گهڻا ٻار
“فاطمه...........
“جي سائنڻ.............
“ڇوري تون وري پيٽ سان ٿي وئي آهين!؟”.
“جي سائنڻ الله جا احسان آهن وري پيٽ سان آهيان سائنڻ!”.
“ڇوري شرم ڪر. هي ڪائون نمبر ٻار اٿئي!؟”.
“سائنڻ مالڪ ڪرم ڪيو آهي ستون نمبر آهي سائنڻ!”.
“ڇوري تو وارو مُڙس ڀلا ڪهڙو ڌنڌو ٿو ڪري؟”.
“سائنڻ چنگچي رڪشا ٿو هلائي!”.
“ڇوري ڀلا ڏينهن ۾ گهڻا ڪمائي ٿو اچي؟”.
“سائنڻ مڙئي الله جو شُڪر آهي چار پنج سئو بچائي ايندو آهي سائنڻ!”.
“ان پئسن مان گهر سُٺو ٿو هلي؟”.
“سائنڻ بس ڇا سُٺو ٿو هلي!، روز جو اٽو کنڊ چانهه ۽ ٻارن جي دوا پوري مس ٿي پوي مٿان وري جيڪو پنجاهه کن بچي ٿو ان مان مون وارو مُڙس ٺري جي ٿيلهي وٺيو اچي بس سائنڻ ائين ئي زندگي جو گاڏو گهلجي پيو!”.
سائنڻ؛ “ڇوري پوءِ جڏهن ايتري آمدني نه اٿئو ته ايترا سڄا ٻار ڇو ڄڻيا اٿئو؟”.
فاطمه ڪنن جي پاپڙين کي هٿ لائيندي نڪ تي کڻي هٿ رکيو؛ “سائنڻ توبهن توبهن ڪريو الله جو پاپ لڳندو ڀلا ٻار به ڪي اسان جي وس آهن ڇا!؟ الله سائين پاڻ ڏيندو آهي ان ۾ اسان ڪيئن ٿا دخل اندازي ڪري سگهون ۽ اولاد پئدا ڪرڻ ته عورت تي فرض آهي کيس ان اولاد جي صدقي بي انتها ثواب ملي ٿو ۽عورت لاءِ الله سائين پاڻ جنت ۾ جاءِ ٺاهي رکي ٿو!”.
سائنڻ؛ “ائي ڇوري مار پوئي ڪا.......!، توکي ڪنهن ٻُڌايو ته گهڻا ٻار پئدا ڪرڻ ثواب آهي؟”.
“سائنڻ هُوءَ اسان جي پاڙي وارو سائين خُدن مُلان آهي نه ان منهنجي مُڙس کي اهو ٻُڌايو هو.”.
سائنن؛ “فاطمه بابا دُنيا چنڊ تي وڃي پهتي آهي هاڻ تون به بس ڪر ٻار کڻي بند ڪرائي، ڪيستائين ان موالي مُڙس سان گڏجي ٻار ڄڻيندين!”.
فاطمه؛ “سائنڻ توبهن زاري آهي گستاخي معاف ڪج باقي اوهان پڙهيل لکيل مايون نه ڪُفر ٿيون ڪريو. ٻه ٻار ڄڻيو پوءِ وتو گُهمنديون اوهان تي عذاب نازل ٿيندو، مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن شڪ ٿيندو آهي ته اوهان جا مُڙس مرد ئي ڪونهن!”.
سائنڻ فاطمه جي ڳالهه ٻُڌي مُسڪرايو ۽ کيس چيو؛ “چري ڇوڪري گهڻا ٻار پئدا ڪرڻ ڪا سورهيائي ناهي بلڪه اڄڪلهه جي دور ۾ بي لڇڻائي آهي، ٻارا اوترا پئدا ڪريو جن کي اوهان سُٺو مُستقبل ڏئي سگهو، سُٺو کارائي پارائي سگهو. فاطمه آئون اگر ڏهه ٻار ڄڻيان ها نه ته اڄ منهنجا ٻار اسڪول نه وڃن ها نڪي آئون ڪا ائين صحتمند هُجان ها، نڪي آئون پنهنجي ٻارن کي سُٺو کارائي پارائي سگهان ها، فاطمه هاڻ دنيا ترقي ڪري وئي آهي هاڻ گهڻا ٻار ڄڻڻ کي سُٺو نٿو سمجهيو وڃي، تون پنهنجو ئي مثال وٺ ڇهه ٻار اٿئي، ستون پيٽ ۾ پيو پلئي تنهنجا گهڻا ٻار اسڪول ٿا وڃن؟”.
فاطمه سائنڻ جون ڳالهيون ٻُڌي سوچن ۾ گُم ٿي وئي، سوچيندي سوچيندي يڪدم اُٿي بيهي رهي ۽ ڳالهائڻ لڳي؛ “سائنڻ اوهان جي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ اچي وئي آهي، مون ته پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي پر هاڻ ٻين مائين جي زندگي تباهه ٿيڻ نه ڏيندس. آئون اڄ کان ئي پنهنجي مُڙس کي چوان ٿي ته هاڻ بس گهڻو ٿيو هاڻ ٻار نه ڄڻيندس ۽ ڳوٺ جي ٻين مائين کي به اها ڳالهه سمجهايان ٿي!”.
***