ماڻڪ جي ڪهاڻين کي هميشه دل ۾ سانڍي رکيم پوءِ ڪافي عرصو پڙهڻ کي الوداع ڪري پيٽ گُذر خاطر جيئڻ جي جُستجو ۾ لڳي ويس، ان دوران ڪتابن سان ناتو ٽُٽي ويو هو لکڻ وسري ويس.
وري شابس هُجي هُن کي جنهن سان لئنون لڳڻ مون کي رولاڪ بڻايو ۽ سائڪولاجيڪل اپ سيٽ ڪري ڌڪاري ڇڏيو. ان ڌڪار کانپوءِ زندگي ۾ جيڪا واپسي هئي ان واپسي دوران ڪئي تجربا ٿيا، ڪئي مشاهدا ڪيم، ڪئي قصا اکين سان ڏٺم، ڪئي ڪهاڻين جو جنم اندر ۾ ٿيو. ائين پڙهڻ کانپوءِ ٻيهر لکڻ جي شروعات ٿي.
لکڻ جي شروعات ڪچين ڦڪين تحريرن سان ڪيم پوءِ ائين قصو وڌندو ويو. پاڻ سان ٿيل وارتائون پنن تي لکندو ويس، مشاهدي ۾ ڪئي ظُلم جا داستان ايندا ويا، ائين منهنجي قلم سان ڪهاڻيون لکجڻ شروع ٿيون.
آئون شروعات ۾ جڏهن فيس بُڪ تي سماجي اشوز، مذهب ۽ سيڪس تي لکڻ شروع ڪيو ته اڪثريت پاران مون کي انتهائي گهڻو تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. مذهبي ماڻهن ڌمڪيون ڏنيون. لکڻ تان هٿ کڻائڻ لاءِ فتوائن جا ڊڄ ڏنا ۽ سماجي سُڌريل چولي ۾ لڪيل جانورن مون کي جنسي فرسٽريٽ ۽ چريو قرار ڏنو.
انهن حالاتن ۾ هڪ وقت اهڙو آيو جو مون سوچيو ته هي سوسائٽي سچ برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ لکڻ ڇڏي ڏيان پر منهنجي دوستن مون کي هميشه حوصلو ڏنو ۽ هميشه ڀرجهلا رهيا. مون دل سان سوسائٽي ۾ جيڪو ڪجهه محسوس ڪيو اهو لکيو، جيڪي مذهبي مسئلا ڏٺا انهن تي لکيو. سماج ۾ فردن جي جنسي فرسٽريشن تي لکيو، مون هر ان موضوع تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي هن سماج جو حصو آهن، هر اها وارتا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا روز وهي ٿي، هر اهو درد لکڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو محسوس ڪيو.
هي منهنجو پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب آهي جنهن جو ٽائٽل آهي “ضمير جو موت”.
اميد ته پڙهڻ وارا هن ڪتاب کي سماجي پسمنظر ۾ ڏسندا ۽ رائي ڏيندا، آئون انتهائي گهڻو ٿورائتو آهيان اختر حفيظ ڪنڀر جو جنهن مهاڳ لکيو ۽ انتهائي گهڻو ٿورائتو آهيان امداد ڪانهيو جو جنهن کان سواءِ هي ڪتاب ڇپجڻ ممڪن نه هو، سچ ته منهنجي خواب کي سچ ڪرڻ جو سڄو ڪريڊٽ امداد ڏانهن وڃي ٿو، آئون ٿورائتو آهيان ميان گُل محمد ڪلهوڙو جو جنهن پنهنجو رايو ڏنو.........

[b]مرتضى ناريجو
[/b]ماڊل ٽائون ميرپورخاص
01 جولاءِ 2019
راين لاءِ: 03000350311
واٽس ايپ: 03101374625
Email: narejomurtaza99@gmail.com