نسل
سڀني ويٺلن چيو، “سبحان الله حق حق پير صاحب!”، آچن چيو، “نُور مِٺي جو قسم مون اهڙو نيڪ انسان زندگي ۾ ناهي ڏٺو”.
ولڻ چيو، “سائين جي چهري تي نُور ته ڏسو اصل چوڏهين جو چنڊ پيو چمڪي”. ائين محفل ۾ ويٺل سڀ غريب غُرباءَ مُريد سرٻاٽن ۾ پير سائين جون تعريفون ڪندا رهيا. مُحسن کي اها ڳالهه سمجهه م نه پئي آئي سو اُتان کان اُٿي هليو آيو.
اچي پنهنجي پيءُ سان سڄي ڳالهه ڪيائين ته پير صاحب ڇا پئي چيو، مُحسن، “بابا هي پير صاحب واقعي ايڏو نيڪ ۽ پُهتل آهي ۽ هن جو شُجرو وڃي حضُور جي خاندان سال ملي ٿو”.
مُحسن جي پيءُ پهريان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو پوءِ رازداري سان پُٽ کي ٻُڌائڻ شروع ڪيو، “پُٽ اصل ۾ هيءَ افغاني نسل جا پٺاڻ آهن، هنن جو ڏاڏو گڏهه تي ٻه رليون کڻي هتي آيو هو پوءِ هتي هنن سيد، پير، مُرشد سڏائڻ شروع ڪيو ۽ چيو ته اسان حضُور جي آل آهيون. اسان جي اٻوجهه ماڻهن هنن کي ديوتا سمجهي پُوڄڻ شروع ڪري ڇڏيو، آهستي آهستي اسان جا غريب ماڻهو انتهائي غريب ٿي پيا ۽ هي معزز پير صاحب هزارين ايڪڙ ٻنين، مال ملڪيت جا مالڪ ٿي پيا، پُٽ هنن جو نسل ناهي هي “بي نسلا” اٿئي........
***