خُدا جو گهر
ڦاٽل گودڙي ڪُلهي ۾ لڙڪائيندي هُوءَ مسلسل صدائون هڻندي پئي وئي، “آهي ڪو مومن خدا جي نالي تي ماني ڳڀو ڏئي!. ٻن ڏينهن کان بُکايل آهيان”.
ٻنپهرن جو ٽائم، تتل ڏينهن، بُک وگهي هاڻ هن جو آواز به نه پئي نڪتو. هُوءَ مسلسل صدائون هڻندي اڳتي وڌندي پئي وئي پر هن جي صدا ڪنهن جي ڪن تي نه پئي هئي يا شايد جنهن ٻُڌي اُن اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي.
هُوءَ بُک م بي حال ٿيندي پئي وئي، اُڃ به تمام گهڻي لڳي هئس سامهون مسجد جو دروازو کُليل نظر آيس ته آهستي آهستي هلندي اندر داخل ٿي وئي ۽ گودڙي اتي ئي ڇڏي وضو واري ٽُوٽيءَ کي مُنهن ڏئي پاڻي پيئڻ لڳي.
اڃان پاڻي جو ڍُڪ نِڙيءَ کان هيٺ ئي نه لٿو هئس ته اچانڪ ڪنهن پُٺيان کان سندس وارن مان هٿ وجهي زور سان پوئتي اڇلايس ته پاڻ ڪئي قدم کڄي پرتي وڃي ڪري.
ڪرڻ سان سندس اکين اڳيان اوندهه اچي وئي هئي. اُڃ ۽ بُک ڪارڻ ايتري طاقت نه رهي هئس جو اٿي سگهي، پوئتي ڪرڻ کانپوءِ وارن مان جهلڻ واري وري هڪ چماٽ هئين هئس ته سڄي ڏڪي وئي هئي. سامهون هڪ شيطاني شڪل سان ديوقامت قد وارو ماڻهو بيٺل نظر آيس، جيڪو مسلسل کيس گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو ۽ هن جي ڪنن سان لفظ ٽڪرايا، “غليظ گهٽيا گندي اسان جي مسجد ۾ ٿي اچي!”، ۽ ٻن ڇوڪرن جي مدد سان هن کي کڻي ٻاهر روڊ تي اڇليائين ؟
هيٺ ڪِرڻ سان هن جي چپن مان آخري لفظ نڪتا، “پر هي ته “خُدا” جو گهر آهي پوءِ ائين ڇو....
***