ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

انقلابي

انقلابي

“اڙي مٺو اڄ تو وارو يار انقلابي نظر نٿو اچي؟”.
“چاچا خبر ناهي ڪلهه ڏينهن جو ته گڏ ويٺا هئاسين چيائين پئي اسان سنڌي ماڻهو هاڻ عنقريب ريڊ انڊينس وانگر اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين ۽ ڌارين جي وڌندڙ آبادي پاڻ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندي، هي وقت آهي جو اسان کي پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ ڪا سگهاري عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي!”.
چاچو، “هونهه..... اهي اڄڪلهه جا ڇورا به پاڻ کي وڏو ليڊر ٿا سمجهن اسان جي وڏن سامهون اهي انگريج آيا اهي ڀڄي ويا هي وري ڇا آهن هاڻ ڇورا هليا آهن ملڪ بچائڻ!”.
مٺو، “پر چاچا اها ته حقيقت آهي پنهنجي سنڌ ۾ هاڻ ڌارين جي آبادي ڪروڙن کان ٽپي وئي آهي”.
چاچو، “اڙي معتبر تون هاڻ اهو ٻُڌائي ته اهي ماڻهو جيڪي هتي رهن پيا اهي سڄي عمر ته ڪونه رهندا ڪمائي هليا ويندا”.
مٺو، “نه چاچا ڀُليو آهين هن گورنمينٽ سڄن پناهگيرن کي ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن ۽ چون پيا ڪراچي ۾ بحريه ٽائون ٺهڻ کانپوءِ سڄي سنڌ جي شهرن ۾ بحريه ٽائون ٺهرائي پناهگيرن کي وسائڻ جو پروگرام ٺاهيو اٿن”.
چاچو، “ابو........... چئبو ته معنى ائين آهي!؟. اسان سمجهون پيا ته هي ڪي اسان جا سڄڻ آهن. ابا مرحوم پاڪستان ٺهڻ وقت هتي پنجاهه مهاجرن کي مسلمان ڀاءُ سمجهي رهايو هو انهن اڳتي هلي اسان جي پاڙيسري سيٺ گودو مل جي گهر ۽ دڪان تي قبضو ڪري ورتو هو ، چئبو ته ويڌن آ”.
“جي چاچا انقلابي ويچارو ته ڏاڍيون رڙيون ٿو ڪري پر هتي سڀ ماڻهو چون ٿا هي چريو آهي، ڪلهه به رياست پاران گُم ڪيل سنڌي ماڻهن لاءِ مظاهرو هو، وٺڻ آيو هو ابي ڏاڍيون گاريون ڏنس ۽ مون کي به وڃڻ ڪونه ڏنو!”.
چاچو، “ابا هاڻ تون فڪر نه ڪر هي چاچو توسان گڏ آهي، پاڻ گڏجي ماڻهن کي سمجهائينداسين”.
“مٺو مٺو.... او مٺو.............
“الو ڇا ٿيو ڇا؟، خير ته آهي!؟”.
“مٺو تو واري يار انقلابي کي الائي جي ڪير ماڻهو هئا ڪارن ڪپڙن ۾ ٻن ويگو گاڏين تي فيضو واري دڪان تان کڻي ويا”.
چاچو، “الو.......... مٺو هل ته پُڇا ڪيون”.
“نه چاچا اهي رياست جا ايجنسيز جا ماڻهو هئا، انهن انقلابي کي کنيو آهي!”.
“پر انقلابي ته ويچاري ڪڏهن مک به نه ماري هئي.....
“ها چاچا انقلابي پُرامن جدوجهد تي يقين رکندو هو، هُو چوندو هو ته عدم تشدد ئي انقلاب جي پهرين سيڙهي آهي، هو ويچارو ته سنڌ ۽ سڄي سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو محبوب سمجهندو هو ۽ سنڌ جي ترقي جي ڳالهه ڪندو هو، گُم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندو هو پر الائي ڇو رياست کي هن جي پُرامن رهي احتجاج ڪرڻ کان به ڊِڄ ٿيو جو کڻي ويس!”.
چاچو، “مٺو تون ۽ مان به اڄ کان جدوجهد ڪنداسين، لِڪي زندگي گُذارڻ کان جدوجهد ڪندي مرڻ بهتر آ........... اچ مٺو هل ته انقلابي جي لاءِ احتجاج ڪريون”.
***