ڪوسٽر واري ڇوڪري
هو زرعي يونيورسٽي مان ميرپورخاص لاءِ ڪوسٽر ۾ چڙهيو. ڪوسٽر ۾ اندر داخل ٿيو ته تيز آواز ۾ ڪلام پئي وڳو، “ڪنهن ته نڀاڳي نظر ماري، ٽُٽ ڳئي تيڏي ميڏي ياري!”.
خار مان، “اسان وتون سُڃ ۾ ۽ هي وري ياري ٿو ٽوڙي!”. پاڻ ٻروچڪو ٻار هجڻ ڪري صفا ڀورل انگريز لڳو پيو هو، هتان هُتان سيٽ لاءِ جهاتيون پائيندي وڃي نظر پوئتي خالي سيٽ تي پيس سو سوڙهه سڪوڙ ڪري ويهي رهيو.
جتي ويٺل هو ٺيڪ سندس اڳئين سيٽ تي هڪ جوان ڇوڪري ۽ هڪ پوڙهي مائيءَ ويٺل هيون، پوڙهي پن جي ٻيڙيءَ مان پاٽويون واري ٽرين جهڙا دونهان پئي ڪڍيا، پاڻ اک ٽيٽ سان جهاتي پائي ڇوڪري ڏي ڏٺائين ته ڇوڪري به مسڪرايو. هل ڙي مڙس اصل ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي. ڏٺائين ڪم ٿي ويو، بس اصل ساهه جي رفتار ريس واري ڀلي گهوڙي وانگر ٿي ويس. وار ٺاهڻ لڳو مار ڪوسٽر ۾ ڪو شيشو ئي نه هجي شڪل ڪٿي ڏسي، ڪوسٽر واري تي اهڙي ڪاوڙ پئي آيس اصل وس پُڄيس ها ته ڊريڪولا ٿي رت پي وڃيس ها خير اکين جا اشارا مسڪراهٽون قصو وڌيو پئي تان جو اچي بس ٽرمينل ميرپورخاص تي بيٺي.
پاڻ کي سنڌڙي شهر وڃڻو هئس پر ڇوڪري جي نظرن کان پاڻ کي پري ڪري نه سگهيو، ڇوڪري سانگهڙ وڃڻ واري بس ۾ چڙهي ويٺي، پاڻ به سندس پاسي واري سيٽ تي وڃي ويٺو، ڇوڪري اشاري سان ڪرايو ڏيڻ لاءِ چيس، هن ڪرايو ڏنو وري اهي ئي اکين جا اشارا مسڪراهٽون..........
اچي بس سنڌڙي شهر پهتي پاڻ هاڻ پريشان ٿي پيو ته هاڻ ڇا ڪري؟. ڇوڪري سندس اُڻ تُڻ سمجهي وئي سو آهستي سان چيائينس، “ته اسان سان اڳتي هل”. هي به گڏ ويهي رهيو سنڌڙي ۾ نه لٿو، سانگهڙ بس اسٽاپ تي جيئن پهتا ته ڇوڪريءَ سڏ ڪيس پاڻ سندس ويجهو ويو، ڇوڪريءَ چيس ته اسان لاءِ سموسا ڪولڊ ڊرنڪ وٺي اچ.
هُو هڪ ساهيءَ وڃي وٺي آيو، ڇوڪري ۽ هُن جي ماءُ هاڻ ڳالهائڻ شروع ڪيس ٻُڌاين ته، “اسان اصل نوابشاهه جا آهيون ۽ حيدرآباد ڪم سان ويل هئاسين ان کان پوءِ ٽنڊوڄام مائٽن مان ٿيندا هاڻ واپس نڪتا آهيون، تون اسان کي سُٺو لڳين، اسان سان گڏ هل نوابشاهه!”.
هي اصل خوشي مان نه پيو ماپي. زندگي ۾ پهرين ڇوڪري وڻي ۽ اها به ايتري پياري پيار ڪرڻ واري واهه!. اصل ڳوٺ وڃڻ وسري ويس ساڻن گڏ نوابشاهه نڪري پيو. وري ڪرايو هن ڀريو جيئن نوابشاهه پهتا هنن رڪشو ڪرايو، هي نئون نئون ڪڏهن نوابشاهه آيل ڪين هجي سو رستن جي ڪا خبر نه هئس، رڪشو مختلف روڊن رستن تان ور وڪڙ کائيندو هلندو اچي هڪ سوڙهي گهٽي ۾ بيٺو، ڇوڪري ۽ پوڙهي لٿيون هن کي به گڏ گهر ۾ وٺي ويون.
هي پريشان به هجي نئين جڳهه، نوان ماڻهو ۽ وري خوشي به ٿئيس ته ايتري سُهڻي ڇوڪري مون سان سيٽ ٿي وئي واهه صفا ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾!.
ڇوڪري هن کي هڪ ڪمري ۾ ويهاريو ۽ پاڻ چانهه ٺاهي کڻي آئي، پوڙهي ته گهر اچڻ کان پوءِ خبر ناهي ڪيڏانهن وئي، هنن چانهه پيتي، ڇوڪري آهستي آهستي هن سان فري ٿيڻ شروع ٿي، هن جي ويجهو ٿي ته هن جي جواني جو جوڀن به ڀڙڪو کائي اُڀري پيو. هڪٻئي جي ويجهو ٿيندي رومينس ڪندي سڀ حدون پار ڪري وڃي ان سرحد تي پهتا جنهن جي کيس سخت ضرورت هئس.
ڇوڪري هن کي دل سان پيار ڪيو، هن به پنهنجي جواني جي مڌ جو ڀريل پيالو ڇلڪائي ڇڏيو. جڏهن ٻئي واندا ٿيا ته ڇوڪري هن کي وهنجڻ لاءِ باٿ روم ڏيکاريو، هي وهنجي فريش ٿي ٻاهر نڪتو ته ڇوڪري هن جي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهندي چيس ته وري اچجان مون کي وساري نه ڇڏجان.
هي اڳي ئي سڪايل سو قول واعدا ڪري نڪرڻ لڳو ته ڇوڪري حُجت ڪري سندس ٻٽون مان هزار جو نوٽ ڪڍي ورتو ۽ چيو ته هي تنهنجي طرفان پيار جو تحفو آ. هي خوشي ۾ ٻهڪندو مسڪرائيندو ٻاهر نڪتو، رڪشي واري کي سڏ ڪري چيائينس ته بس اسٽاپ تي ڇڏي اچ.
وري رڪشي ۾ ويهندي خيال آيس ته هن کان پڇي وٺان هي ڪهڙي جڳهه آهي ته جيئن وري اچڻ ۾ سولائي ٿئي. رڪشي واري کان پڇيائين، “چاچا هي ڪهڙو علائقو آهي؟”.
رڪشي وارو پهريان ته مُنهن ۾ نهاري کليس پوءِ ٻُڌايائين ته، “بابا هي جتي تون بيٺو آهين اهو نوابشاهه جو “چڪلو” آهي”.
***