عشق
هو ڏاڍو خوبصورت جوان هو هينڊسم اصل ڪنهن به ڇوڪري جي خوابن جو شهزادو!. ڪنهن به خوبصورت نگاهه جو پهريون پيار ٿيڻ واريون خاصيتون هن ۾ موجود هيون پر شايد سندس قسمت ڏاڍي خراب هئي جو ننڍي هوندي ئي پڻس جيڪو هارپو ڪندو هو ٽي بي ٿيڻ ڪري بيڪار ٿي پيو هو سو ڪم ڪار ڪري نه سگهندو هو بس سورن سان ننڍپڻ گذري رهيو هئس.
جڏهن ٿورو وڏو ٿيو، اٺون ڪلاس پاس ڪري نائين ۾ پهتو ته سندس پيءُ هي فاني دنيا ڇڏي ويو، هاڻ هو اڪيلو ٿي پيو بس امڙ هُن جي جيئڻ جو سهارو هئي. ڪجهه چاچن جي مدد سان انٽر جو امتحان پاس ڪري نوڪري جي پُٺيان لڳي پيو پر هن کان قسمت جو رُٺل هئي سو ڪا سرڪاري نوڪري ته نه ملي سگهيس پر هڪڙي مائٽ اسلام آباد ۾ نوڪري وٺي ڏيڻ جو آسرو ڏنس جو در تي بيٺل هڪڙي ٻڪري کپائي وڃي اسلام آباد جا وڻ وسايائين.
طبيعت جو سادو ۽ سچو هجڻ ڪري هڪ جڳهه تي گهڻو ٽِڪي نه سگهيو سو ٻه چار نوڪريون بدلائي سال کان پوءِ وري موٽي آيو ته واپس نه ويو. شهر ۾ رُلندي سندس نظرون هڪ سُهڻي اپسرا سان وڃي ٽڪرايون جو هُن جي اڳرائي ڪرڻ تي کيس پنهنجو نمبر پرچي تي لکي ڏئي آيو ۽ ائين سندس عشق جي شروعات ٿي.
ڳالهه وڌندي وئي اصل عشق جنون جي شڪل اختيار ڪري ويو، کيس شادي لاءِ زور ڀريائين پر چوندا آهن نه ته بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ۾ ٻي سو جتي هُو رهندي هئي اتي سندس هڪ گهاٽو دوست رهندو هو، اُن وٽ جو گهڻو اچڻ وڃڻ شروع ٿيو ته سندس عشق جو پردو به فاش ٿي پيو، ان جي ذريعي ۽ ٻين کان خبر پيس ته جنهن سان هُو عشق پيو ڪري اُها ته پروفيشنل (رنڊي) آهي ۽ سندس تعلقات ته اڌ شهر سان آهن. اهو انڪشاف ٿيڻ کان پوءِ به پاڻ کائنس شادي ڪرڻ لاءِ تيار هو جو سندس خيال هو ته هن سان شادي ڪرڻ کان پوءِ هُو سُڌري پوندي پر هُن کيس رجيڪٽ ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن امير زادي جي رکيل ٿي وڃي ويٺي.
ان کان پوءِ پاڻ اندر کان ٽُٽي پيو ۽ عشق جي چوٽ کائي پنهنجو شهر ڇڏي وڃي ڪراچي جا وڻ وسايائين.
٭
ڪراچي سنڌ جي دل، ڪراچي روشنين جو شهر، ڪراچي حُسن جو سمُنڊ، ڪراچي سچ ته اهو شهر آهي جتي ڪروڙين ماڻهن جي سمنڊ جي وچ ۾ انسان گُم ٿيو وڃي. هُو به ڪراچي پنهنجي دل جي دنيا جي ويراني جو جنازو کڻي پُهتو هو. هُن چاهيو پئي ته جنهن عشق ۾ هُن کي ناڪامي ملي ان جي يادن کي هن شهر جي گوڙ گهمسان ۾ ٽريفڪ جي وچ ۾ ڪٿي رولي اچي پر عشق قاتل، عشق ظالم، عشق زهر ڪٿي ٿو اهو وسري!.
ڪراچي پهچي ڪنهن دوست جي مدد سان نوڪري ڳولڻ لڳو جنهن هڪ گارمينٽ فئڪٽري ۾ ڪوالٽي تي ڪم وٺي ڏنس، ڪجهه ٽائم نوڪري تي ويندو رهيو، بيوفا جي يادن کي دل تان وسارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر کيس گارمنٽ فئڪٽري جو ماحول سمجهه ۾ نه آيس ۽ وري نوڪري ڇڏي اچي دوست وٽ ويٺو. هُن جو دوست ڪنهن نيوز چئنل سان ڪم ڪندو هو، جيڪو رات جي نوڪري ڪندو هو، سڄي رات ملير ۾ جڳهه تي اڪيلو پيو هوندو هو، هن کان ننڊ ڪوهين ڏُور هلي وئي هُئي، سڄي سڄي رات تارا ڳڻيندي گذرندي هئس. بس هڪ رات ويٺي ويٺي دل ۾ پهه ڪيائين ته ان ساڳي بيوفا سان رابطو ڪرڻو آ.
هن ڪال ملائي ٽرررررر ٽرررررر ڪال وڄڻ شروع ٿي، سندس رِنگ ٽون تي اردو گانو اڪيلي تنها جيئا جائي نا، تيري بن بهلانا تجهه ڪو ناممڪن لڳل هئي.......
٭
ڪال وڄندي رهي گانو هلندو رهيو اڪيلي تنها جيئا جائي نا، تيري بن بهلانا تجهه ڪو ناممڪن اهو گانو به هُن سندس ئي پسند تي رکيو هو ڇوته کيس اهو ڏاڍو وڻندو هو ۽ هر وقت موبائل تي ٻُڌندو رهندو هو.
ڪال اٽينڊ نه ٿي وري ٻيهر ڪرڻ جي همٿ نه ٿيس، پريشاني جي عالم ۾ روئڻهارڪو ٿي ڪمري جي فرش تي ڀت کي پُٺي ڏئي ويهي رهيو.
ياد آيس اهو ڏينهن جڏهن ڳچ ڏينهن فون تي ڳالهائڻ کان پوءِ هُن ملڻ لاءِ چيو هئس ته سچ ته ائين ڀائنيو هئائين ڄڻ سڄي ڪائنات جي خوشي کيس ملڻ واري هُجي ۽ هو ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو.
ملڻ لاءِ هُن سندس ڪالوني ۾ ٺهيل ننڍڙي پارڪ ۾ گهرايو هئس، شام ٿيڻ جو ته اصل نالو ئي نه پئي ورتو، وقت ايترو ڊگهو پئي لڳس جو ڀائيائين پئي ته شام چار ڪلاڪ نه پر چار سالن کان پوءِ ٿيڻي آهي!.
چوندا آهن انتظار جون گهڙيون انسان لاءِ امتحان واريون گهڙيون هونديون آهن، انتظار ڪيترو ٿڪائيندڙ هوندو آهي ڪو هُن کان پُڇي!. سچ ته هاڻ انتظار نه پئي ٿيس پر ڇا ڪري مجبور هو. هُن جو وس پُڄي ها ته گهڙيال جي ڪانٽن سان گڏ سج کي به لاهي وٺي ها پر مجبور هو قدرت سان ڀلا ڪير مقابلو ڪري!.
انتظار ۾ ڪڙهندي پڄرندي شام به ٿي وئي، نئوان ڪپڙا پائي خوشبو لڳائي ڏاڍو تيار ٿي محبوب جي پاڙي ڏي هلڻ شروع ڪيائين. پاڻ ڏنل ٽائم کان به اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ پهتو هو. پارڪ ۾ اندر داخل ٿيو ته ٻارڙا کيڏيا پئي، ٻه پوڙها سگريٽ جا ڪش هڻي رهيا هئا، پاڻ ڳولها ڪري وڃي ڪُنڊ واري بئنچ تي ويٺو. اکيون هُن لاءِ مُنتظر هيون، اکين کي ڳولها هئي هن جي پياري چهري جي ديدار جي، هو چئوطرف ڏسي رهيو هو ۽ اوچتو انتظار ختم ٿيو هُوءَ پارڪ ۾ داخل ٿي ڳاڙهي وڳي ۾ اپسرا پئي لڳي، ڏسڻ سان اصل دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويس، ڏاڍو پيار پئي آيس هُن تي، ايتري خوبصورت ڇوڪري هُن خوابن ۾ به نه سوچيو هو ته کائنس ڳالهائيندي!.
هُن کي ڳاڙهي ڪلر جو فراڪ پاتل هو. پاڻ سان گڏ ٻارڙا وٺي آئي هُئي شايد انهن جي بهاني سان نڪتي هئي، هُن مسڪرائي ڏٺس ته هن به مسڪرايو، پاڻ ويجهو آئي، ڳالهائڻ جي شروعات هُن ڪئي چيائينس، “تون منهنجي خوابن جو شهزادو آهين..........
٭
تون سچ ته مون کي ڏاڍو وڻين ٿو آءِ لو يو!”.
جواب ۾ هن به، “آءِ لو يُو ٽُو” چئي مُسڪرائي ڏٺس ته هُوءَ به شرم ٻوٽڙي جيئان شرمائجي وئي. ان وقت سندس مسڪراهٽ ۽ ڳلن تي اڀريل لالي ڏسڻ وٽان هُئي. سچ ته ڪا جنت جي حُور به هن اڳيان ڪجهه نه هئي. هُن جي اُها پنهنجي محبوب سان پهرين مختصر ملاقات هئي پر ان ملاقات سندس زندگي رنگين بڻائي ڇڏي هئي.
هاڻ ته هُو هر وقت ڏاڍو خوش رهڻ لڳو هو، مسڪراهٽ سندس چپن تي هر وقت موجود رهندي هئي. چوندا آهن سوچون سمونڊ جون ڇوليون هونديون آهن هڪ لمحي ۾ تيزي سان اچي ڪناري سان لڳي وري واپس هليون وينديون آهن. موبائل وائبريٽ ٿيو رِنگ وڄڻ لڳي ته سندس ڌيان موبائل ڏي هليو ويو ۽ سوچن کان نڪري حقيقي دنيا ۾ اچي پهتو. ڏٺائين ته ڪال سندس دوست جي پئي آيس جنهن سان گڏ رهيو پيو هو.
ڪال اٽينڊ ڪيائين سامهون کان دوست هو، “هيلو يار ڪٿي آهين؟”.
“جي ڪٿي هوندس!، اتي ئي جتي ڇڏي وئي هُئين.........
“ٺيڪ آ ڳالهه ٻُڌ مون پنهنجي چئنل ۾ تنهنجي لاءِ ڳالهايو آهي ڀلا تون نيوز سيڪشن ۾ ڪم ڪندين!؟”.
هُن وٽ ته ڪا چوائس هُئي ڪانه سو چيائينس، “يار آئون تيار آهيان”.
“ته پوءِ ٺيڪ آ تون سُڀاڻ مون سان گڏ هلي جوائن ڪجان”.
“ٺيڪ آ پيارا ۽ ٿينڪس تون منهنجي لاءِ هيترو ڪجهه ڪرين پيو”.
“اڙي چريا دوستي ۾ نو ٿينڪس نو سوري!”. اوڪي چئي فون بند ڪيائين.
٭
دوست سان ڳالهائي هاڻ ڪجهه مطمئن ٿي پيو هو. سوچيائين پئي نئون ماحول نوان ماڻهو ڏسندس ته ڪجهه ان بيوفا جي يادن مان به ڇوٽڪارو ملي پوندو. روز جي بنسبت اڄ ڪجهه پُرسُڪون هو، ٻئي ڏينهن اُٿي تيار ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي پاڻ کي شيشي ۾ ڏٺائين ته گهٻرائجي ويو.
ائين ڀائنيائين ڄڻ ڪو صدين جو پنڌ ڪري واپس وريو هُجي!، وڌيل ڏاڙهي، ڏرا ڏنل اکيون، بي رونق چهرو سوچيائين نئين جڳهه تي وڃڻو آ سو تياري سان وڃجي ته بهتر ٿيندو. اُٿي شيو ڪري وهنجي ڊريس پينٽ ڪوٽ پائي پنهنجي پاڻ کي شيشي جي اڳيان بيهي ڏٺائين ته ڪجهه مطمئن ٿيو. سُڪون مليس هاڻ ڪجهه بهتري ڀائنيائين پاڻ ۾، دوست به تيار ٿي چُڪو هو سو گڏجي نڪري پيو.
شاهراهه فيصل تي ڊوڙندڙ گاڏين جي قطارن جي وچ مان گذرندي کيس ڪڏهن ڪڏهن ڊِڄ به ٿيندو آ ته ڪٿي ڪا تيز رفتار گاڏي کيس چيڀاٽي نه ڇڏي ۽ هُو ننڍڙن گوشت جي ٽُڪرن ۾ ورهائجي نه وڃي پر ڪڏهن وري سوچيندو آهي ته ڪاش ايڪسينڊينٽ ٿي پئي ۽ ظالم بي وفا دنيا مان هميشه لاءِ هليو وڃجي پر وري پنهنجي گهر وارن پوڙهيءَ ماءُ جو چهرو اکين اڳيان ايندو اٿس ته زندگي جي جُستجو موت جي ڪشمڪش کي مات ڏئي ويندي آهي.
سوچيندي سوچيندي خبر ئي نه پيس ته ڪڏهوڪو صدر پهچي ويا ۽ چئنل جي آفيس هيٺيان وڃي بيٺا هئا. دوست سان گڏ آفيس جون سيڙهيون چڙهندي من ۾ دعا پئي ڪيائين ته ڪاش آئون هتي جي ماحول ۾ ايڊجسٽ ٿيان!.
آفس ۾ داخل ٿي دوست هن جو سڀني سان تعارف ڪرايو ۽ باس جي ڪئبن ۾ وٺي ويو، ڪرسي تي هڪ سُٺي شخصيت وارو نوجوان ويٺل هو. باس هن سان گرم جوشي سان هٿ ملايو ۽ کيس تعارف ڪرايو ۽ هن کان به پنهنجي باري ۾ ۽ تعليمي قابليت جي باري ۾ تفصيلي پڇيو ۽ پڇيو ته سنڌي ڪيتري قدر لکڻ ايندي آهي.
باس هن کي سليڪٽ ڪري ورتو ۽ هن کي ڪاپي رائيٽر طور رکيو. من ۾ هاڻ خوشي محسوس ٿيس ته ڪجهه زندگي ۾ تبديلي پئي اچي. دوست هن کي ڪاپي رائيٽر روم ڏيکاريو، مار ڇا ڏسي ڀت ۾ رڳو ٽي ويون ئي ٽي ويون هجن، جتي سڄي دنيا جهان جا خبرن جا چئنل پيا هلن.
دوست سمجهائيس ته توکي هتي انهن سڀني ٽي وين تي نظر رکڻي آهي ۽ دنيا ۾ ڪنهن به چئنل تي ڪا به نئين خبر بريڪ ٿئي ٿي ته اها ڪاپي ڪري ايڊيٽنگ روم ڏي موڪلڻي آ، هاڻ اکيون ڦاڙي ٽي وي ۾ نظر وجهي ويهي رهيو..........
٭
ٽي وين ۾ اکيون وجهندي خبرون ٺاهيندي هاڻ روٽين ٿي پيو هئس. هن جو ڊيوٽي ٽائم رات جو ٻارنهن بجي کان صبح اٺ بجي تائين هو. هاڻ صبح جو اٺ بجي صدر مان چانهه پي ناشتو ڪري نڪرندو هو. ملير پهچي جڳهه تي سُمهي پوندو هو ۽ سڄو ڏينهن سُتو پيو هوندو هو، شام جو پنج وڳي اُٿي وهنجي تيار ٿي ٻاهر ڏينهن واري ماني دوست سان گڏ کائي پوءِ اُتي دوستن سان گڏ ٽائم گُذاريندو هو.
ڪڏهن وري پاسي ۾ ٺهيل فُٽبال گرائونڊ تي بلوچن جون فُٽبال مئچون ڏسندو هو. شام جو ڪڏهن ڪڏهن دوست صحافي سان گڏ ڪٿي ڪنهن پروگرام ۾ پُڻ وڃڻ ٿيندو هئس. ائين هن جو ٽائم هاڻ ڪجهه بهتر گذرڻ شروع ٿيو پئي، هاڻ مصروفيت جي ڪري ڪجهه بيوفا جي سوچن کان پري رهڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪا سوچ دل تي تري ايندي هئس ته ڪنهن ٻئي دوست کي ڪال لڳائي ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو يا وري ڪنهن ڏي هليو ويندو هو.
ڪوشش ڪري ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪيو هئائين پر چوندا آهن نه ته جڏهن سُور لکجي ويندا آهن ته اهي ڪوشش کان پوءِ به ساٿ ناهن ڇڏيندا.
هڪ ڏينهن سُتو پيو هو ته موبائل جي رِنگ وڄڻ شروع ٿي پر اک نه کُليس، ڪال مسلسل ايندي رهي پر گِهري ننڊ جي ڪري اک نه کُليس، جيئن شام جو ننڊ مان جاڳيو ته ٽيلينور جي اڻ ڄاتل نمبر تان ويهه ڪالون لڳل هئس. پاڻ هڪدم موبائل کڻي بئڪ ڪال ڪيائين، دل ۾ سوچيائين، “الله خير ڪري الائي ڪير آ ايتريون ڪالون ڪيون اٿائين الائي ڪهڙو ڪم اٿس!. خير رِنگ وڄندي رهي ٻئي پاسي کان ڪال اٽينڊ ٿي، “هيلو ڪير؟”.
“ادا توهان جون ڪالون لڳل هيون توهان ڪير ۽ ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي؟”.
“تو منهنجي گهر جي نمبر تي ڪالون ڪيون آهن تون علي ٿو ڳالهائين؟”.
“ادا سائين آئون علي ئي ٿو ڳالهايان پر ادا مون ته ڪا ڪال ناهي ڪئي، مون کي اڳي ئي سُور گهڻا آهن آئون ڪو نئون سُور ڇو پاليندس!؟”.
“ڀلا تو ٽي ڏينهن اڳ ۾ عائشه جي نمبر تي ڪال ڪئي هئي؟؟”. اهو ٻُڌي هن جي مٿان عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي. هُن جو نالو ٻُڌي سُن ٿي ويو، هُوءَ بي وفا اکين اڳيان اچي بيٺس، لفظ نِڙيءَ مان نه پيا نڪرنس هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو، “آئون الاڻو خان پُٽ ڦلاڻو خان عائشه منهنجي آ ۽ الائي ڇا ڇا..........
هن بس اهو لفظ ٻُڌو چئي رهيو هو، “تون جتي به هوندين توکي ڳولي ماريندس”، پُٺيان کان موبائل فون مان عائشه جو آواز به ٻُڌڻ ۾ آيس، “تون جيستائين علي کي نه ماريندين آئون توسان گڏ نه رهنديس، جيستائين هُو جيئرو آ مون کي ياد ايندو رهندو”.
هُن سان سچي دل لڳائي هئائين، هُن کي سچي دل سان چاهيو هئائين پر اڄ هُوءَ سندس رت جي گُهرجائو ٿي پئي آ اهو سوچيندي اکين مان ڳوڙها وهي آيس، ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيس ته ڇا ڪري!. گهر ۾ جيت مار دوا جي شيشي پيل هئس سوچيائين اڄ عائشه جي خواهش پوري ٿو ڪريان ۽ هڪ ئي ڍُڪ ۾ ڳيت ڏئي زهر جي شيشي پي ويو.
آهسته آهسته پيٽ ۾ وٽ پوڻ شروع ٿيس پگهرجڻ لڳو پر چهري تي مُسڪراهٽ هئس، اڄ هُن جي ڪري مري رهيو هو، هُن بيوفا لاءِ هُن ته کيس بغير لالچ جي پيار ڪيو هو. ياد آيس سياري جي اها رات جڏهن ٻه بجي رات جو هن چيو هئس ته توکي ڏسڻو آهي ۽ هي جلدي جلدي ۾ ڪجهه اوڍڻ کان سواءِ لون جي ڪپڙن ۾ هليو ويو هو. بيچيني وڌي ويس پيٽ تي هٿ ڏئي ڪري پيو اکين اڳيان اوندهه اچي ويس، هوش گُم ٿي ويس.............
٭
عاشق زهر پياڪ وهه ڏسي ورچن...........
خبر نه پيس ڪڏهن ۽ ڪيئن اکيون بند ٿيس جڏهن اک کُليس ته پاڻ کي اسپتال جي بيڊ تي ڀايائين، چئوطرف نطرون ڦيرائي ڪجهه ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڪمزوري ۽ اکين تي ننڊ جي خُمارن سبب ڪجهه ڏسي نه سگهيو، وري اکيون بند ٿي ويس.
ڪافي ٽائم کان پوءِ آهستي آهستي اکيون کُلڻ لڳس، ڪجهه ميڊيسن جي نشي جو اثر گهٽ ٿيو هئس، هاڻ پاڻ کي ڪجهه سُڪون ۾ ڀائنيو هئائين، جيئن اکيون کوليائين ته ڀرسان دوست کي ويٺل ڏٺائين ۽ پُڻ ان سان گڏ چئنل تان آيل ڪجهه ٻيا دوست هئا. دوست کان پڇيائين، “آئون هتي ڪيئن پُهتس؟”. دوست ٻُڌايس ته، “آئون جيئن گهر پهتس ته دروازو بند هو اندر کان، ڪافي در وڄايم پر تو در نه کوليو، ڪال به لڳاتار ڪندو رهيس اها به تو اٽينڊ نه پئي ڪئي سو مون کي دل ۾ شڪ پئدا ٿيو ته ڪجهه ٿيو نه هجي!”.
“پاڙي وارن جي گهر جي گئلري مان ٽپي اندر آيس ته تون فرش تي ڪريو پيو هئين ۽ زهر جي بوتل تنهنجي پاسي ۾ پيل هئي سو يڪدم توکي کڻائي ڊاڪٽر وٽ آيس ۽ پوءِ جناح اسپتال............. يار هاڻ تون ٻُڌائي ته تو ائين ڇو ڪيو؟، آخر اهڙو ڇا ٿي ويو هو جو تو ايڏو وڏو انتهائي قدم کنيو؟، ڇو تو پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي!؟”.
دوست جا تِکا مِٺا سوال ٻُڌي دل ڀرجي آيس ۽ اکين مان ڳوڙها وهي آيس ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيائين، “هُوءَ بيوفا مون کي مارائڻ ٿي چاهي............ هُن جي خواهش آهي ته آئون مري پوان، هُن کان سواءِ ته آئون اڳي ئي مري چُڪو آهيان پر هُوءَ چاهي ٿي ته آئون جسماني طور به هن دنيا ۾ نه هُجان ان ڪري بس مون فيصلو ڪيو ته هاڻ جيئرو ناهي رهڻو!!”.
“اڙي چريا ڀلا هن دؤر ۾ به ماڻهو ڪنهن جي لاءِ مرندو آهي ڇا!؟. تون هُن بيوفا لاءِ هليو هُئين مرڻ جيڪا توکي تنهنجي سچي پيار کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جي ٻانهن ۾ ويٺي آهي.... افسوس تون اهو عمل ڪرڻ کان اڳ ۾ اهو به نه سوچيو ته تنهنجي ماءُ جيڪا هر پل تنهنجي ڊگهي عمر جي دعا گُهرندي آهي، جيڪا هميشه توکي خوش ڏسڻ چاهيندي آهي، جيڪا تنهنجي دم سان زندهه آهي، جيڪا توکي ڏسي جيئي پئي، جنهن جي اکين ۾ خواب آهن توکي ڪامياب ۽ خوش ڏسڻ جا ڇا تو اُن جي باري ۾ نه سوچيو؟؟، تنهنجي مرڻ سان ڇا اُها زندهه رهي سگهندي؟، تنهنجيون ننڍڙيون ڀيڻون، تنهنجا ڀاءُ جن جو تون وڏو آهين، سهارو آهين اُهي هن معاشري ۾ اڪيلا ڪيئن رهي سگهندا؟. ڇو تون صرف پنهنجو سواد سوچي هڪ پل ۾ سڀ ڪجهه ختم ڪرڻ ٿو چاهين ڇو؟؟؟”.
دوست ڳالهائيندو رهيو هي مسلسل سندس ڇاتي سان لڳي روئندو رهيو، جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيو ته اکيون اُگهي دوست کي چيائين ته، “واقعي مون کان وڏي غلطي ٿي وئي آ، واقعي مون پنهنجي پاڻ پنهنجي گهر وارن سان وڏو ظُلم ڪيو آ خير اڄ آئون توسان ۽ پنهنجي پاڻ سان واعدو ٿو ڪريان ته اڄ کان اڳتي ڪڏهن اهڙو عمل نه ڪندس باقي هُن کي وسارڻ منهنجي لاءِ سئولو نه آهي!!”.
دوست، “يار اهو تون مون تي ڇڏي ڏي اڄ کان تون مون سان گڏ رهندين، گڏ گهمنداسين ڦرنداسين، انجوائي ڪبي زندگي، ڇڏ ان پُراڻين ڳالهين کي!!”.
ٻه ڏينهن اسپتال ۾ ايڊمٽ رهڻ کان پوءِ گهر اچن ٿا، ٽي چار ڏينهن ٻيا به ڪم تي نه ويو، هڪ رات دوست ڪال ڪيس، “سُڀاڻ چئنل جي ملازمن لاءِ پروگرام آهي، مون تنهنجي لاءِ به پاس ورتي آ تيار ٿجان”.
ٻي رات تيار ٿي گڏجي وڃن ٿا پروگرام ۾ جيڪو چئنل جي بلڊنگ جي ڇت تي ارينج ٿيل هو اُتي پهچي اصل جيڪي نظارا ڏسي ٿو ڪجهه پلن لاءِ هوش گُم ٿي ٿا وڃنس!.
٭
جيسي تم سوچتي هو ويسي هم هين نهين
جيسي هم هين ويسي تم سوچ بهي نهين سڪتي
بلڊنگ جي ڇت رنگين هئي، هر طرف رنگ ئي رنگ هئا، ڪي ميوزڪ پيا ٻُڌن ته ڪي ڪچهرين ۾ مصروف هئا، موسم سڄي خماريل لڳي پئي هئي، مئي جي سرورن هر اک کي قاتل ٺاهي ڇڏيو هو. سندس دوست ماحول کان واقف هو سو پهچڻ ساڻ وڃي مئي جو پاسو ورتائين ۽ هڪ وڏي کُڙي وارو سئنڊل پاتل اداڪاره سان گڏ بيٺو، هن کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيائين ۽ تعارف ڪرايائينس، “هي منهنجو دوست علي آهي هتي ئي چئنل تي نيوز سيڪشن ۾ ڪم ٿو ڪري!”.
هُن مسڪرائي هيلو چيس پر هن کي ڳالهه دماغ ۾ نه ويٺي، ڪٿي منهنجو دوست ڪٿي هي اپسرا.............!!. خير هن ويچاري ته انهن اپسرائن کي رڳو ٽي وي تي ڏٺو هو باقي سامهون ته پهريون دفعو پئي ڏٺائين، دوست چيس، “علي تون ڇا پيئندين وِسڪي، بيئر يا ٻيو ڪجهه؟”.
هي ويچارو جنهن کي اها ئي خبر نه هئي ته وسڪي ٿيندي ڇا آهي ۽ بيئر ڇا هوندو آ!. سو چيائينس، “بس ڪولڊ ڊرنڪ پيئندس ته ڇوڪري کلڻ لڳي چئي، “ڏس يار تو وارو دوست ته صفا سادو آ.........
دوست ڪا بوتل کڻي اچي ڏنس چئي، “هي ڏس هي پي هي ٻاهر جي ڪولڊ ڊرنڪ آهي!”. لکيل هئس پنجويهه پرسنٽ الڪوحل پيور بيئر. دوست چيس، “پي بس دوا سمجهي پي ڇڏ!”. ماحول ۾ گرماگرمي لڳي پئي هئي اسٽيج تي شمن ميرالي پئي ڳايو وري احمد مغل آيو جنهن ڳائڻ شروع ڪيو، “دل چوي ٿي او پرين تون منهنجي سامهون هجين مان رڳو تو ڏي ڏسان تون رڳو مون ڏي ڏسين!”.
سچ ته ان وقت هيڏي پياري پُرلُطف ماحول ۾ هُوءَ بيوفا الائي ڪٿان ڪيئن هوا جي جُهوٽي وانگر ياد اچي ويس ۽ من ۾ هُن جا خيال اچڻ لڳس، دماغ سُن ٿيڻ شروع ٿي ويس هڪ ڪُنڊ وٺي ويهي رهيو، هاڻ بيئر جي هٿ ۾ جهليل بوتل مان بي خيالي سان ڍُڪ ڀريائين ته پنير جهڙو ذائقو محسوس ٿيس ڪجهه ڪجهه کارو....
بوتل چپن کان هٽائي ڇڏيائين وري يادگيرين اچي ورايس، هُن جون وڏيون پياريون اکيون، گول چهرو، وڏا وار، سنهڙو نڪ، خوبصورت چپ، ڳالهائڻ، پيار ۾ رُسڻ وري جلدي پرچي وڃڻ سڀ ياد اچڻ لڳس. ان يادن جي سيلاب ۾ خيالن جي دنيا ۾ گُم سُم خبر ئي نه پيس سُرڪ سُرڪ ڪري بيئر جي بوتل پي ويو.
پيئڻ سان ڪجهه ڪجهه سُڪون محسوس ٿيڻ لڳو هئس، دوست گهمندي ڦرندي هن وٽ آيو، “يار علي تون هتي ويٺو آهين اچ انجوائي ڪريون ڇو پريشان آهين!”.
هن چيس، “بس يار تون مون کي ڇڏ بس اُها بيئر واري ڪولڊ ڊرنڪ آڻي ڏي!”.
دوست ٻه ٻيا بيئر آڻي ڏنس هاڻ بس هُن بيوفا کي سوچيندي محسوس ڪندي ٻئي بوتلون خالي ڪري ڇڏيائين، هاڻ پنير جي ذائقي واري بيئر ڪجهه قدر سُڪون ڏنو هئس ۽ هاڻ وري موجوده ماحول ۾ موٽي آيو هو، پنهنجي جڳهه تان اُٿي وڃي وچ ۾ ويٺو ڀر ۾ هڪ ٽي وي جو وڏو نالو اچي ويٺس، جنهن کي هن هميشه ٽي وي تي حسرت سان ڏٺو هو، هُو به ستين آسمان تي پئي اُڏيو، سندي بيئر مان هُن کي شيئر ڪرڻ جي آڇ ڪيائين ته هُن بغير ڪجهه سوچڻ جي وٺي ورتس ۽ ٻئي سِپ سِپ ڪري گڏ پيئڻ لڳا.............
٭
اسان کي پتو هو اسان جو تون ناهين............
اسان پئي نڀايو وڏو حادثو هو.............
سِپ سِپ بيئر جي جاري هئي، خُمار هئس جيڪي چڙهندا پئي ويس، ماحول آهسته آهسته رومينٽڪ لڳڻ لڳو هئس، ائين پئي محسوس ڪيائين ڄڻ خوابن جي ديس ۾ هو. اڄ گهڻي عرصي کان پوءِ ڪجهه ذهني رليڪسيشن محسوس ڪئي هئائين، خُمارن ۾ پروگرام کي هاڻ انجوائي پئي ڪيائين، دوست جڏهن کيس خوش کلندي ڏٺو ته ان کي به ڏاڍي خوشي محسوس ٿي. سڄي رات محفل هلندي رهي هئي، ٻئي ڄڻا عصر ويل ڪجهه سامت ۾ آيا، هاڻ سڀ مهمان وڃي چُڪا هئا پروگرام به ختم ٿيو هو، هنن محسوس ڪيو ته هاڻ اُتي اڪيلا رهجي ويا هئا سو هيٺ لهي بائيڪ تي ٻئي گهر ڏانهن نڪري پيا.
ٻئي ڏينهن هي ننڊ مان اُٿيو ته مٿي تي ڪجهه وزن پئي محسوس ٿيس، ڀائيائين پئي ته مٿو چڪرائجيس پيو، دوست کي حقيقيت ٻُڌايائين هُن چيس، “اڙي ڪجهه ناهي يار اهو رات واري بيئر جو اثر آ وهنجي اچ سهي ٿي ويندو!”.
اُٿي وهنجي آيو ته واقعي رليڪس ٿي پيو هو، دوست کي چيائين، “يار رات واري پروگرام ۾ مزو اچي ويو....... يار وري ڪڏهن اهڙو پروگرام ٿيندو؟”.
دوست، “اهڙي پروگرام جي ته خبر ناهي ڪڏهن ٿيندو باقي توکي گهڻي عرصي کان پوءِ خوش ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي پئي ٿئي”.
“ها يار واقعي مون کي به ائين محسوس پيو ٿئي جهڙوڪ صدين جو ٿڪ لهي ويو هجي، سچ ته منهنجي زندگي به ان صحرا جي مسافر جهڙي ٿي پئي آهي جنهن کي هلندي سال گذري ويا هُجن پر دڳ نه ملندو هُجيس........ يار آئون به نارمل زندگي ٿو گذارڻ چاهيان، مون کي به سُورن هاڻ ساڻو ڪري وڌو آ پر الائي ڇو جڏهن به زندگي طرف وڌان ٿو هُوءَ بيوفا منهنجي دل دماغ تي حاوي ٿي پوي ٿي ۽ آئون وري اُتي ئي رهجيو وڃان!”.
“يار علي ڏس هُن توکي ڇڏي ڏنو، هُوءَ تنهنجي لائق نه هُئي هُن ته ڪڏهن توسان پيار ڪيو ئي نه هو!”.
“پر يار مون ته هُن سان سچي مُحبت ڪئي هئي نه!، هُن کي مون پنهنجي من مندر جو ڀڳوان ٺاهيو هو نه!، مون ته عبادتن ۾ هُن جو چهرو ڏسي هُن کي خُدا ڀائنيو هو نه!، مون ته هُن سان مُحبت ڪئي هئي نه سچي مُحبت پوءِ هُن ائين ڇو ڪيو!؟؟”. علي وري هُن جي ڳالهه دل تي تري ايندي ئي سُڏڪا ڀري روئڻ شروع ڪيو، دوست علي کي پرچائيندو رهيو هُو روئيندو رهيو....
٭
هم سي ڪب منسوب هي رونق تمهاري بزم ڪي
هم نه هونگي تب بهي هوگي صبح تيري شام تيري............
روئڻ هاڻ سندس مقدر بڻجي پيو هو، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي چوندو هو، “يار علي تون به ڪو وڏو چريو آهين ان بيوفا جي پُٺيان پنهنجي زندگي پيو تباهه ڪرين!. هُوءَ جيڪا صرف پئسي جي حوس جي پوڄاري هئي، هُوءَ جنهن کي انسان کان وڌيڪ شين سان پيار هو، هُوءَ جيڪا هميشه بنگلن ۾ رهڻ جا خواب ڏسندي هئي، هُوءَ جنهن کي وڏين گاڏين ۾ چڙهڻ جو شوق هو هُوءَ ته تنهنجي هُئي ئي ڪونه ته پوءِ ڇو پاڻ کي ان بيوفا لاءِ تباهه پيو ڪرين!”.
سوچيندي سوچيندي وري سندس چهرو اکين اڳيان ڦرڻ لڳندو هئس ۽ وري هُن جي ياد دل دماغ تي حاوي ٿي پوندي هئس. علي ڪئي ڀيرا سوچيو ته هاڻ بس گهڻو ٿيو، هُن لاءِ گهڻو تباهه ٿيس هاڻ بس پر وري ڪڏهن ان بس کي بريڪ ئي نه لڳندي هئي. زندگي به انسان کي ڪئي سُور ڏئي ٿي، اگر زندگي ۾ خوشيون شامل آهن ته وڻندڙ ۽ حسين آهي اگر ڏُک آهن ته سُور ۽ تڪليف واري آهي. دوست علي کي سمجهائي سمجهائي ٿڪي پيا هئا ته يار علي ڇوڪريون ڪي کُٽيون آهن ڇا دنيا ۾؟ ڪراچي سڄي ڀري پئي آهي ڪنهن سان ڳالهائيندو ڪر ڪجهه ذهن تان بوجهه لهي پوندو، ڪجهه رليڪس ٿي پوندين، ڪئي دفعا ته دوستن کيس نمبر به آڻي ڏنا ۽ زبردستي سندس موبائل ۾ فيڊ ڪيا ته اڪيلائي ۾ ويهي ڳالهائي پر هو اهي سڀ وري ڊليٽ ڪري ڇڏيندو هو.
خبر ناهي ڇو هُوءَ کيس روح جي گهرائي تائين اندر ۾ پيهي وئي هئي، جنهن جي يادن کي چاهيندي به پيڇو نه پئي ڇڏائي سگهيو. اڄ دوست کي چيائين، “يار هُو جيڪا دعوت ۾ بوتل پياري هئيي نه اها اڄ وري وٺي اچ ڏاڍي دل پئي ڪري.........
٭
مدتون عروج پر رهينگي هماري ڪهانيان
ڪسي ڪسي ڪه حصي ۾ ايسا زوال آتا هي...........
شام ٿي هئي هي به ليٽيو پيو هو، خبر ناهي ڪيڏي مهل ننڊ جي هندوري ۾ هليو ويو هو، اڄ ڇنڇر جي شام هئي اڄ رات موڪل هئس، دوست ۽ علي ٻئي گڏ هڪ ڏينهن تي موڪل ڪندا هئا ڇو ته گڏ هجڻ جو فائدو اهو هو ته موڪل واري ڏينهن وڃي ڪٿي ڪنهن دوست سان ڪچهري ڪري ايندا هئا يا وري پاڻ گڏجي گُهمڻ ڦرڻ نڪرندا هئا، علي تمام گهٽ ٻاهر ويندو هو، بس دوست جي ضد ڪرڻ تي ڪڏهن هليو ويندو هو.
ننڊ ۾ به سپنن جي دنيا ڪيڏي نه حسين لڳندي آهي، انسان غير ارادي طور اهڙيون شيون ڏسندو آهي جيڪي حقيقي دنيا ۾ ممڪن ناهن هونديون پر پوءِ به الائي ڇو سپنا خواب وڻندڙ لڳندا آهن، علي ننڊ ۾ خوابن جي دنيا جو طواف پئي ڪيو، در تي کڙڪو ٿيڻ جي آواز تي اک کُلي پيس ڏٺائين ته دوست آيو هو، “يار علي تون اڃان تائين سُتو پيو آهين ٽائم ڏس رات جا اٺ پيا ٿين!”.
هنن جي ڊيوٽي رات واري هئي سو هنن لاءِ ڏينهن رات هوندو هو ۽ رات وري ڏينهن، “يار علي اُٿ فريش ٿي زرياب به اچي پيو!”.
اڃان هنن ڳالهايو پئي ته سندن دوست زرياب به اچي ويو، هيلو هائي ٿي علي فريش ٿي واپس آيو ته ٽي گلاس مڪس دال موٽ ۽ هڪ وڏي آسماني ڪلر جي بوتل علي جي منتظر هئي، علي، “يار هي ڇا آهي!؟”.
“پيارا تو چيو هو نه ته بوتل وٺي اچ سو اڄ وٺ انجوائي ڪر!”.
علي بوتل کئني لکيل هئس سفاري مري بريوري، دوست چيس، “اڄ هي ٿا پيئون!”. سڀ گڏجي ويٺا، علي کي به پئگ ٺاهي ڏنن اهو ئي پنير جهڙو کارو ذائقو دال موٽ ذرڙن سان ڪجهه ڪجهه ٽيسٽ بهتر لڳڻ لڳس.
هڪ پئگ هڪ ساهي پي ويو وري ٻيو دوست ٺاهي ڏنس اهو پيئڻ کان پوءِ ڪجهه ڪجهه سرور ٿيڻ لڳا هئس جڏهن ٽيون پيتائين ته موبائل تي ميوزڪ آن ڪري مختلف سونگ ٻُڌڻ لڳو، ٻُڌندي ٻُڌندي چوٿون پئگ به خال ٿي ويو هاڻ مانجهيءَ جو ڪلام جڏهن ٿا پيئون پيئون تڏهن ٿا جيئون جيئون نشيلا نيڻ ڏاڍا نشا ڏئي تن ته ڇڏيا هلڻ شروع ٿيو ته اُٿي جهومڻ لڳو.
جهومندي جهومندي ٻه ٻيا پئگ به خالي ڪري ويو هاڻ سندس ذهن آسمان جي بلندين تي هو، هاڻ کيس دنيا حسين پئي لڳي، ٿڙندي ٿڙندي ٻاهر نڪتو دوستن سان نشن جي خمارن کيس جيئڻ جو نئون دڳ ڏئي ڇڏيو هو......
٭
هر بستي ۾ اکيون لغڙ ٿي اُڏيون.........
هر ڳليءَ توکي ڳولڻ ڪو چرچو نه هو!.
نشن جا خمار، ٿڙندڙ پير، ڳاڙهيون ٿيل اکيون ۽ انهن اکين ۾ عجيب ڪشش.......
اڄ علي اُهو علي نه پئي لڳو جيڪو روز هوندو هو اداس اداس، ويڳاڻو، سوچن ۾ گُم، پريشان.......... اڄ علي جو ذهن سڀني پريشانين کان خالي بس سامهون هئس ته دوست ۽ انهن جو ساٿ اڄ محسوس ٿيس پئي ته سُورن کان پري به ڪا زندگي آهي، سُور رڳو ذهني عذاب جو سبب بڻجن ٿا، سوچون ذهن ولوڙ ڪري رت سُڪائين ٿيون، دوستن پروگرام ٺاهيو ته هلي ٻاهر ماني کائون، سڀ گڏجي اچي هوٽل تي ويٺا، ماني جو آرڊر ڏئي سڀ گڏجي ويٺا علي ڏٺو ته ماحول ڏاڍو خوشگوار هو، ماڻهن جا هُجوم هئا، ڪافي جوڙا هئا جيڪي هٿ ۾ هٿ ڏئي آيا پئي، ڪن ماني کاڌي پئي، ڪن اُتي ماني کائي پسار پئي ڪئي، ماحول ڏاڍو وڻندڙ هو.
علي جون نظرون اڄ الائي ڇو ماحول ۾ خوبصورت منظرن کي ڏسي تجسس ڀريون ٿي پيون هيون، سوچيائين هي به دنيا آهي، هي ماڻهو به هن ڌرتي جي گولي تي رهن ٿا، دوست کي، “يار ڏس هي جوڙا جوڙا ڪيڏا خوش آهن، ڪيئن نه هڪٻئي سان انجوائي پيا ڪن!”.
دوست، “ها يار علي تڏهن ته توکي چوندا آهيون ته جيڪو بيوفا هو، جنهن کي پيار جو قدر نه هو اُن بيوفا کي ياد ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ هڪ نئين زندگي جي شروعات ڪر، ڇڏ انهن سوچن، خيالن کي، ڇڏ بيوفائن کي، ڇڏ انهن خيالن کي جيڪي توکي سُڪون نٿا ڪرڻ ڏين”.
“ها يار تون سهي ٿو چوين.......... بس اڄ کان آئون نئين زندگي جي شروعات ڪندس...
٭
زندگي سُورن سيج، زندگي ڏُک سُور، زندگي خبر ناهي ڇا آهي!!. هي سڀ ڪُجهه لُٽائي هُن بيوفا کي پنهنجو نه ڪري سگهيو هو ۽ عشق جي بُلندين تي هو ۽ هوڏانهن هُن بيوفا کي ڪا پرواهه ئي ڪونه هئي ته علي جي ڪهڙي حالت آهي ۽ هن سان ڇا ڇا ٿيو آهي!.
چوندا آهن ته جنهن کي لڳي تنهن کي خبر پوي!.
علي کي رات واري دعوت جيئڻ جو نئون گس ڏنو هو، اڄ ڪجهه قدر پنهنجي پاڻ کي رليڪس پئي ڀائنيائين، اڄ محسوس ٿيس پئي ته ڪو سالن جو ٿڪل ٽُٽل هو ۽ هاڻ وڃي رليڪس ٿيو آهي.
شام ٿي رات آئي ڊيوٽي ٽائم تي نڪري آيو، دوست سان گڏ اڄ چئنل تي ڪجهه وڌيڪ ماڻهو پئي ڏسڻ ۾ آيس، پُڇڻ تي خبر پيس ته پروگرام جي ڪا ريڪارڊنگ پئي هلي، ٿوري دير وڃي پروگرام ۾ ويٺو مزو نه آيس، خاص نه هو وري اچي پنهنجي چيئر تي ويٺو، اُتي اڄ ان ساڳي پوڙهي اداڪار کي ڏٺائين جيڪو رات جو چئنل جي پروگرام ۾ ڇت تي مليو هئس، هُن کي ڏسي ڏاڍي چاهه سان مليو، “هيلو هائو آر يُو ينگ مئن؟”.
“آءِ ايم فائن سر.......... هائو ابائوٽ يُو سر؟”.
“مي آلسو فائن ينگ مئن.......... سُڀاڻ ڪٿي هوندا اچو ته گڏجي ڪچهري ڪريون!”.
“جي سر فري هوندس ضرور ايندس”.
ٻيو ڏينهن دوست کي ٻُڌائي نڪري آيو ان اداڪار ڏي هُو به صدر ۾ فليٽ تي اڪيلو رهندو هو اچڻ سان ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيائين، پاڻ چانهه پئي پيتائين هُن کي به چانهه جو ڪپ ڀري ڏنائين، ٻنهي گڏجي چانهه پيتي پوءِ گئلري ۾ ڪرسيون رکي ويهي رهيا، زندگي جي لاهن چاڙهن جون ڳالهيون ڪندي پوڙهي دوست پنهنجي زندگي جو سڄو داستان ٻُڌايس ته هُن اڄ تائين شادي ناهي ڪئي، هُن عشق ڪيو پر سندس محبوبا جي وقت کان اڳ ۾ ڊيٿ ٿي وئي هئي ان ڪري اڄ تائين شادي نه ڪئي هئائين بس هاڻ سندس زندگي ۾ شراب جو گلاس، هي فليٽ ۽ گئلري کان سواءِ چند تصويرون هيون بس ٻيو ڪجهه نه هئس. ٻي ڪنهن شئي جي سندس زندگي ۾ هاڻ ڪا جڳهه به نه هئي.
علي کي ٻُڌايائين ته، “ماڻهو اسان کي ٽي وي تي ڏسي سمجهندا آهن ته اسان دنيا جا تمام وڏا خوشنصيب انسان هونداسين پر اسان جي لائف به سُور ئي سُور آهي!”.
علي سندس ڳالهيون ٻُڌي خاموش ئي ويٺو رهيو، ٿوري دير ۾ سندس مُلازم هڪ وڏي بوتل بلئڪ ليبل شراب جي ۽ ٻه گلاس کڻي آيو، گڏ ڪجهه کائڻ پيئڻ جون شيون به هُيون، هُن شراب جا پئگ ٺاهيا کيس پئگ هٿ ۾ ڏئي چيئرس ڪري پيئڻ شروع ڪيو.
٭
جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مستو مست مدام.........
شراب مذهبن ۾ حرام پر ان جهڙو جام دنيا ۾ ٻيو ڪوئي ناهي ڇاڪاڻ ته شراب پيئڻ کان پوءِ غمِ جانان ۽ غم دنيا وسريو وڃي!.انسان وڃي عرش تي پهچي ٿو علي ۽ پوڙهو اڌ رات تائين سِپ سِپ ڪري شراب پيئندا رهيا ۽ مختلف موضوعن تي ڪچهري به ڪندا رهيا، علي ماني کائي اُتي ئي سُمهي پيو هو ڇو ته پنهنجي روم تي پهچڻ واري حالت نه هئس.
صبح سوير اُٿيو ته بورچي چانهه ناشتو آڻي ڏنس، اُن کان دوست جي پُڇا ڪيائين هُن ٻُڌايس ته صاحب ته رات ئي نڪري ويو آ ڪا خبر ناهي ڪيڏانهن ويو، توهان جي لاءِ چئي ويو هو ته وري جلدي ملجئو.
علي وهنجي ناشتو ڪري پنهنجي جڳهه تي پهتو ته دوست اڃان سُتو پيو هو پاڻ کيس جاڳائڻ مُناسب نه سمجهيائين سو موبائل کڻي دوستن جا نمبر ڊائل ڪرڻ ويٺو، ڪجهه دوستن سان ڪچهري ڪري وري موبائل رکي ليٽي پيو.
عمومن چوندا آهن ته مرد عشق ناهي ڪندو، مرد عشق جي ع کان به واقف ناهي پر ائين ناهي علي جنهن عشق جي سطح تي وڃي پهتو هو اُتان کان رڳو فنا جو رستو پئي نڪتو، اُتان کان واپسي نامُمڪن هئي.
شام ڌاري دوست ۽ علي ٻئي نڪري پيا ٻاهر ويجهو ئي فُٽبال گرائونڊ هو جتي ڪا ٽورنامينٽ پئي هلي، اڄ علي دلچسپي سان مئچ پئي ڏٺو، ڏٺائين ته هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻئي گڏجي ويٺا آهن ۽ هٿن ۾ هٿ ڏئي هڪٻئي سان پنهنجائپ ۽ پيار مان پيا ڏسن، سندس دل ۾ اوچتو خيال آيو ۽ دوست کي ڇڏي سڌو روم ۾ هليو آيو، مٿو گُهميس پئي، نراڙ تان پگهر جي ڊگهي لڪير ڳل کي ڇُهندي هيٺ لٿي پئي، ٻئي هٿ وارن ۾ وجهي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو، سندس نظرن کي ڪنهن شئي جي ڳولها هئي، روم ۾ سڀ جڳهين تي ڳوليائين الماري کولي چيڪ ڪيائين ته سندس نظر وڃي شراب جي ننڍڙي بوتل تي پئي، چهري تي شانتي جا آثار اُڀري آيس.
هاڻ بوتل کولي بغير پاڻي ملائڻ جي سِپ سِپ ڪري پيئڻ لڳو، هاڻ سوچيائين ته کيس ان پيئڻ سان ڪجهه ڪجهه شانتي ملي ٿي، ڪجهه ذهني عذاب گهٽ ٿئيس ٿو پر علي اهو نه پئي ڄاتو ته هُن بيوفا کان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ هُو ٻي اُونهي ۽ گهري کاهي ۾ پيو ڪري!.
علي نشن ۾ جهومندو رهيو ۽ موبائل تي ميوزڪ ٻُڌندو رهيو......
٭
تنهنجي ماٺ منهنجو موت پرين
تنهنجي ياد حيات پرين..............
نشن جي خُمارن ۾ جهومڻ زندگي ۾ موجود سُورن جي گهٽتائي ثابت ٿئي ٿو پر شايد اهو به ڪو مُستقل حل ناهي، پرين جي يادن، عشق جي خُمارن، زُلفن جي لشڪارن کان مُنهن موڙڻ وسارڻ لاءِ عشق وجود جي بقا جو ضد آهي. جنهن عشق ڪيو ان وجود کي وساري ڇڏيو.
علي جنهن عمر ۾ عشق جي شروعات ڪئي، جنهن وقت کيس حضرت عشق جا نشا چڙهيا ان وقت اها عمر گُهمڻ ڦرڻ، موجن مستين جي هئي. سندس عمر ۾ ڇوڪرا شرارتون ڪندا آهن، دوستيون وڌائيندا آهن، گڏجي زندگي کي انجوائي ڪندا آهن پر هن کي الائي ڇو اهي سڀ ڳالهيون وسري ويون جو وڃي عشق جهڙي رت پياڪ بلا جي ور چڙهيو!.
عشق ۾ هُن صرف سچائي، پاڻ ارپڻ ۽ بي حد انتها کان وڌيڪ چاهڻ ئي سکيو هو. هُو جيڪو ايترو نازڪ مزاج هو جو ڪنهن ٻار جي روئڻ تي به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا هئس، دنيا م ڪٿي ڪو انسان تڪليف ۾ ڏسندو هو ته روح بي چين ٿي پوندو هئس ۽ ڪئي راتين تائين ننڊ نه ايندي هئس.
هُو جيڪو گهر ۾ سڀ کان وڏو هو، جنهن کي يتيمي اُن عمر ۾ حصي ۾ آئي جڏهن ٻارن کي اڃان اها به خبر ناهي هوندي ته هنن جون ضرورتون ڪيئن ٿيون پوريون ٿين!. بس هو ته اسڪول لائف کي انجوائي ڪندا آهن.
علي طبيعتن ڏاڍو ٿڌو مزاج، سمجهدار ۽ احساس رکڻ وارو ڇوڪرو هو. هو هميشه چوندو هو ته اهو پيار محبت ڪجهه به ناهي، آئون ته قصا ڪهاڻيون پڙهي پڙهي ٿڪجي پيو آهيان مون کي ته ناهي ٿيو. هُو اها ڳالهه ورجائي ڪندو هو. چوندا آهن ڪڏهن زبان مان نڪتل ڪا ڳالهه به قُبول ٿي ويندي آهي سو هن جي اها ڳالهه به قبول ٿي پئي ۽ هي عشق جي پنڌ جو راهي ٿي پيو.
هُوءَ بيوفا جنهن کي هن دل جي گهرائي سان چاهيو، جنهن لاءِ هن سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو ايستائين جو هُن کي يقين ڏيارڻ لاءِ انتهائي قدم به کنيائين پر هُن جو شايد ايترو نصيب خراب هو جو علي جي جذبات عشق کي سمجهي نه سگهي ۽ اهڙي ماڻهو جي ساٿ کان محروم ٿي وئي........
٭
عشق وڃائڻ!، عشق لا حاصل........ پوءِ ڪهڙو مطلب ڪرڻ عشق جو؟.
”علي.......... علي............ علي...........!”.
دوست زور سان سڏيندو رهيو پر علي مدهوشي جي دنيا ۾ ڪو سڏ ئي نه ٻُڌو، علي سڄي رات پيئندو رهيو هو، خيال ئي نه رهيو هئس ته ڪيترو پيتو اٿائين، دوست ٻانهن کان وٺي جنجهوڙيندي اُٿاريس، اکيون مهٽيندي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پر دماغ زور سان چڪرائجي ويس، سمجهه ۾ نه پئي آيس ته هن کي ڇا ٿي ويو آهي!.
ٿڙندو واش روم پهتو، مُنهن کي ٿڌو پاڻي هڻي مٿي تي ٿڌو پاڻي لڳايائين ڪجهه سامت ۾ آيو، ٻاهر آيو پر دماغ اڃان به چڪرايس پئي، لڳو ته هينگ اوور ٿي ويو هئس. دوست، “يار علي ڇا آهي؟، ڪيتري دير ٿي وئي آهي اڃان سُتو پيو آهين، بُک کان منهنجو بُرو حال ٿي ويو آهي!”.
علي، “يار اڃان هاڻ صبح ٿيو آهي ڇو ٿو رڙيون پيو ڪرين!”.
دوست، “علي صاحب ٿورو گهڙي ڏي ڏسو ڇا ٽائم ٿيو آهي؟”.
علي گهڙي کي ڏٺو ڏينهن جا ٻه پئي ٿيا، “يار واقعي ٽائم جام ٿي ويو آهي تو مون کي اٿاريو ئي ڪونه!”.
“يار علي صبح کان رڙيون ڪري ڪري ٿڪي پيو آهيان اُٿين تڏهن نه يار!”.
“رات مون کي ماني ڇو ڪونه ڏنئو!؟”.
“اڙي توکي ماني جو هوش ڪٿي هو؟، اسان ماني کائي سُمهي پياسين پوءِ به تو ويٺي پيتو........... يار ماني ته رات واري اڃان پئي اٿئي..........
علي، “خير يار هل ته رات واري رهيل ماني، ناشتو ۽ هينئر واري گڏجي هلي کائون!”، علي کلندي چيس.
خير علي کي اڃان به هينگ اوور هئس، علي ؟ دوست ٻئي گڏجي ٻاهر آيا، گڏجي ماني کاڌن، شام جو گڏجي آفيس آيا، چئنل تي اڄ علي جي دل نه پئي لڳي بس عجيب حال لڳو پيو هئس، عشق ڪري اڳي ئي حال خراب هئس وري جڏهن کان پيئڻ شروع ڪيو هئائين تڏهن کان دماغي حالت اڃان وڌيڪ بگڙجندي پئي ويس.
چئنل تي رات به عجيب هوندي آهي هرڪو پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ مُنهن هڻي ڪم ۾ رُڌل هوندو آهي، ڪنهن کي ڪنهن جو هوش نه هوندو آهي، علي سوچيو پئي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪري، دل پئي ڪيس ته بس ڳالهائيندو رهي، ڪو هُجي جنهن سان سڀ سُور سلي پر سڀ ڪم ۾ بِزي رات جا ٽي وڳا آهن ڪال به ڪنهن کي نه پيو ڪري سگهي ٻاهر به نه پيو وڃي سگهي بس عجيب ڪشمڪش، بي چينيءَ، بي سڪوني مٿو ڦريس پيو، ٻنهي هٿن سان مٿو جهلي ڪُرسي تي ٽيڪ لڳائي ويهي رهيو!.
٭
علي محسوس ڪيو پئي ته هاڻ سندس حواس ڪم ڪرڻ ڇڏيندا پيا وڃن، هاڻ هُو نارمل ناهي رهيو پر دوستن جي همٿ ۽ حوصلي ڏيارڻ تي ڪڏهن ڪڏهن بهتر محسوس ڪندو هو.
اڄ علي بيچينيءَ واري ڪيفيت ۾ هو، سڄي رات ڊيوٽي تي به ڪو سُڪون محسوس نه ڪيو هئائين بس اچڻ سان ئي بستري ۾ ڪري پيو هو. دوست ماني لاءِ اٿاريس پر نه اٿيو. وري اچي رات ٿي هئي پر علي اڄ اٿيو ئي نه هو. اڄ رات موڪل هئس ان ڪري رات جو اڪيلو ئي نڪري پيو.
اچي ٻاهر ويٺو هو ڪيتري ئي دير شاهراهه فيصل تي هلندڙ گاڏين کي ڏسندو رهيو بس نظرون روڊ ۾ کُپي ويون هئس، علي ويهڻ کان پوءِ اهو وساري ويٺو هو ته هُن کي واپس به وڃڻو آهي!.
رات جا ٻارنهن ٿيا پئي علي مسلسل ويٺو رهيو، هوڏانهن دوست پريشان هو، علي جو موبائل به روم تي پيو هو، هُو ڳولهيندي ڳولهيندي اچي علي وٽ پهتو هو، علي جي ڪُلهي تي هٿ رکيائين ته علي ڇرڪي پيو، دوست کي ڏسي پُڇيائين، “ته تون ڪڏهن آيو آهين؟”.
دوست، “يار علي ڇا ٿي ويو آهي توکي!؟. آئون ڪيترو پريشان ٿي ويو هئس، تون موبائل به روم تي ڇڏي آيو آهين يار اهو ڇا آهي ڀلا!؟”. دوست ڳالهائيندو رهيو پر علي کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي ته هو ائين ڇو پيو چوي. دوست، “يار اچ ڀلا ماني کائون تو صبح کان ڪجهه ناهي کاڌو!”.
علي بس ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ خاموشي سان دوست سان گڏ هلڻ شروع ڪيو، ماني کائي ٻئي روم تي آيا، ٽائم رات جو هڪ پئي ٿيو، دوست سُمهي پيو پر علي کي ننڊ نه پئي آئي وري ساڳي بيچينيءَ ٿيڻ لڳي هئس، مٿو چڪرايس پئي، خبر نه پئي پيس ته هُو ڪٿي آهي!.
علي هاڻ مڪمل خاموش رهڻ لڳو هو، ٻئي ڏينهن ڊيوٽي تي به نه ويو، ننڊ به نه پئي آيس، اکيون ڳاڙهيون لال هئس، علي هاڻ ذهني طور ڊسٽرب ٿي ويو هو، هُن جو ذهن پنهنجي جڳهه تي نه رهيو هو.
٭
رقص دل هي جاري تيري عشق ڪه سازون په
ڪوئي ايسا سُر نه ڇيڙ ڪه دل تڙپ ڪه مر جائي....
هُو جنهن عشق ڪيو، هُو جنهن وفا ڪئي، هُو جنهن پاڻ ارپيو، هُو جنهن سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو، هُو جيڪو عشق ڪرڻ ڄاڻيندو هو، هُو جنهن جي من ۾ ڪا ميراڻ نه هُئي، هُو جيڪو وِک وِک تي هُن کي ياد ڪرڻ وارو هو، هُو جنهن هن کي ديوتا وانگر پُوڄيو هو، جنهن خواهشُون ختم ڪري ڇڏيو، هُو جيڪو صرف هُن لاءِ زندهه هو!.
اڄ هُن جو دماغ خالي کوکو ٿي پيو هو، هُن جي دل ۽ دماغ جي ڪنيڪشن ڪاٽا ٿي چُڪي هئي، اڄ علي سائڪالاجيڪلي بيمار ٿي چُڪو هو. دوستن علاج ڪرايس پئي وس آهر پُٺيان گهر به نه پئي ٻُڌائي سگهيا ڇو ته گهر جو وڏو علي ئي هو!.
علي جنهن کي هاڻ اهو به هوش نه رهيو هو ته هُو ڪري ڇا پيو!، وڃي ڪيڏانهن پيو!، ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪري ويندو هو ۽ بس هلندو رهندو هو خبر نه پوندي هئس ته ڪيترو پنڌ ڪيو اٿائين!. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه ڏينهن ننڊ نه ايندي هئس، اي ٽي ون ٽئبليٽ ٻه ٻه گڏ کائيندو هو پوءِ به ننڊ نيڻن جي ڀرسان به نه گذرندي هئس.
علي ڪراچي جي مشهور سائڪالاجسٽ کي ڏيکاريو پئي جنهن جو چوڻ هو ته علي کي گهرو صدمو پهتو آهي جنهن ڪري رڪوري (ٺيڪ ٿيڻ) لاءِ ٽائم لڳي سگهي ٿو، علي سڀ ڪجهه وڃائي به ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو هو ها باقي علي عشق جو هڪ نئون قصو داستان جوڙيو هو!.
٭
عشق جنين جي اندر سي ٿُلها ڪين ٿين!.
عشق جن کي لڳو تن کي وڻ ويڙهي جيئان وڪوڙي ڇڏيندو آهي، عشق سهي معنى ۾ پاڻ وڃائڻ ئي آهي ڇو ته عشق جي منزل جُنون جي حدن تي وڃي رسندي آهي ۽ جنون انسان کي ڪٿان کان کڻي ڪٿي پهچائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن انسان جي وس ۾ هُجي ها ته هوند عشق ڪڏهن به نه ڪري ها!.
عشق ڪرڻ فنا ٿيڻ کي ڏسي دنيا جا سڀ عاشق ان پنڌ کان شايد پري ڀڄن ها پر عشق اُهو جذبو آهي جيڪو وس ۾ ناهي، بس عشق ٿي ويندو آهي، جڏهن ٿيندو آهي ته فنا ڪري ڇڏيندو آهي.
علي جي حالت ڏينهنون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وئي، هاڻ ڊاڪٽر هُن کي چيو هو ته مڪمل آرام ڪري پر آرام اچي ڪٿان!؟. سُڪون الائي ڪيڏانهن علي کان رُسي هليو ويو هو. سُک ڪهڙي ديس جو رهواسي هو هُن کي اُها ڄاڻ به نه هُئي!. سوچي ٿو ڪاش دنيا ۾ ڪا اهڙي بازار هُجي جتي خوشي، سُک، شانتي وڪامي ته پنهنجو سڀ ڪجهه وڪڻي رڳو ڪجهه پلن جي خوش خريد ڪري وٺان!.
پاڙي ۾ شادي جي دعوت هئي علي جي دوست کي به دعوت هئي دوست کيس زبردستي دعوت ۾ وٺي ويو، اُتي هر طرف خوشي ۾ ٻهڪندڙ چهرا، نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون، پوڙها پوڙهيون، ٻار سڀ خوش لڳا پيا هئا، انجوائي ڪين پئي، علي به دوست سان هڪ ڪُنڊ وٺي ويهي رهيو، کيس ماحول وڻندڙ لڳو پئي پر بيچينيءَ اڃان به ٿيس پئي. اندر ۾ گُهٽ ٻُوسٽ جو احساس پئي ٿيس، ائين ڀائنيائين پئي ڪنهن کڻي اهڙي اونداهي ڪوٺي ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿس جتي روشني سان گڏ هوا جو گُذر به ناهي هوندو، ساهه تي مونجهارو پئي ٿيس، دوست کي چيائين آئون روم تي ٿو وڃان...............
٭
سانسين تو بس اڪ نمائش هين
ميري اصل زندگي تو تم هي هو.
سائڪالاجسٽ کي ڏيکارڻ جي تاريخ اچي وئي هئي، علي ڪڏهن ميڊيسن وٺندو هو ته ڪڏهن ڄاڻي ٻُجهي نه وٺندو هو يا وري ڪڏهن بي خيالي ۾ وٺڻ وسري ويندي هئس. بس ائين ئي وري ڊاڪٽر کي طبيعت ڏيکارڻ جي تاريخ اچي وئي هئس.
اڄ دوست سان گڏ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي آيو هو، علي ڪافي ڏينهن کان گهر به نه ڳالهايو هو، گهران ڪال ايندي هئس ته بس مختصر ڳالهه ٻولهه ڪري رکي ڇڏيندو هو، کيس اڄ محسوس ٿيو پئي ته پويان امان اڪيلي آهي، ڀاءُ ننڍا آهن انهن جو ڇا ٿيندو!؟. جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته امان مري ويندي......... بس احساس هو جنهن اندر ۾ وڍ وڌس پئي، سوچيائين پئي هُنن جو ڪهڙو ڏوهه؟ جيڪي منهنجي آسري ويٺا آهن، هُو مون کان سواءِ ڪيئن رهي سگهندا؟.
ڊاڪٽر سان ملاقات به اڄ ڪجهه قدر سُٺي ماحول ۾ ٿي هئس ڇو ته رش ڪونه هئي، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مريض ويٺل هئا، ڊاڪٽر، “پُٽ هن عمر ۾ ڊپريشن تمام خطرناڪ آهي جيڪڏهن تون پنهنجي پاڻ تي ڪنٽرول ڪندين ۽ ميڊيسن پراپر وٺندين ته جلدي ٺيڪ ٿي پوندين. تون مون سان شيئر ڪر ته ڇا جي ڪري تون رليڪس نه پيو رهي سگهين؟”.
دوست ڊاڪٽر کي سڀ ڪجهه پهريان ٻُڌائي چُڪو هو پر ڊاڪٽر علي جي زباني پئي ٻُڌڻ چاهيو. علي پنهنجو سڄو عشق جو داستان ڊاڪٽر کي ٻُڌايو، ڊاڪٽر، “پُٽ ڀلا ڪنهن هڪ انسان لاءِ پنهنجي زندگي تباهه برباد ڪبي آهي ڇا؟؟، هيڏي ساري دنيا پئي آهي ان ۾ هزارين ڇوڪريون موجود آهن تون ڪنهن سان به ڳالهائي سگهين ٿو يا تون شادي ڪري ڇڏ”.
علي ٿڌو ساهه ڀري ڊاڪٽر ڏي نهاريو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ڊاڪٽر صاحب اهو عشق جيڪو آهي نه اهو قاتل زهر اٿئي جنهن کان بچڻ ناممڪن آهي ڀلا توهان ٻُڌايو توهان ڪڏهن عشق ڪيو آهي؟”.
تو ڪڏهن نه پُڇيو
ڪيئن جيئان پيو................!!!.
٭
درد کي آ شاباس
جيڪو نڀائي پيو
علي جي سوال ڊاڪٽر کي مُنجهائي وڌو هو، ڊاڪٽر گهري سوچ ۾ گُم ٿي ويو هو سوچيائين پئي هن کي ڪهڙو جواب ڏي، گهڻو سوچڻ کانپوءِ به جڏهن ڪو جواب نه سُجهيس ته علي کي چيائين، “پُٽ تون ڳوٺ وڃ توکي هاڻ ماحول تبديل ڪرڻ کپي!”.
علي کيس ڏسندو رهيو بس ائين ڳالهيون ختم ٿيون ۽ ڊاڪٽر وري هڪ پرچو ڪارو ڪري علي جي دوست کي ڏيندي چيو، “ته هي دوا وڃي استعمال ڪريو الله بهتر ڪندو!”.
علي سوچڻ لڳو الله ته پالڻهار آهي خلقيندڙ آهي ته پوءِ کيس منهنجا ڏُک، سُور، تڪليفون نظر ڇو نٿيون اچن؟، کيس منهنجون دانهون، آهون ٻُڌڻ ۾ ڇو نٿيون اچن؟. ڇا پاڻ ٻُڌڻ جي سگهه کان محروم ٿي ويو آهي يا ٻُڌڻ نٿو چاهي!. علي مٿي آسمان طرف ڏسي ٿو کيس هاڻ الله سان به شڪايت ٿيڻ لڳي آهي، کيس سمجهه نٿو اچي ته ڇا ڪري!!. اڄ صدر مان نڪرندي لڪي اسٽار چورنگي کان اڳيان واري ڳليءَ مان گُتي تان شراب جو ليٽر وٺي دوست سان گڏ روانو ٿئي ٿو، روم تي اچي دوست سان سڄي رات شراب پيئي ٿو، سڄي رات شراب پيئندو رهي ٿو ۽ صادق فقير جي سُريلي آواز ۾ مختلف ڪلام ٻُڌندي ٻُڌندي رات کي کُٽائي ٿو.
صبح جو سج پنهنجا پر پکيڙي چُڪو آهي، هر طرف روشني ٿي وئي آهي، پاڙي جي گهرن جون دريون ڳليءَ طرف کُلي ويون آهن، ڪٿان ٻارن جي روئڻ جو آواز پيو اچي ته ڪٿان وري صبح جي ناشتي ڪرڻ لاءِ اسڪول ويندڙ ٻارن جي مائرن پاران کين ناشتو ڪرڻ لاءِ دڙڪا ٻُڌڻ ۾ ٿا اچن، علي روم ۾ ڀِت کي ٽيڪ لڳايو ويٺو آهي، ننِڊ سندس نيڻن مان ائين غائب آهي جيئن سندس رُٺل محبوبه کائنس ڏُور آهي!.
سوچي ٿو ڊاڪٽر به حد درجي جو بيوقوف آهي، کيس ڪهڙي خبر ته عشق جي مرض جو ڪو علاج ناهي!. عشق لا علاج بيماري آهي کيس ته اُها بيماري لڳل آهي جنهن سسئي کي پُنهون پُٺيان جبل جهاڳڻ تي مجبور ڪيو، جنهن سُهڻي کي درياءَ پار ڪرڻ لاءِ اُڪسايو کيس سندس بيماري جو اڄ سُٺي نموني احساس ٿئي پيو، علي پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندي ڳائي ٿو، “اسان کي او سُهڻا وساري نه ڇڏجئو..........
٭
بهول تو جائون تجهي پر ميري پاس باقي رهيگا ڪيا!؟.
کيس عشق ان چئو واٽي تي اچي بيهاري ڇڏيو هو جتان کان هاڻ سمجهه نه پئي پيس ته ڪهڙي رستي تي نڪرجي!.
علي جي عليل ٿيڻ کان پوءِ بس هڪ ئي دوست نڀايو هئس جيڪو اڃان تائين گڏ هئس، کيس ياد پيو پنهنجي شهر وارو يار جيڪو روز چوندو هئس، “علي هي ڇوڪري سهي ناهي تون ان جي پچر ڇڏي ڏي، تون سڌو سادو ماڻهو آهين هي شهري ڇوڪريون بيوفا هونديون آهن هي رُڳو گلئمر جي پُٺيان ڀڄنديون آهن، هي موسم سان مٽجڻ واريون آهن، هي توکي دوکو ڏيندي!”.
پر علي عشق جي اُٺ تي چڙهيل کيس اهي ڳالهيون بلڪل به سمجهه ۾ نه اينديون هيون بس هي سوچيندو هو ته عشق شروع عشق آخر، عشق ڪلمو عشق مذهب، عشق خوشي عشق زندگي، عشق حيات عشق سُونهن، عشق سِڪ، عشق سڀ ڪجهه...........!!.
هن ڀائنيو ته سندس زندگي جي منزل اُها ئي آهي سوچيندي سوچيندي سُڏڪا ڀري روئڻ ٿو لڳي، سوچي ٿو، “الله سائين اهي عشق محبت جا احساس ڇو ٺاهيا؟، ماڻهو سڀ بي حس هُجن ها، مون کي به ڪو احساس نه هُجي ها، آئون به سُڪون سان رهان ها، عشق جو احساس به نه هجي ها ته اهي سُور به نه هُجن ها!”.
سوچي ٿو، “مُعاشري جا ڪردار ايڏا سنگدل ۽ سفاڪ ڇو ٿي ويا آهن؟. هن سندس لاءِ زندگي نالي ڪري ڇڏي پر هُوءَ جنهن کي ڪو احساس ناهي!. هُوءَ گلئمر جي پُٺيان ڀڄي سُٺي زال نه بڻجي سگهي، چمڪ پويان “ٻانهي” ٿي ويهي رهي!”. سوچي ٿو، “ڪڏهن ته کيس منهنجي محبت جو احساس ٿيندو ۽ جڏهن احساس ٿيندس ته هُوءَ به تڙپندي روئندي پر ان وقت آئون جام پري هليو ويندس سڀني کان ڏُور................
٭
هم ني تاخير سي سيکهي هين محبت ڪي اصول
هم په لازم هي تيرا عشق دوباره ڪر لين...............
تنهنجي بيوفائي توکي هڪ ڏينهن ضرور ڏنگيندي جڏهن دنيا توکي دوکو ڏيندي، جڏهن دنيا توسان بيوفائي ڪري توکي رڻ ۾ رولي ڇڏي هلي ويندي ان وقت توکي ياد ايندو ته تو ڪيڏو وڏو ڏوهه ڪيو آهي، دل ڏُکائڻ مها پاپ آهي، ڏُک ڏيڻ، دل ٽوڙڻ ڪنهن کي سُورن حوالي ڪرڻ گُناهه ڪبيره آهي، مان سمجهان ٿو دنيا جي مذهبن جي خبر اُنهن جي ڄاڻن کي بس آئون ايترو سمجهان ٿو ته تون مها پاپي آهين تون بيوفا آهين!.
اڄ علي کي الائي ڇو هُن تي ڪاوڙ پئي آئي شايد اُن ڪري ته پاڻ ذهني طور تي اپ سيٽ ٿي پيو هو، ان ڪري کيس هاڻ عشق لفظ تي ڪاوڙ پئي آئي پر اهو به سچ هو ته عشق سندس وجود تي قابض ٿي چُڪو هو. علي ڪيترو نه چاهيو هو ته ان عشق جي بيماري مان جان ڇُٽي پر چاهيندي به پاڻ جان نه ڇڏائي سگهيو هو.
علي کي سائيڪالاجيڪل بيمار عشق ڪيو هو، ڊاڪٽر چيس پئي ته گهڻو سوچڻ جي ڪري ذهن تي دٻاءُ پيو آهي ۽ تون ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو آهين، نفسياتي طور تي جڏهن انسان جو ڪنهن هڪ شئي تي فوڪس ٿي پوندو آهي ۽ وري اتان کان کيس ڪو خاطر خواهه نتيجو نه حاصل ٿيندو آهي ته انسان جي اندر ان شئي سان رليٽڊ سوچ پئدا ٿيندي آهي ۽ انسان ڏينهن رات ان شئي جي باري ۾ سوچڻ لڳندو آهي، سوچي سوچي خيالي طور تي ان ۾ گُم ٿي پوندو آهي ۽ اها گُمنامي ئي سندس لاءِ دنيا کان ڪٽجڻ جو سبب بڻجندي آهي.
علي ان گُمنامي جي آخري اسٽيج تي پُهچي چُڪو هو، کيس هاڻ گهٽ شيون محسوس ٿينديون هيون، هُو هميشه خيالن ۾ گُم رهڻ لڳو هو، جڏهن هوش حواس ڪم ڪندا هئس وري شراب پيئندو هو، شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي جهومندو هو، ڪڏهن راڳ ٻُڌندو هو ته ڪڏهن پنهنجي مُنهن ويٺو راڳ کي جهونگاريندو هو...........
٭
رضائي يار په خواهش ڪو وارني والي
عجب سخي هين محبت مين هارني والي.......
“علي او علي.............. ڪٿي آهين يار!”. دوست علي کي سڏ پئي ڪيا پر علي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري بُت بڻجيو ويٺو هو. دوست ٻانهن کان جهلي سڏ ڪيس، “علي ڪيتري دير کان توکي پيو سڏيان جواب ڇو نه پيو ڏئين؟، ڪٿي گُم آهين؟”.
علي، “يار اتي ئي ڪيڏانهن ويندس!. تون ٻُڌائي ڇا ٿيو؟”.
“يار ٿيو ته ڪُجهه ناهي بس اڄ چئنل جي آفيس تان ڪجهه دوست ٿا اچن ۽ پئسو به گهٽ آهي سوچيان پيو ڇا ڪجي!”.
“يار ان ۾ سوچڻ واري ڳالهه ڪهڙي آهي؟. اڄ ماني گهر ٿا ٺاهيون”.
“پر علي يار مون کي ڪجهه نٿو ٺاهڻ اچي”.
علي، “تون ٽينشن نه وٺ تون چڪن وٺي اچ آئون پاڻهين ٺاهيان ٿو باقي مانيون ٻاهران وٺي وٺنداسين!”.
دوست چيس، “ٿئنڪس يار علي”.
علي، “ان ۾ ٿئنڪس جي ڪهڙي ڳالهه آهي سڀ کان گهڻو ته آئون کائيندس اڌ رڌيندي ۽ اڌ مهمانن سان گڏ!”.
دوست ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي کلي پيو علي به زور زور سان کلڻ لڳو، علي اڄ وڏي عرصي کان پوءِ کليو هو، اهو ڏسي دوست به خوش هو ته علي جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي، چيائين، “عشق ڏُکيو اٿئي!”.
چيومانس، “اسان ته فنا ٿي چُڪاسين هاڻ ڏُکيائي ڇا جي!؟”.
شام ٿي دوست ڏسيل سامان وٺي آيو هو، علي چڪن ليمن ڪڙهائي ٺاهڻ جي تياري پوري ڪري ورتي هئي، ايستائين چئنل تان دوست به اچي ويا هئا اهي پاڻ سان ٻه بوتلون به وٺي آيا هئا، سڀني دوستن علي کان پُڇيو، “يار تون چئنل تي ڇو نه پيو اچين؟، خير ته آهي!؟”.
علي جي بدران دوست جواب ڏنن، “يار علي ٻي جاب جي ڳولا ۾ آهي هتي کيس مزو نه پئي آيو!”.
علي دوستن سان ويهي اڄ پاڻ کي فريش محسوس ڪري رهيو هو. اڄ گهڻي عرصي کان پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کليو هو، سڀني دوستن علي جي ڪُوڪنگ جي تعريف پئي ڪئي، موبائل جي گهنٽي وڄڻ جو آواز ٿيو ته علي ننِڊ مان سُجاڳ ٿيو، دوست ته رات جو ئي هليا ويا هئا، اُٿي ٽائم ڏٺائين ته ڏينهن جا ڏهه پئي وڳا، موبائل ۾ نمبر ڏٺائين ته ڀاءُ جو نمبر هو گهران ڪال پئي آيس.
٭
عشق رنجيدن ڪُفر است
عشق جي مذهب ۾ رنج رهڻ ڪُفر آهي.
علي ڪال اٽينڊ ڪري هيلو چيو ته پريان امڙ جو آواز ڪنن سان ٽڪرايس، “هيلو ڪيئن آهين علي پُٽ؟. ڪٿي گُم آهين ڪا ڪال به نٿو ڪرين!، طبيعت ڪيئن اٿئي؟، نوڪري ڪهڙي پيو ڪرين؟، پُٽ هيترا ڏينهن ٿيا آهن پئسه به ڪونه موڪليا اٿئي ضرورت به حد کان وڌي وئي آهي!”. پريان کان علي جي امان مسلسل ڳالهائيندي رهي ۽ علي بُت بڻجيو موبائل ڪن سان لڳايو ٻُڌندو رهيو.
امڙ وري ڳالهائي بس ڪئي ته وري هيلو هيلو ڪيائين، “علي پُٽ ٻُڌين ٿو؟، ڪٿي گُم ٿي وئين ڪو جواب ته ڏي پُٽ!؟”. علي جي امان ڪري جواب ڏنو، اداسي سندس لفطن مان ظاهر ٿي پئي، ڳالهائڻ شروع ڪيائين، “امان طبيعت بس بهتر آهي ۽ نوڪري ڇڏي ڏني اٿم، هاڻ نئين جي ڳولا پيو ڪريان”.
امڙ سندس ڳالهائڻ جي انداز مان سمجهي وئي ۽ چيائينس، “علي پُٽ تون فڪر نه ڪر، تون پريشان نه ٿي بس گهڻئي ٿي ڪراچي جي نوڪري واپس ڳوٺ هليو اچ اسان کي تنهنجي نوڪري نٿي کپي بس”.
علي ڳالهه ٻُڌي ته ڪُجهه سُڪون محسوس ٿيس ڇو ته ڪافي عرصي کان علي به اها ڳالهه امان کي چوڻ پيو چاهي پر الائي ڇو چئي نه سگهيو هو، امڙ به ڪيڏي نه وڏي سائڪالاجسٽ هوندي آهي ٻار جي من کي ائين پڙهي وٺندي آهي جيئن ڪا اسڪينر مشين سڀ ڪجهه اسڪين ڪري وٺندي آهي.
علي، “جي امان آئون جلد واپس ايندس!”. چئي ڪال ڪٽي ڇڏي.
٭
پاڻ ڳوليان پاڻ کي
ملي نه ٿو مون،
مدد ڪر ڪا تون
ته پسان آئون پاڻ کي.............!!.
علي جي هاڻ ڪراچي ۾ دل نه پئي لڳي. هوڏانهن گهر وارا به هِن جي ڪري پريشان هئا، علي دوست کي چيو، “يار هاڻ مون کان هتي نٿو رهجي بس هاڻ آئون واپس گهر وڃڻ ٿو چاهيان!”.
دوست ڏٺو ته علي هاڻ ڪُجهه بهتر پئي لڳو، هُن به چاهيو پئي ته علي ڀلي پنهنجن جي وچ ۾ رهي ته جيئن طبيعت بهتر ٿئيس سو علي کي چيائين، “ٺيڪ آهي علي جيئن تنهنجي دل ڪري تون ڀلي وڃ توکي دل سان اجازت آهي پر پاڻ اڄ شام ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرايون پوءِ ڀلي تون سُڀاڻ نڪري وڃجان.”.
علي ۽ دوست گڏجي ٻنپهرن جي ماني کاڌي، دوست شام جو علي جي لاءِ آفس تان موڪل ورتي هئي، شام ٿي ته ٻئي ڄڻا ڊاڪٽر وٽ وڃي پُهتا. ڊاڪٽر علي جي طبيعت ڏسي ٻُڌايو ته هاڻ علي جي طبيعت بهتر آهي ۽ هاڻ هُو گهر وڃي سگهي ٿو، اُهو ٻُڌي علي جي چهري تي مُسڪراهٽ اچي وئي.
علي کي خوش ڏسي دوست به خوش ٿي ويو ۽ چيائينس، “هل يار هلون سي ويو تي ڪي پل هلي موسم جو مزو وٺون”.
علي ۽ دوست سي ويو تي اچي پُهتا ان وقت هلڪي بُوند هلي پئي تمام پيارو ۽ وڻندڙ منظر هو، چوڌاري رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ٻارڙا سمُنڊ جي ڪناري ڊوڙيا پئي، ڪي جوڙا هٿ هٿن ۾ ڏئي دنيا کان بي نياز ٿيو پاڻيءَ ۾ پير پُسايو پسار ڪري رهيا هئا، علي به ڪافي دير سمُنڊ کي گهوري ڏسندو رهيو، اڄ سندس دل ۾ ماٺار هئي، اڄ علي هُن “بيوفا” جي باري ۾ نه پئي سوچيو، بس سمُنڊ ڪناري گڏ ٿيل ماڻهن کي پئي ڏٺو!.
ڪافي دير ٻئي ڄڻا سمُنڊ ڪناري تي گهُمندا رهيا، رات جي اونداهي ٿي وئي هئي، سج هاڻ گُم ٿي ويو هو دوست چيو، “يار علي هتي ئي ماني کائي پوءِ واپس هلجي”.
علي، “نه يار مون کي منهنجي دوست ڏي وڃڻو آهي آئون سُڀاڻ ڪراچي کي هميشه لاءِ الوداع ڪري پيو وڃان سو دل چئي پئي ته ساڻس هڪ ملاقات ڪجي تنهنجو ڇا مُوڊ آهي هلون؟”.
دوست چيو، “ڀلي هل”.
علي پوڙهي اداڪار دوست کي فون ڪيو پريان کان هُن خوش ٿيندي چيو، “ويلڪم ويلڪم مسٽر علي آئون به اڪيلو فلئٽ تي ويٺو آهيان اچو”. علي ۽ دوست فلئٽ تي پُهتا ته هُن سندن ڪافي گرمجوشي سان استقبال ڪيو، هُن اڳي ئي سڄو بندوبست ڪري ڇڏيو هو، ٽيبل تي وڏي شراب جي بوتل ۽ چرڪاڻ رکيل هئي، بورچي برائون چڪن ٻوٽيون به ٺاهي اچي رکيون هيون، ڪچهري هلندي رهي علي ٻُڌايس ته، “آئون هميشه لاءِ ڪراچي کي الوداع چئي وڃان پيو”. اهو ٻُڌي هُو ٿورو اُداس ٿيو پر وري ٻئي لمحي نئون پئگ ٺاهي چيئرس ڪندي چيائين، “مطلب اڄ اسپيشل سيليبريشن آهي!. پاڻ هميشه گڏ آهيون تون منهنجي دل ۾ رهندين علي!”.
علي به گرمجوشي سان ڀاڪر پاتس، محفل هلندي رهي هي سڄي رات شراب پيئندا رهيا....
٭
سُنو تمهين ايڪ راز ڪي بات بتائون
جهان تُم نهين هوتي، وهان لمحي اُداس هوتي هين!.
علي ۽ سندس دوست صبح جو سوير دوست جي فلئٽ تان نڪتا ۽ اچي صدر مان ڪوچ جي ٽڪيٽ ورتي، ٽڪيٽ شام جو پنج بجي جي هئي، علي ۽ دوست ٻئي واپس اچي رهائش واري جڳهه تي پهتا، فريش ٿي گڏجي ناشتو ڪين پوءِ علي جي دوست ٻين سڀني دوستن کي ڪال ڪري چيو ته علي اڄ واپس ڳوٺ وڃي پيو اچو سڀ ته ڪچهري ڪريون.
دوست هڪ هڪ ٿي اچي پُهتا هئا، هڪڙو دوست ته ڏينهن جو ئي بوتل وٺي اچي نڪتو هو، سڀئي دوست علي سان ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ سان مليا، سڀني علي کي چيو ته اسان توکي ڪڏهن نه وساري سگهنداسين، تون اسان جو پيارو دوست آهين.
ڪچهري هلندي دوست بوتل کولي ورتي هئي ۽ سڀني جا پئگ ٺاهي ورتا هئا، سڀني پنهنجا پنهنجا پئگ کڻي ورتا پر علي شراب جو پئگ دوست کي واپس ڪندي چيو، “يار اڄ کان بس شراب بند”.
دوستن زور ڀريو ته علي چين، “يار ڇا توهان نٿا چاهيو ته آئون نئين زندگي شروع ڪريان!؟. بس اڄ کان جيئن آئون پنهنجي شهر واري بس ۾ چڙهندس ته هي پُراڻي زندگي وساري نئين زندگي شروع ڪندس سو پليز........
دوست ان ڳالهه تي ڏاڍا خوش هئا ته علي اڄ ايترو پُرسُڪون ۽ پُر اميد آهي، سڀني دوستن علي جي نئين زندگي لاءِ نعرو هنيو ۽ چيئرس ڪري جام پي ورتو، ڪچهري هلندي ڏينهن جي ماني به اچي وئي، سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ علي کي سامان پئڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
ٽائم ڏينهن جا چار پئي ٿيا سامان پئڪ هو، سڀني دوستن فيصلو ڪيو ته علي کي گاڏي تي چاڙهي اچن سو سڀ گڏجي صدر پُهتا. علي اڄ ڪراچي جي روڊ رستن، عمارتن کي الوداعي نظرن سان ڏسي رهيو هو.
علي سڀني دوستن سان ڏاڍي پيار سان ڀاڪر پائيندي موڪلائي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو، ٽائم ٿي چُڪو هو گاڏي هلڻ لڳي هئي، دوست ٻاهران کان علي کي هٿ لوڏي الوداع چئي رهيا هئا علي به هٿ لوڏي کين الوداع چيو ته سندس نيڻن مان ٻه لُڙڪ هيٺ ڪري پيا......
٭
جيئن جيئن گاڏي تيزي سان هلي پئي تيئن تيئن علي جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي پئي وئي، اُن وقت هُو اُهو اندازو نه پئي لڳائي سگهيو ته اها بيچيني ڇو پئي ٿئيس!. ڇا هُو واپس بيوفا جي شهر ڏي پئي ويو ان ڪري؟، يا گهڻي عرصي کان پوءِ گهر وڃڻ جي جلدي هئس!.
بس علي اکيون پوريو سيٽ کي ٽيڪ ڏيو ليٽيو پيو هو، سندس ذهن ۾ خيالن جو وهڪرو تيزي سان هليو پئي الائي ڇا ٿيندو!. متان منهنجي واپس اچڻ جي کيس خبر پئجي وڃي!، متان هُن کي ڪا تڪليف پهچي!، متان هُوءَ ڪاوڙجي پئي.............
علي جي دماغ ۾ عجيب خيال آيا پئي ان وقت گاڏي ٽول پلازه تي بيٺي هئي، جُوس ۽ مختلف شيون وڪڻڻ وارن جي هوڪن تي علي خيالن جي دُنيا مان واپس ٿيو ته ڏٺائين گاڏي حيدرآباد ٽول پلازه تي پهتي هئي. هاڻ علي جي منزل ويجهو هئي بس ڪجهه ڪلاڪن جو سفر هو، علي گهر ميسيج ڪيو آئون اچان پيو ۽ سندس چپن تي مُرڪ اچي وئي، سوچيائين انهن ماڻهن جي باري ۾ ڇا سوچڻو جيڪي بيوفا آهن!. بس هاڻ پنهنجي گهر امڙ ۽ ننڍن ڀاءُ ڀيڻن جي باري ۾ سوچڻو آهي، پنهنجو فيوچر ٺاهڻو آهي، هي جيڪي هيترا سال خوامخاهه ۾ خراب ڪيا اٿم محنت ڪري اهو عرصو زندگي جي بُڪ تان ڊليٽ ڪرڻو آهي.
علي جي چهري تي هاڻ سُڪون اطمينان نظر پئي آيو، علي جُوس واري ڇوڪري کان جُوس خريد ڪيو ۽ دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ لڳو.
٭
علي جيڪو پاڻ مُرادو پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي شهر کان ڏُور هليو ويو هو اڄ ڪافي عرصي کان پوءِ واپس پئي آيو، جيئن جئين علي پنهنجي شهر جي ويجهو ٿيندو پئي ويو تيئن خوشي سان گڏو گڏ دل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ تڪليف جو احساس پُڻ ٿيس پئي!.
علي اڄ انتهائي همٿ ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪندي ان تڪليف کي پنهنجي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه پئي ڏنو، علي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته واپسي پهچڻ کان پوءِ پُراڻا گذريل لمحا خواب وانگر ڀُلائي ڇڏبا ۽ پنهنجي زندگي ۾ نئين جوش جذبي سان پيار ۽ اُمنگ جو ٻج ڇٽبو، اُهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏبو جيڪو علي سان ٿيو، جنهن علي کي ايتري اذيت ڏني.
گاڏي هاڻ علي جي شهر جي ويجهو پهچي چُڪي هئي، علي دريءَ مان ٻاهر پنهنجي شهر جا روڊ رستا پئي ڏٺا، ڏسندي ڏسندي گاڏي شهر ۾ داخل ٿي ۽ بس اسٽاپ تي پهچي وئي، علي پنهنجي پاڻ کي سنڀالي اُٿيو ۽ پنهنجو سامان کڻي بس مان هيٺ لٿو، گهڻن سالن کان پوءِ شهر ۽ شهر جي ماڻهن تي نظر ڊوڙايائين ڪُجهه به نه بدليو هو، ساڳا منظر ساڳا روڊ رستا، ساڳيون بلڊنگون علي اڃان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو پئي ته سندس ڀاءُ اچي اسٽاپ تي پهتو جيڪو علي کي وٺڻ آيو هو، علي ننڍي ڀاءُ سان ڏاڍي پيار سان ڀاڪر پائي مليو ۽ ساڻس گڏ سامان کڻي گهر ڏي روانو ٿيو.
٭
علي ڀاءُ سان گڏ گهر پهتو ته امڙ کي ڏسي روئي پيو ۽ ڀاڪر پائي سُڏڪا ڀرڻ لڳو، کيس گهڻي عرصي کان پوءِ سامهون ڏسي امڙ جي اکين مان به ڳوڙها وهي نڪتا، علي ڪافي دير امڙ جي ڀاڪر ۾ ٻارڙن وانگر روئندو رهيو ۽ گهڻي دير کان پوءِ سامت ۾ آيو ته امڙ کيس پنهنجي هٿن سان پاڻي پيئاريو ۽ حال احوال وٺڻ لڳس.
علي خودڪشي ۽ بيماري واري ڳالهه کان علاوه سڀ ڪُجهه امڙ کي ٻُڌايو، علي هاڻ مُڪمل ٺيڪ ٿي چُڪو هو، ڀاءُ سان ۽ ٻين گهر وارن سان ڪچهري ڪري فريش ٿي ليٽي پيو هو. شام جو اُٿي دوستن ڏي ويو، ڪراچي وڃڻ کان پوءِ دوستن سان به رابطو ڪٽي ڇڏيو هئائين سو سڀني کان معافيون وٺي ڪچهريون ڪيائين ۽ سالن کان رُٺل ٽهڪ ورجايائين. اڄ کيس محسوس ٿيو ته دوست زندگي جو اُهو حصو آهن جتان رڳو پيار ۽ ٽهڪ ملي سگهن ٿا.
ٽهڪ ڏيندي ڪچهريون ڪندي رات جا ٻه ٿي ويا هئا، دوستن علي جي اچڻ جي خوشي ۾ دعوت ڪئي هئي، هن هاڻ شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو هو سو ماني کائي گهر پهتو. اڄ علي کي سُڪون واري ننِڊ آئي هئي ڇو ته علي سڀني سوچن کي ذهن مان تڙي ڪڍي ڇڏيو هو.
صبح جو علي وهنجي تيار ٿي ناشتو ڪري بورڊ آفس روانو ٿيو اُتان پنهنجا سڀ سرٽيفيڪيٽ ڪڍرائي واپسي ٿيو. گهر اچي موبائل کنيائين ته ياد آيس اهو موبائل ۽ اها سِم اها ساڳي ئي هئي جنهن تي هُن بيوفا سان پهريون ڀيرو ڳالهايو هئائين، گهڻي دير موبائل کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ اچانڪ اُٿي ڪِچن ۾ ويو ۽ باهه ٻاري اُهو موبائل ۽ سِم باهه جي حوالي ڪيائين.
باهه جي مٿان ايتري دير بيٺو رهيو جيستائين موبائل مڪمل سڙي نه ويو. علي سرٽيفيڪيٽ کڻي فائل ۾ رکيا ۽ طئي ڪيو ته پنهنجي رهيل پڙهائي شروع ڪبي ۽ اهو طئي ڪيو ته وري ٻيهر “عشق” نه ڪبو!!!.
***