ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

پاڪائي

پاڪائي

“بابا سليمان پُٺيان آفيس ۽ ٻنيءَ واري اوطاق جو خيال رکجان آئون وڃان پيو ڀلي پار “عمري شريف” لاءِ!”.
سليمان؛ “جي سائين!”.
“بابا ٻيو ڪو ڪم ڪار هجي ته ڇوري خُدو کي چئجان ته پاڻهين مون کي فون تي ٻُڌائيندو ۽ ها هاڻ وڃڻو اٿم ڪريم ڏني صاحب جي آفيس، صاحب ڀلوڙ ماڻهو آهي پر پُٺئين هفتي ٻنيءَ جي کاتن تان مڙئي ڏند چڪ ٿي پئي هُئي سو بخشرايان ته جيئن ڀلي پار ڪنهن جو قرض ۽ ڪا ڪاوڙ ڪروڌ نه کڻي وڃان”.
سليمان جي سائين چئي خاموش ٿي ويو، اڄ کيس اُميد هئي ته صاحب ڀلي پار وڃڻ کان اڳ ۾ سڀ قرض چُڪتو ڪندي کيس به ياد ڪندو ۽ هارپي جي بچت جا لک رپيا ۽ ڇهه مهينن جي رهيل پگهار ڏيندو پر صاحب کان “ڀلي پار” جي حُب ۾ سليمان جو قرض ائين وسري ويو جيئن واڻئي کان وياج وٺڻ جي خوشي ۾ اصل رقم وٺڻ وسري ويندي آهي.
***