ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

BIRTHDAY

BIRTHDAY

موسى خان مُڇ وٽيندي جيئن ئي فيس بُڪ کوليو ته نوٽيفيڪيشن مليس؛
Mr. Moosa Khan today is your birthday.
موسى خان جا ميسيج ڏسي سڄا نٽ بولٽ ئي ڍرا ٿي ويا!. انگريزي پڙهيل ڪونه هو سو ميسيج سمجهه ۾ نه آيس. ڀائنيائين ته سندس آڏن اُبتن ڦوٽن ڪري ڪاوڙ ۾ اچي فيس بُڪ انتظاميه ڪو ڏنڊ لڳايو اٿس!. پگهر ۾ شل ٿي ويو، پگهر نرڙ تان لهي اچي ڳلن تي پُهتس، وري هٿ سان پگهر اُگهي مُڇ کي وٽي سوچيائين؛ “ڀلا ڏسان ته سهي ڪنهن پڙهيل ڇوري کان پڙهايان نڀاڳن انگريزي ۾ لکيو ڇاهي!”.
تڪڙو تڪڙو هلندو ڳوٺ جي دُڪان تي پهتو، اُتي به ڪو پڙهيل ڇورو نه مليس. اوطاق تي پهتو ته اُتي به ڪير نه هو نيٺ ڳولا ڪندو سهڪندو اچي شاخ تي پهتو اُتي جُمعي وارو ڇورو ڏاڙهون شاخ ۾ وهنتو پئي!.
اُن ئي کيس فيس بُڪ آءِ.ڊي ٺاهي ڏني هُئي ۽ فيس بُڪ هلائڻ سيکاريو هئس سو ڏاڙهون کي هڪل ڪيائين؛ “اڙي ڏاڙهون هيڏانهن ته ڀڄي اچ هي ڏس فيس بُڪ وارن انگريزي ۾ نوٽيس ڏنو آهي!”.
ڏاڙهون شاخ مان نڪري اچي موبائل ورتس. ڏسي کِل ۾ ٻڏي ويو، موسى ڪاوڙجندي چيس؛ “اڙي ڇورا کلين ڇو ٿو؟، اهڙو ڇا لکيو اٿن؟”.
ڏاڙهون چيس؛ “چاچا فيس بُڪ وارن نوٽيس موڪليو آهي ته اڄ تنهنجي برٿ ڊي آهي!”.
موسى پُڇيس؛ “ڇورا اها برٿ ڊي وري ڇا آهي ڏاڙهون؟”.
“چاچا مطلب اڄ جي ڏينهن تون ڄائو هُئين!”، موسو سوچ ۾ پئجي ويو، سمجهه نه پيس ته هنن نڀاڳن فيس بُڪ وارن کي خبر ڪيئن پئي ته آئون اڄ ڄائو هئس!. وري ڏاڙهون سمجهايس ته فيس بُڪ تي پاڻ جيڪا ڄمڻ جي تاريخ لکي هُئي ان تي هنن نوٽيس موڪليو آهي.
موسو پنج درجا پڙهيل هو سو سوچيائين وڃي ماستر ڏتي کان پُڇان ته آخر اها تاريخ سچ ۾ منهنجي ڄمڻ واري آهي يا نه!؟؟.
موسي وڃي ماستر ڏتي کي هٿ ڪيو ۽ کيس سڄي ماجرا ٻُڌائي، ماستر ڏتي چيس؛ “ابا آئون جهونو ٿي ويو آهيان، مون کي هاڻ تاريخون ياد نٿيون بيهن، تون وڃي اسڪول جو رجسٽر ڪڍرائي ته سهي تاريخ جي خبر پوئي!”.
موسي به اڄ پڪو پهه ڪيو هو ته ڄمڻ جي تاريخ جي جانچ ڪري پوءِ ماٺ ڪندو سو وڃي اسڪول پهتو. ماستر ڦتوءَ کان وڃي پُراڻو اسڪول رجسٽر ڪڍرايائين.
رجسٽر ڏسي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو. ماستر ڦتوءَ جون به حيرت ۾ اکيون کُلي ويون. رجسٽر ۾ ماستر ڏتي هڪ ئي تاريخ تي ڳوٺ جي پنجويهه ٻارن جي ڄم جي تاريخ ساڳي لکي هئي، جنهن ۾ موسى خان به هو!!!.
***