خُدا جي ڳولها
هُن جي مٿي ۾ اڇا پئجي ويا هئا، گوڏن ۾ به سُور رهڻ لڳو هئس، سهڪي جي بيماري به اچي ديرو ڄمايو هو مٿان کنگهه الڳ سُور ڏنا هئس. هي ويچارو جيڪو ماني ڳڀي لاءِ پريشان هو سو علاج ڀلا ڪٿان ڪرائي ها سو سڀ واٽون جڏهن وڃائجي ويس ۽ ڪو رستو نه ڀائنيائين ته تسبيح کڻي وڃي الله الله ڪرڻ لڳو.
سوچيائين، “زندگي ته مزدوري ڪندي سُور سهندي گُذري وئي هاڻ “خُدا” کي ڳولي لهان ته بس لک ڪمايم!”. اڄ سندس ڳولها جي شروعات هئي، پاڻ مسجد ۾ داخل ٿيو هو، اندر اچي مولوي صاحب جي مُصلي پُٺيان واري نُک تي چڙهي ويٺو ته جيئن سهي طرح بيان ٻُڌي ۽ سِکي سگهي ۽ الله جي ڳولها جو ڪو رستو لهي سگهي!.
مسجد ۾ سڀ پاڙي وارا گڏ ٿيندا پئي ويا اڄ جُمعي جو ڏينهن هو ان ڪري ماڻهن جو تعداد گهڻائي ۾ هو، سوچيندي، “ماڻهو به عجيب آهي الله کي رڳو جمعي جي ڏينهن سجدو ڪرڻ ۽ ڳولهڻ ٿا اچن”، مولوي صاحب واعظ شروع ڪيو ته امريڪا کان ٿيندو اسرائيل تي ڪاوڙ لاهيندو اچي انڊيا تي دنگ ڪيائين. هي ويچارو جيڪو الله کي سجدو ڪرڻ ۽ الله جي ڳولها ڪرڻ آيو هو ان کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مُلان آخر الله جي ڳالهه ڪرڻ بدران رڳو ويٺو ٻين ڌارين مُلڪن جي ماڻهن کي گاريون ڏئي ائين ڇو آهي!؟
کيس سمجهه ۾ نه آيو انتظار ڪيائين ته من مولوي صاحب ڪا ڪم واري ڳالهه چئي پر سندس انتظار انتظار ئي رهيو ۽ مولوي خطبو پڙهي نماز پڙهائڻ شروع ڪئي، نماز ختم ٿي ته مولوي صاحب اعلان ڪيو، “مومن مسلمانو..... توهان جي اکين اڳيان الله جو گهر زير تعمير آهي، توهان کي الله رب العزت اجر ڏيندو ۽ اوهان کي جنت ۾ اعلى مقام عطا فرمائيندو، توهان وڌ کان وڌ مسجد شريف لاءِ چندو ڏيو”.
مولوي صاحب ڳالهائيندو پئي ويو ۽ گڏ گڏ پيٽ تي به هٿ پئي ڦيرايائين، هن سوچيو، “جڏهن آئون ننڍو هئس تڏهن کان هي مسجد زير تعمير آهي اڃان تائين اها مسجد الله جو گهر اهو مُلان مڪمل ناهي ڪري سگهيو ته ان پُٺيان مون کي الله ڪٿان ملندو ۽ پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندو الله الله ڪندو مسجد مان نڪري ويو......
***