ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

جنازو 

هُن جي اکين مان مُسلسل ڳوڙها وهي رهيا هُئا. هُن پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاهي اُڇلي ڇڏي هُئي ۽ ٽُوال ۾ ڪجهه ڪتاب ٻڌي ٻاهر نڪري آيو هو.
هُو مُسلسل دانهون ڪندو پئي ويو؛ “اچو اچو...... منهنجي جنازي کي ڪُلهو ڏيو اچو!”. ماڻهو کيس حيرت سان ڏسي رهيا هئا ڇو ته هُن وٽ نه ته ڪو لاش هو، نه ئي هُن جي آسپاس اهڙو ڪُجهه ڏسڻ ۾ پئي آيو.
هُو مُسلسل روئندو، سڀني کي سڏيندو پئي ويو؛ “اچو اچو......... منهنجي جنازي کي ڪُلهو ڏيو اچو!”، ڪُجهه نوجوان کيس ڏسي وڌي آيا، پُڇا ڪيائونس؛ “چاچا لاش ڪٿي آهي؟، ڪنهن جي جنازي کي ڪُلهو ڏيون!؟”.
وڏي آهه سان سُڏڪو ڀريندي چيائين؛ “هي جنازو......... منهنجي غيرت جو جنازو آهي...... اچو منهنجي “غيرت” جي جنازي کي ڪُلهو ڏيو مان “بي غيرت” ٿي پيو آهيان، مون منجهان “قومي غيرت” موڪلائي وئي آهي، مان غدار ابن غدار ٿي پيو آهيان، مان مفادن پُٺيان لُور لُور ڪرڻ وارو ڪُتو بڻجي پيو آهيان، مان دودي، هيمون، هوشوءَ، دولهه درياءَ خان، باکوڙي وارن جي قربانين کي وساري ڇڏيو آهي، مان مايا جي نشي ۾ سن جي پوڙهي شِينهن جي ڏٺل خواب کي چڪناچُور ڪري ڇڏيو آهي، مان لطيف شناسي کان پري ٿي پيو آهيان، مان شاهه عنايت جي قرباني کي وساري ڇڏيو آهي، هي جنازو منهنجي غيرت جو جنازو آهي!”.
نوجوان سندس ڳالهيون ٻُڌي اچرج ۾ پئجي ويا، کين سمجهه نه پئي ته هُوءَ ڇا چون!. هُن وري مُسلسل هوڪا ڏيڻ شروع ڪيا؛ “اچو اچو......... منهنجي جنازي کي ڪُلهو ڏيو....... اچو اچو منهنجي “غيرت” جي جنازي کي ڪُلهو ڏيو، مان ڌرتي ماءُ جي سورهيه پُٽن ۽ حيدرآباد ۾ تذليل جو نشانو بڻجندڙ نياڻين جو ڏوهي آهيان گُناهگار آهيان!”.
سندس هٿ ۾ ٽُوال جي ڳنڍ ۾ جي ايم سيد جو ڪتاب “رهبر” ۽ لطيف جو رسالو هئا، هُو هوڪا ڏيندو اڳتي وڌندو پئي ويو؛ “مان بي غيرت ٿي پيو آهيان، مان صدين کان پنهنجي غيرت مند هُجڻ واري شناخت تي پيشاب ڪري ڇڏيو آهي، اڄ نياڻين جي تذليل تي به منهنجي غيرت ڀڙڪو نٿي کائي، مان بي غيرت ٿي پيو آهيان...... مان بي غيرت ٿي پيو آهيان.........
“اچو اچو........... منهنجي “غيرت” جي جنازي کي ڪُلهو ڏيو.........!!”، ماڻهون کيس حيرت واري نظرن سان ڏسندا رهيا، هُو اڳتي وڌندو رهيو...........
***