پير
ننڍي هوندي جڏهن گهر جي اڱڻ تي صاف سٿري هالا جي جنڊي لٿل کٽ ڀلي رلي وڇائي رکبي هئي ۽ ان تي ٻاهران هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو کي اچي ويهاربو هو جيڪو قد ۾ سرس، هلڪي ڏاڙهي، مُڇون چُهنب واريون، بوسڪي جا ڪپڙا پاتل، راڊو گهڙي ٻانهن ۾ تڏهن سمجهه ۾ نه ايندو هئس ته چاچا وارا ان پرائي ماڻهو کي امان، ادين، چاچين، ماسين جي وچ ۾ ڇو ائين ٿا ويهارين پوءِ معصوم انداز سان چاچي کان پُڇندو هو، “چاچا هي ڪير آهي؟”.
چاچو چوندو هئس، “هي پير صاحب آهي، مرشد آهي” ۽ هڪ ڏينهن چاچي وٺي وڃي پير صاحب جي اڳيان بيهاريس ۽ هٿ ٻڌي پير صاحب کي چيائين، “مُرشد سائين اڄ کان هي توهان جو مُريد آهي”.
مرشد ٿيلهي مان قئنچي ڪڍندي سندس مٿي تان وارن جي چڳ ئي ڪٽي ڇڏيس. ان ڏينهن شيشي ۾ وارن جون نقشو ڦريل ڏسي پير صاحب تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئس ۽ ان کان پوءِ علي کي الائي ڇو پير صاحب نه وڻندو هو.
اڄ وري ڳوٺ ۾ دعوت آهي، گهر جي اڱڻ تي اها ساڳي جنڊي لٿل کٽ پيل آهي، هو سمجهي ٿو ته شايد اها کٽ گهوٽ لاءِ پيل آهي پر ٿوري دير کان پوءِ ان کٽ تي پير صاحب کي ويٺل ڏسي ٿو جيڪو بُکئي ڪُتي وانگر گهر جي عورتن کي ڏسي پيو ٿو.
علي اڄ به پنهنجي چاچي سان شڪايت ٿو ڪري پر چاچو ڇڙٻ ڏئي چُپ ٿو ڪرائيس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چاچو تيار ٿيڻ لاءِ ٿو چويس چئي ٿو، “هلڻو آ پير صاحب جي ڌيءَ جي شادي آ ڏن پهچائڻ”. اڄ موقعو مليس ٿو دل ۾ خوش آهي، چاچي سان پير صاحب جي گهر وٽ پهچي ٿو، پير صاحب ٻاهر ٿو نڪري، چاچو پيرين پئي مليس ٿو علي صرف هٿ ٿو ملائيس، پير صاحب کي اهو ڏسي ڪاوڙ ٿي لڳي پر ڪُڇي ڪُجهه نٿو.
علي پير صاحب جي گهر جي دروازي کي ڌڪو ڏئي اندر ٿو داخل ٿئي پير صاحب ڪُتي واري رُوڙ ڪري هڪل ٿو ڪري، “اڙي متان ويو آهين!”.
چاچو به هڪل ڪري علي کي روڪڻ ٿو ڀڄي، ٻئي علي کي جهلي ٿا وٺن، پير صاحب علي کي چماٽ وهائي ٿو ڪڍي، چئيس ٿو، “ڀيڻان “ڪافر” يزيد تون منهنجي اهلبيتن بيبين کي ڏسندي!”.
علي چئيس ٿو، “جي تنهنجيون بيبيون آهن ته اسان جي گهر ڇا ڪوٺو آهي جو روز ٿو اچين!!”.
***