ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

تانيا

تانيا

غريب گهر مان هجن باوجود به هُن پنهنجي پڙهائي نه ڇڏي، کيس ڊاڪٽري پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هُوءَ هميشه پنهنجي امڙ ابي کي چوندي هئي ته ڊاڪٽر ٿي انسانن جي خدمت ڪندي ۽ هي جيڪي ڊاڪٽري ڪوس گهر لڳا پيا آهن انهن کان هٽي ڪري عام ماڻهن جي مفت ۾ خدمت ڪندي.
پڙهڻ ۾ ڀڙ هجڻ سان گڏ عقل ۾ به سرس هئي . کيس ان ڳالهه کان هميشه چِڙ هوندي هئي ته اسان جو سماج ڇوڪرين کي ايتري اهميت ڇو نٿو ڏئي؟. ڇا ڇوڪريون انسان ناهن!؟.
کيس ته ان ڳالهه کان به سخت چِڙ هئي ته هُوءَ جڏهن اسڪول مان پڙهي نڪرندي هُئي ته آوارا بِشني ڇورا هميشه اسڪول جي ٻاهران بيٺا هوندا هئا ۽ هُن کي ۽ سندس سهيلين کي هميشه تنگ ڪندا رهندا هئا.
هُن ته سندن هزار بار شڪايت به ڪئي هئي پر اسڪول جي پرنسپل اهو چئي چُپ ڪرائي ڇڏيندي هئس ته بابا هو وڏن ماڻهن جا پُٽ آهن اسان جي ڪجهه ڳالهائينداسين ته نقصان پهچائيندا ۽ هي ويچاري هميشه چُپ ٿي ويندي هئي.
هُو رئيس جو بِشني ڇورو هو، جنهن تانيه کي حد کان وڌيڪ تنگ ڪيو هو. ڪجهه ٽائم ته اسڪول وڃڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. هُن هر حيلي بهاني سان تانيه کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر تانيه جنهن جا خواب ته آسمان کي ڇُهندا هئا، جنهن جي من ۾ ته ڪئي آسون اميدون هيون کيس ڪڏهن نهاري ڏٺو به نه هئائين.
هُو رئيس جو ٽرڙو پُٽ نشي ۾ ڌُت ٿي تانيه جي گهر م گهڙي پيو هو، ٿاڻو ڪجهه قدمن تي هو، تانيه جون اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪنهن به آسي پاسي ۾ رهندڙ انسان کي ٻُڌڻ ۾ نه آيون. ٿاڻي جا سپاهي رئيس جي پُٽ جي ڏنل اوبر تي ڪُتي وانگر ڪريل هئا، هُن بِشني ڇوري تانيه سان زبردستي ڪندي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.
هُن “بي ضمير مُعاشري جي با ضمير غيرتمند” ڇوڪري مزاحمت ڪئي ۽ پوءِ هُن ٽرڙي ڇوري جي گولي جو بک بڻجي وئي.
اُن کان پوءِ تر جي وڏن سيدن پنهنجي بڇ جي ڪُتي وڏيري جي ٽرڙي پُٽ کي پروٽوڪول ۾ محفوظ هنڌ پهچائي ڇڏيو. هي جيڪو مرتيو ٿيو اهو تانيه جو نه بلڪه انسانيت جو مرتيو هو، هن مُئل قوم جي ضمير جو مرتيو هو.
***