شرابي ڪُتو
ڪچهري هلندي رهي جام کُلندا رهيا. پيگ مٿان پيگ اصُل بوتلن جو اُٺ خالي ٿي ويو!. سنگت جون ڪچهريون، حُجتون، مستيون وڌنديون ويون تان جو اچي اڌ رات کُٽي. ميزبان دوست سڀني کي ماني جي لاءِ سڏيو، هرڪو ٿِڙندو ٿاٻڙندو ماني جي لاءِ اٿيو. سڀ اچي ماني جي چئوڌاري گڏ ٿيا.
ماني جي شروعات ٿي ته اڪثر دوست نشي جي ان سطح تي هئا جو کين کاڌي جي ذائقي جي به خبر ڪونه پئي. پريان کان انيل هڪل ڪئي، “ابا هي گائي ماتا جو گوشت آهي آئون ڪونه کائيندس!”، ته هُن پاسي کان علي هڪل ڪئي، “هي مٽن ٽيسٽي اٿئو اهو کائو”.
هُن وشنو ته دهي ۾ ماني ڀوري ويٺي کاڌي، هيڏانهن ذُلفي پورو ٻوڙ جو ڏونگهو گوڏن تي رکيو ويٺو هو ان وچ ۾ ميزبان ٿورو هوش ۾ اچي چُڪو هو ۽ وچ ۾ رڙ ڪيائين، “اڙي نڀاڳئو هي ڳئون ماتا ۽ ٻڪري جو گوشت ڪٿان آيو هي ته فارمي ڪُڪڙي آهي!”.
سڀ نشن ۾ هوندي به ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي کليا. ماني پوري ٿي ته ميزبان سڀني کي چيو، “ابا ڪير به وڃڻ جي ڪوشش نه ڪري سڀني جي رهڻ جو بندوبست آهي”.
پر علي ۽ انيل زبردستي نڪري ويا. انيل موٽرسائيڪل هلائي پئي، ٻئي ڪچهريون ڪندا ويا پئي، موٽرسائيڪل به ڪڏهن روڊ جي هُن پاسي ته ڪڏهن هِن پاسي اچانڪ خبر ئي نه پين ته موٽرسائيڪل ڪيئن سِلپ ٿي ڪري پئي ۽ ٻئي اُڇلجي اچي روڊ تي ڪريا.
علي جيڪو پُٺيان ويٺل هو اُن پاڻ اُٿڻ کانپوءِ انيل کي به اٿاريو ۽ اٿارڻ سان گار ڏيندي چيائينس، “اڙي انڌا سڌي روڊ تي ڪيئن اچي ڪيرايو اٿئي ته انيل معصوميت سان جواب ڏنو آئون ڇا ڪريان “ڪُتو” اڳيان اچي ويو!”.
علي، “اڙي ته پوءِ ان ڪُتي کان بچائين ها نه ڇو اچي سڌو هنئيي!”.
انيل وري نشي جي خُمارن ۾ جواب ڏنو، “آئون ڇا ڪريان نڀاڳو “ڪُتو” نشي ۾ هو سامهون اچي ويو............ علي حالت آ اڄڪلهه ته خبر ئي نٿي پوي ڪُتا به نشي ۾ ڌُت ٿيو روڊن تي پيا ڦِرن!.”
***