ڪُڪڙ ۽ ڪانءُ
“يار ڪُڪڙ تنهنجي ته وڏي لئي لڳي پئي آ!”.
“اڙي ڪارا ڪهڙي لئي؟، بس پيا ساهه کڻون”.
“نه يار تو کي چِڀڙ خان وڏو تاتي تيار ڪيو آ، روز ٿو بادام، کير، اخروٽ، مکڻ، فروٽ کارائي!”.
“اڙي ڪارا ڪانءُ مون سان ظُلم آ توکي ڪهڙي خبر!”.
“اڙي ظُلم!؟؟، توسان وري ڪهڙو آ؟. ظُلم ته مون سان آ ڪير ٿلهي تي نٿو ويهڻ ڏئي، هر گهر ۾ ڪراڙيون سندن ٻارن کي به منهنجي نالي سان ٿيون بي عزتو ڪن، “هل ڙي ڪارا ڪانءُ، ڪهڙو اچي گهر تي ڪانءُ ويهاريو اٿئو، اڙي هن نڀاڳي ڪانءُ کي ڀڄايو ڇو گهر مٿان ويٺو آ، ڪانءُ جهڙي شڪل وارا...........”، ڏس مون سان ڪيڏو ظُلم آ، هاڻ ته ڪراڙيون ماني جو لولو به ٻاهر ڪونه رکن چون متان ڪارو ڪانءُ کڻي وڃي!!”.
“يار واقعي ظُلم ته وڏو آ توسان پر مون سان جيڪو ظُلم آ اهو توکان وڏو آ”.
“اڙي ڪوڙا بادام مکڻ کايو صفا مست لڳو پيو آهين ۽ وتين ٿو رڳو مون کي ڪوڙ هڻندو”.
“ابا تون تيار ٿي سُڀاڻ اچجان جمن فقير واري ڪلر ۾ اتي چڀڙ خان ميل رکيو آهي ڏسي وڃجان مون سان ڪهڙو ظُلم آ!”.
ڪانءَ تيار ٿي ڪلر تي پهتو، چڀڙ ڪڪڙ کي تيار ڪري اصل اجرڪ ۾ ويڙهي اچي پهتو، ميل شروع ٿيو ته ڪانءُ واري يار ڪڪڙ کان سامهون وارو ڪڪڙ ڪجهه سوايو هو سو اچي کڙهين جا وارا ڪيائينس پنج منٽن ۾ ساڻو ٿي ڪري پيو. وري اچي چڀڙ خان پاڻي جا ڦوهارا ڏنس اصل سيڪي اکين تي ٿڌو پاڻي هڻي سڄي مُنڍي وات ۾ وجهي سني ليون واري ڪسنگ ڪيائينس ته ڪجهه ساهه وريس، ڀائنيائين ته هاڻ جان ڇُٽي پر وري جو ميل ۾ لاٿائينس ته اصل ڪياڙي واريون کڙهون لڳس.
وڙهندي وڙهندي ڪنڌ مان رت وهڻ لڳس ته ڦيريون پائي پٽ تي اچي ڪريو ته ڪانءُ مٿان کان ڦيرا ڏئي ڪانءُ ڪانءُ ڪيس تڏهن اکيون پٽي چيائينس، “ابا هاڻ ڏس ظُلم توسان وڏو يا مون سان؟”.
ڪانءُ کان اکين مان ڳوڙها وهي آيا.
***