ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

حلال روزي

حلال روزي

سيٺ تازو عمرو ڪري وريو هو. هونئن ته سيٺ اڪثر عمري تي ويندو هو ۽ جلدي اچي ويندو هو پر هن دفعي پورو مهينو رهي پوءِ آيو هو. اچڻ سان وڏي خيرات ڪيائين. تر جا سڀ سيٺ پيڊين وارا، دُڪانن وارا گهرايائين. رڳو وڏين گاڏين جون قطارون هيون.
هئي هئي سڀ نيڪو ڪار اچي گڏ ٿيا هئا. پاڻ اچي ڪچهرين ۾ کُليا، ڪنهن ٻُڌايو ته مون پنج عمرا ڪيا آهن، ڪنهن چيو ته ڏهه، ڪِن ته ويهه به ڪيا هئا، سڀ صوم صلوات جا پابند نظر پئي آيا.
سيٺ الحاج محمد قاسم جنهن جي خيرات تي اچي گڏ ٿيا هئا ان سڀني سان حال احوال ڪندي پُڇيو، “ڏيو خبر ڀلا هيلوڪو ڪڻڪ ڪنهن اسٽاڪ ڪئي آهي؟”. پهريان سيٺ پاڻ ئي ڳالهه چوري، “هن واري ڪڻڪ گهٽ آهي مون ته پنج هزار مڻ رکي آهي ٻه پارٽيون لڳل آهن بليڪ تي پنج سئو رپيا وڌيڪ ملن پيا”.
ٻئي سيٺ چيو، “مون به هيل دوائون لڪائي ڇڏيون هيون، پنج سئو واري ٿيلهي اٺ هزار جي ماڻهون منٿون ڪري وٺي ويا!”.
ٽئين سيٺ ٻُڌايو، “ته هيل کنڊ جو اسٽاڪ سڄو مون وٽ هو. مهينو ته ماڻهن کي مِٺاڻ کان محروم ڪري ڇڏيم”.
چوٿين سيٺ چيو، “اسان ته ڪريانه جو سامان اسٽاڪ ڪندا آهيون سو مڙئي انٽريسٽ سُٺو مليو وڃي!”.
پنجين سيٺ چيو، “مون کي ته ٽينشن ئي ڪونهي پنجن بئنڪن مان منافعو اچي پيو!”. ائين ڪچهريءَ هلندي رهي، سڀ پنهنجي نيڪي جا قصا ٻُڌائيندا رهيا، سيٺ الحاج محمد قاسم چيو، “سبحان الله سڀ حرام کان پري رهجئو..... ۽ ائين خُدا جي بندن جي خدمت ڪندا رهو......
***