ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

خاڪ وارو مُرشد

خاڪ وارو مُرشد

سائين جن پڙهيل ڳڙهيل پرائمري ماستر هيا. سڄي عمر اسڪول ۾ ڪتاب کڻي ٻارن کي ته اکر به ڪونه پڙهايئين پر سياست ۾ ڀڙُ هيا. اصل رئيس خميسي خان جو سڄو وزن سندن ڪُلهن تي کنيل هوندو هو. تر ۾ پاڻ عقل جا اڪابر ليکبا هئا.
اڄ سندن وڏي نياڻي جي طبيعت تمام گهڻي خراب هئي، پاڻ نياڻي کي کڻائي پاڙي جي عطائي ڊاڪٽر ڏي ويا، جنهن بغير ليبل واري ڳاڙهي ۽ سائي شيشي مان هڪ هڪ سُئي هڻي چيو؛ “الله ڪندو ڇوڪري ٺيڪ ٿي ويندي”.
گهر پهتا ته ڇوڪري جي طبيعت اڃان به وڌيڪ خراب ٿي پئي، ماستر ويچاري وڏا حيلا وسيلا ڪيا، علائقي جي سڀني عطائي ڊاڪٽرن کي نياڻي جي طبيعت ڏيکاري پر ڇوڪري ٺيڪ نه پئي ٿئي. ڪنهن ڏس ڏنو ته وڃي شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪريو جنهن تي ماستر راضي ڪونه ٿيو.
هِتان هُتان پُڇائون ڪري ڌاڳا ڦيڻا ڪرائي ڪرائي ماستر ٿڪي پيو هو، هڪ ڏينهن سندس پُراڻو جگري يا الُو چور رستي ويندي ملي ويس، تنهن سان ڪچهري ڪندي سڄي حقيقت ڪيائين ته الُو يڪدم رڙ ڪئي؛ “اڙي اها به ڪا ڳالهه آهي!، مُرشد فقير “خاڪ وارو بابا” ويٺو آهي نه جنهن جي تڪئي جي خاڪ جي چِپٽيءَ پاڻي ۾ وجهي پيئڻ سان سڀ مسئلا بيماريون ختم ٿي وڃن ٿيون”.
ماستر الُو کي چيو؛ ،بس اڄوڪي رات رهي پئو صبح جو مون کي به گڏ وٺيو هلجان!”. الُو به ماستر جو جگري يار هو سو رهي پيو.
صبح ٿيو الُو، ماستر ۽ سندس نياڻي کي وٺي اچي مُرشد خاڪ واري بابا جي تڪئي تي پهتو. بابا صبح ساڻ ئي چِلم جي نشي ۾ ٽُن لڳو پيو هو، ڏسڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪئي مهينن کان وهنتو نه هجي، پاسي ۾ بيهڻ سان چرس جي ڌپ دماغ تي چڙهيو پئي وئي. ڇوڪري کي ڏسي مُرشد سائين جي اکين ۾ عجيب چمڪ اچي وئي.
ماستر مُرشد جي پيرن تي هٿ رکي ويهي رهيو ۽ ايلاز منٿون ڪرڻ لڳو؛ “سائين منهنجي نياڻي بچائي ڏيو، سائين مون تي رحم ڪريو!”.
سائين اکيون مٿي ڪري مٿو لوڏيو ته مِٽيءَ جو اڌ ڪلو اچي ماستر جر مٿان ڪريو، سائين چيو؛ “ماستر تنهنجي ڇوڪري کي جِن آهي!”، ۽ الُو کي هڪل ڪيائين؛ “سامهون وڃي دُهين مان“خاڪ” جي مُٺ ڀري اچ.”.
الُو خاڪ جي مُٺ ڀري آيو، خاڪ سڄي چِلم مان سڙي نڪتل تماڪ واري هئي، مرشد گلاس پاڻي ۾ خاڪ ملائي پڙهائي ڪري ڏني ۽ چيو هاڻ ڇوڪري کي پياريو.
خاڪ پي في الحال ته ڇوڪريءَ جو ساهه ئي بند ٿي ويو ۽ وڏي مُشڪل سان سامت ۾ آئي، ماستر سائين جي پيرن تي هٿ رکي موڪلايو، خاڪ وارو سائين وري چِلم جي سُوٽ ڀري چِلم جي نشي ۾ گُم ٿي ويو.
***