ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

ديندار

ديندار

سائين جن مسجد جو پيش امام هو. پنج وقت نماز باجماعت پڙهائيندو ۽ ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن شريف جو درس به ڏيندو هو. نيڪ نمازي پرهيزگاري ۾ سندس ڪو مٽ نه هو. جنهن وقت مسجد طرف وڃڻ ٿيندو هو سائين جي هٿ ۾ لوٽو ۽ کٻڙ جي پاڙ جو ڏندڻ ڏسبو هو. اڇا ڪپڙا، سفيد ٽوال ڪُلهي تي، وڏي ڪاري ڏاڙهيءَ، اکيون وڏيون ويڪريون، نڪ چُهنبر، نراڙ تي ڪارو نشان جهڙو ڪنهن دانگيءَ وهائي ڪڍي هُجي!.
قبرستان ۾ مُئي جي مٿان ڇٽڪارڻ واري عطر جي هميشه پوري شيشي لڳل اصل سائين جن ڳوٺ وارن لاءِ رول ماڊل هو.
علو جا سڄا ٻار درس وٺڻ ويندا هئا. ولو جا به ٻه ڇوڪرا ويندا هئا، کٻڙ جي نياڻي جيڪا پنجين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي، کٻڙ جي مائي سليمت اڻ پڙهيل هئڻ باوجود نبي جي دين سِکڻ لاءِ ۽ پاڪ ڪلام پڙهڻ لاءِ مولوي صاحب وٽ موڪلي هئي. سائين هميشه کيس سڀني ٻارن کان آخر ۾ سبق ڏيندو هو چئي، “توکي سهي تلفظ نٿو اچي اُچار ۾ غلطي ٿي ڪرين!”.
هوڏانهن سليمت خوش صفا ڀانئين ته مولوي صاحب ننڍڙي کي ايڏو ڌيان سان پيو پڙهائي اصل خوشي ۾ نه پئي ماپي. سائين سڳوري جو روز اصول ٻارن کي سبق جلدي ڏئي ننڍڙي کي ويجهو ويهاري روز جسم جي مختلف حصن تي هٿ ڦيري اصل جهنگ جي ٻِلي وانگر روز جنسي هٿن سان ننڍڙي کي تنگ ڪري.
ننڍڙي ڏاڍي تنگ ٿي ڪئي دفعا ماءُ کي چيائين، “امان مون کي ان مُلان وٽ ناهي پڙهڻو!. اهو سُٺو ناهي”.
سليمت ويچاري دين جي سکڻ جي اُڻ تُڻ مڃي ڪين چئي، “ڇوري نڀاڳي پڙهڻ کان پئي ڀڄي!”. هُتي مُلان جهنگراڙي ٻِلو ٿيو ويٺو هُجي جنهن جا گوشت تي لامارا هُجن نيٺ هڪ ڏينهن جڏهن ڀر واري ڳوٺ ۾ دعوت هئي، ڳوٺ جا تقريبن سڀ مرد مايون دعوت تي ويل هئا، ٻار به مسجد ۾ گهٽ آيا هئا، ان ڏينهن مُلان ننڍڙي سان اهو ڪيو جيڪو جهنگلي بگهڙ ننڍڙن جانورن سان ڪندا آهن.
مسجد جو اڱڻ رت سان لت پت هو. ننڍڙي اڌ مُئي اگهاڙي حالت ۾ پيل هئي. ڳوٺ تي سڪتو طاري هو. ديندار پرهيزگار مُلان غائب هو.
سليمت بيهوش ٿي وئي هئي، سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها هئا!.
***