مهان
سائين جي اوطاق تي ماڻهن جا ميڙا لڳا پيا هئا. ڪِن ماني پئي کاڌي، ڪِن شراب جا جام چپن تي چاڙهيا هئا، ڪي ته ٽُن ٿيو نچيا پئي. سائين “دلاور خان” نشي ۾ ٽُن هڪ ڇورو ڪڇ ۾ ويهاريو ويٺو هو.
سائين جي اوطاق تي وڻ وڻ جي ڪاٺي ماڻهوءَ اچي گڏ ٿيا هئا، سرڪاري آفيسر، پوليس وارا، پڙهيل ڳڙهيل اديب شاعر مطلب سائين جي دعا سلام، هٿ جوڙي هر مڪتب فڪر جي ماڻهن سان هُئي.
انهن سڀني ماڻهن ۾ هڪڙي ڳالهه اهڙي هئي جيڪا هُوبهوءَ هڪ جهڙي هئي مطلب ته سڀ جا سڀ شراب پيئندا هئا ۽ سائين کي ميزباني جو شرف به ان ڪري حاصل هو جو وٽس ڌن دولت جام هئي ۽ ماني ٽِڪيءَ تي خرچ ڪندو هو، باقي لڇڻ وارو خانو خالي هو.
سائين جن جو هن وقت شهر جي “مهان لونڊي بازن” ۾ شمار ٿيندو هو. اچانڪ محفل ۾ گوڙ شروع ٿي ويو، دلاور خان جون گاريون محفل ۾ گونجڻ لڳيون. دلاور خان “فريد خان” جي ڳلي مان جهليو گارين جي ڌُم لايو بيٺو هو. ماڻهوءَ وچ ۾ پيا ٻنهي کي پوئتي هٽاين ته پريان کان دلاور خان هڪل ڪئي؛ “اڙي ڪنڃر تون منهنجي “سُهڻي” ۾ هٿ ڪيئن وِڌا؟، اهو سهڻو منهنجي عزت آهي!”.
عزت واري ڳالهه تي فريد خان ٽهڪ ڏيندي گار ڏني ۽ چيو؛ “اڙي لونڊا تنهنجي ڪهڙي عزت!. تون اهو ساڳيو آهين نه جنهن تي ماڻهوءَ وڙهي مرندا هئا؟. تنهنجي مٿان اڪثر جهيڙا ٿيندا هئا، تو ڪڏهن گهر جي ماني ڪونه کاڌي، لونڊي بازن جي گاڏين ۾ هميشه گُهمندو هُئين.... اڙي هينئر مُعتبر خان ٿو سڏائين اڃان ته سهي طرح شلوار به نٿو پائي سگهين!”.
“فريد خان” هڪ ساهيءَ ڳالهايو پئي ۽ دلاور خان جو ڪچو چِٺو پئي پڙهي ٻُڌايئين، دلاور خان ڳالهيون ٻُڌي ڪنڌ هيٺ کڻي ڪيو ۽ مُڇون لڙڪي پيس.
***