ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

بي لڇڻائي

بي لڇڻائي

امير گهر پهتو ته رات جا لڳ ڀڳ يارنهن وڳا پئي، نشي ۾ ٿڙندو گهر ۾ داخل ٿيو هو. شهنو ويچاري جنهن ڪافي دير کان مُڙس جي اچڻ جو انتظار پئي ڪيو ڀڄندي ماني کڻي آئي ۽ اچي اڳيان رکيائينس پر امير ٻانهن کان هٿ وجهندي هيٺ بيد تي ڪيرائي ڇڏيس، چيائين، “ماني آئون کائي آيو آهيان هاڻ بس توکي چکڻو آهي”.
شهنو زبردستي پاڻ ڇڏائيندي پري ٿي ويٺي پر امير وري ڇِڪي ويجهو ڪيس، اُن ڇِڪ ڇِڪان ۾ امير جي وات ۾ ڀريل گُٽڪي سفينا جي پُڙي وارو ڪِن بيڊ تي اچي ڪريو، جيڪو ڏسي شهنو کي اُلٽي اچڻ لڳي. هيانءُ ڪچو ٿيڻ لڳس.
امير بدستور ضد ڪندو رهيو پر شهنو سختي سان هٿ پري ڪندي چيس، “منهنجي ويجهو نه اچجان نه ته رڙيون ڪري سڄي گهر کي اٿاري ڇڏيندس”.
امير، “ڇو؟ ڇا ٿيو اٿئي؟، تون زال آهين منهنجي ۽ اهو تنهنجو فرض آهي ته تون منهنجي ضرورت پوري ڪرين”.
شهنو ڪاوڙ ۾، “شڪل ته ڏس بي سُري وڌيل ڏاڙهي جيڪا گهڻن ڏينهن کان ڪوڙائي ڪونه اٿئي، پگهر جي ڌپ جهڙو ڪو ڪُتو مُئو پيو هجي، وات ۾ ڪِنو گٽر، ڳاڙها ڏند، لڇڻ نالي ذرو ڪونه ٿو لڀئي، شرم ڪونه ٿو اچئي اڃان مون کي ٿو فرض ياد ڏيارين، اڙي جي نه منهنجي ڏاڙهي هُجي ها ۽ جسم تان وار به صاف ٿيل نه هجن ها ۽ سگريٽ مُٺ تي پيئان ها ۽ گُٽڪو سفينا کاوان ها ته تون مون سان شادي ڪرين ها؟، شرم ڪر........
امير شهنو جون ڳالهيون ٻُڌي پنڊپهڻ ٿي پيو ۽ اٿي شيشي ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏٺائين ته سچ ۾ ڪراهت اچڻ لڳس.
***