ڪافر
اوطاق تي ڪچهري پئي هلي مُرشد سائين رکئيي جي درگاهه کي نئون ٺهرائڻ لاءِ چندي گڏ ڪرڻ جي علي وڏن جون خبرون چارون ويٺي ٻُڌيون.
چاچي حاصل چيو؛ “مُرشد سائين جي درگاهه جا اسان ابن ڏاڏن کان مُريد آهيون، اسان تي اهو فرض آهي ته اسان سائين جي درگاهه کي نئون ٺهرايون، اُن لاءِ سڀ کان پهرين آئون هڪ ڍڳو ٿو ڏيان!”.
چاچي حاصل جو ڍڳي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته ٻيا ڳوٺ وارا ڀلا ڪيئن پوئتي رهن ها!. سو چاچي صدوري ويهه هزار، سومر ٽيهه ڪٽا ڪڻڪ جا، وڏيري واحد لک رپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ائين سڀني ڳوٺ وارن مُرشد سائين رکئيي جي درگاهه لاءِ چندو گڏ ڪري ورتو.
علي جيڪو ان سڄي ڪچهري کي غور سان ٻُڌي رهيو هو آخر ۾ اُٿيو ۽ سڀني کي مُخاطب ٿي چيائين؛ “چاچا سائين اوهان سڀئي مون کان وڏا آهيو، سڀني جو تجربو به مون کان وڌيڪ آهي، چاچا گُستاخي معاف....... اوهان درگاهه ٺاهڻ لاءِ ته چندو گڏ ڪري ورتو آهي پر اوهان پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪڏهن خرچ ڪندئو!؟، چاچي حاصل جو پُٽ انٽر ڪيو ويٺو آهي، چاچو کيس يونيورسٽي وڃڻ جا پئسا نٿو ڏئي، چاچا صدورو پنهنجا ٻار مڊل اسڪول ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي، وڏيري وارا ڇورا وتن ٿا گڏهيون ڊوڙائيندا...... ڀلا اوهان ان مُرشد سائين رکئيي کي ڇڏي پنهنجي ٻارن جي لاءِ ڪڏهن سوچيندئو!!؟؟”.
علي جو ايترو چوڻ هو ۽ چاچي حاصل ڪچهري ۾ ويٺلن جو لحاظ نه ڪندي علي کي گار ڏيندي چيو؛ “اوهان ڪالهوڪا وات ڳاڙها ڇورا...........!!، اسان کي ٿا سيکاريو ته اسان غلط پيا ڪريون!؟. اڙي توهان ٻه ڪتاب پڙهي “ڪافر” ٿي پيا آهيو. تون مُرشد جي خلاف بڪواس بند ڪر نه ته اتي ئي پورو ڪندوسانءِ!”.
علي اُداسي سان سڀني کي ڏٺو ۽ رڳو ايترو چئي سگهيو؛ “جاهلو...... “جاهل مُرشدن” جي چڪر ۾ پنهنجا نسل جاهل نه ڪريو!”.
پريان کان سڀني گارين جا ڌُوڙيا ڪندي علي کي ڌڪ هڻڻ لاءِ چپلن ۾ هٿ وڌا ته علي به پيرن تي زور رکيو ۽ سيڪنڊن ۾ اوطاق مان غائب ٿي ويو.........
٭٭٭