مھاڳ
سنڌ جي عظيم عالم، مصنف ۽ محقق، محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جو تحقيقي ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” منهنجي ليپ ٽاپ تي موجود آهي. مشڪور صاحب مون کي فون ڪري ٻُڌايو، ته “هن ڪتاب بابت، مهاڳ اوهان کي لکڻو آهي”. اها مشڪور صاحب وٽ منهنجي لاءِ اهميت، سندس نيڪ نظر جي نشاني آهي، جو هُن مهاڳ لکڻ جي لاءِ، منهنجو نالو منتخب ڪيو. مون انهي کان اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا کيس روبروعرض ڪيو، ته “سائين! آئون اوهان جي ان عظيم ڪارنامي ۽ ڪتاب تي مهاڳ لکڻ جي لاءِ، پنهنجي پاڻ کي اهل نه ٿو سمجھان، ڇو جو آئون محقق ناهيان. آئون صرف شاھ جي رسالي جو شارح آهيان، مُترجم، مُقلم ۽ مُرتب نگار آهيان. شيخ اياز وانگر ته “مان شاعر آهيان، ٻوليءَ جو وينجھر آهيان. ماڻڪن موتين جهڙا لفظ جَڙيندو رهيو آهيان. مون زندگيءَ جي زلفِ دراز ۾، گُلاب جا گُل اٽڪايا آهن ۽ ان جي منهن کي شبنم سان ڌوتو آهي. مان اهو بُتگر آهيان، جنهن حَسين تَرين لفظ ڇلي،گھڙي، انهن مان عجيب و غريب صنم خانو بڻايو آهي. منهنجي دنيا حُسن جي دنيا آهي ۽ منهنجي تخليق حُسن جي تخليق آهي”. توهان جو هيءُ ڪتاب، ڪائنات جي تخليقي تهذيب جي تحقيق آهي، ان ڪري مان معذرت جو طلبگار آهيان”. پر پاڻ مون ڏانهن نهاري مرڪي مون کي پابندِ تحرير بڻائي ڇڏيائون، ۽ گهر پهچي مون کي ڪتاب جو مسودو اي ميل ڪري، فون تي حڪم ڪيائون ته مهاڳ لکڻو اٿئي. ڇو ته تون اڇڙي ٿر جو ڄائو آهين.
ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” بابت تحقيق جي سلسلي ۾، محترم مشڪور ڦلڪارو صاحب، 28 جنوري 2018ع تي، علم و ادب جي عاشق استاد محمد جمن گجو صاحب جي خاص مهربانيءَ سان، کپري شهر ۾، مون مسڪين جي جھُريل جھُونِي جھُوپڙيءَ تي اچي اوطاقي ٿيو. جتان کان ڪُجھ سُهڻن ساٿين ۽ سُونهن سڄڻن جي سٿ سان سنبري، پاڻ اڇڙي ٿر ڏانهن اُسهيو. اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!
فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي “سرسوتي تهذيب” ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي “اڇڙو ٿر”. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو، يعني “سرسوتي تهذيب” 93 عنوانن جو احاطو ڪري ٿو. جنهن ۾ “تاريخ جي علمي ۽ سائنسي اهميت” کان وٺي، “حُر جدوجهد جا اڇڙي ٿر تي پوندڙ سماجي اثر” تائين، هر هڪ عنوان کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي ڪيل تحقيقي ڪمن بابت، محقق لکي ٿو، ته “هن کان اڳ ۾، سنڌ جي تاريخ تي ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن، اسڪالرن، توڙي محققن ڪم ڪيو آهي. پر انهن جي لکيل ڪتابن مان، اسان کي گھربل ڄاڻ ۽ پيدا ٿيل سوالن جا حل ٿيل جواب نه ٿا ملن. سنڌ جي تاريخ جي بنيادي سوالن، يعني سنڌ جي قدامت ڪيتري آهي؟ سنڌ جي جاگرافي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون تبديليون آيون؟ ۽ انهن تبديلين جا ڪهڙا اسباب هئا؟ سنڌ ۾ زندگيءَ جو وجود ڪڏهن کان آهي؟ سنڌ جي تهذيب جي ارتقا جا ڪهڙا محرڪات هئا؟ سنڌ جي سماج تي ڪهڙن اقتصادي ضرورتن جا اثر پيا؟ سنڌ جي آس پاس جي ملڪن جي سماجي صورتحال ڇا هئي؟ آس پاس جي ملڪن جي سماجي حالتن جا، سنڌ جي سماج تي ڪهڙا اثر پيا؟” وغيره.
فاضل محقق دنيا جي ترقي يافته ۽ زنده دل قومن جي تاريخ بابت جيڪي سوال اٿاريا آهن، اهي بيشڪ بجا ۽ بلڪل جائز آهن. سُجاڳ قومون، پنهنجي ماضيءَ کي آئيني وانگر اڳيان رکي، ان جي روشنيءَ ۾، اڳتي وڌڻ جي منصوبه بندي ڪنديون آهن. اسين ڏسون ٿا، ته اسان جو ماضي شاندار هو، پوءِ اسان جو حال هيڻو ڇو آهي؟ ۽ اسان جو آئيندو ۽ مستقبل، متان هن کان به وڌيڪ هيٺانهون هجي! آخر اهو ايئن ڇو آهي؟ انهيءَ جو سبب ۽ ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ۽ انهيءَ حقيقت جو حل آخرڪار ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ سُجاڳ قومون پنهنجيون تاريخون تحرير ڪنديون آهن. اهي تاريخون، رڳو عبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪو نه هونديون آهن. پراهي تاريخون، اهو تعين ڪرڻ جي لاءِ به هونديون آهن، ته هاڻي اسان کي، هن کان اڳتي ڇا ڪرڻ کپي؟ جو اسان پنهنجي ماضيءَ ۽ حال کان به وڌيڪ بهتر، محفوظ ۽ خوشحال بنجي سگھون. محقق لکي ٿو، ته “اسان جي محققن، تاريخي واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وقت، زميني حالتن، جاگرافيائي تبديلين، موسمي اثرن سبب انساني لڏپلاڻ ۽ معاشي ٽڪرائن کي، هميشه نظرانداز پئي ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو تاريخ ۽ تحقيق جو علم، صرف واقعن جي پوتاميل تائين محدود رهجي ويو آهي. جڏهن ته انساني ارتقاءَ جو سفر، ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌندو، ترقيءَ جا اُوچا مينار طئي ڪندو، انساني سماجي رابطن ۽ ضابطن کي سوڙهو ڪندو، موجوده گلوبل وليج جي حد تائين وڃي پهتو آهي”. ان ڪري اسان کي به، پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب جي شاندار علم کي آڏو رکي، مستقبل جي رٿابندي ڪرڻي پوندي.
جيالاجي سروي جي موجوده رپورٽن جو بلڪل مختصر خاڪو پيش ڪندي، محقق لکي ٿو، ته“ٿر ۾ موجود واريءَ جي دڙن ۽ ڀِٽن جي ٺهڻ جي عُمر، ويھ هزار سال آهي. انهن ڀٽن جي هيٺان، ڪٿي ڏيڍ سَو فوٽ ته ڪٿي هڪ سَو پنجهٺ فوٽن تي، پاڻيءَ جو پندرنهن کان ارڙنهن فوٽن جو هڪ تھ موجود آهي. انهيءَ پاڻيءَ جي تھ جي عمر، چاليھ هزار سال آهي. انهي پاڻيءَ جي هيٺان، لٽاسي مٽي ۽ واريءَ جا، گرمي ۽ هيٺين طرف پريشر وارا ٻه تھ آهن. اهي ٻيئي تھ، پنج لک سال پُراڻا آهن. انهيءَ جي هيٺان، وري ٻيو پاڻيءَ جو تھ موجود آهي. انهن پاڻي، لٽاسي مٽي ۽ واريءَ جي مختلف تهن جي هيٺان، سنگ مرمر جو تھ موجود آهي. جيڪو اڄ کان هڪ ارب سال پهريان، زيرِ زمين پليٽن جي چُرپُر سبب آيل زلزلن جي دوران، پاڻيءَ جي سمنڊ هيٺان ڪنهن ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ۽ لاوي جي مٿي اچڻ ۽ پاڻيءَ ۾ مليل لوڻ جي مقدار جي گڏجڻ، يعني ميگما ايسڊڪ جي عمل مان گذري، سنگ مرمر جو هڪ تھ بنجي ويو. پهرين ڳالھ ته، اڄ کان ارب سال اڳ ۾، ڌرتيءَ تي پاڻي موجود هو، جيڪو لُوڻياسو هو. انهيءَ وقت زلزلن اچڻ سان، پاڻيءَ جي اندر موجود ٻرندڙ جبل ڦاٽا ۽ نتيجي ۾، لاوو زمين کان ٻاهر نڪري، لُوڻياسي پاڻيءَ ۾ اُجھامڻ سببان، سنگ مرمر جي تھ ۾ تبديل ٿي ويو”. انهن زميني تهن جي تبديلين جي وڌيڪ رپورٽ، محقق جي موجوده ڪتاب ۾ پڙهي سگھجي ٿي.
مصنف جي راءِ موجب ته، “اڇڙو ٿر، هندوستان جي اراوالي ٽڪرين کان ٿيندو، جوڌپور جي اُلهندي طرف کان شروع ٿي، جيسلمير کان ٿيندو، سنڌ تائين پهچي ٿو. انهيءَ ريگستان جي ٺهڻ جو عمل به، سرسوتي ندي جي قديم دريائي وهڪرن، تمام گھڻو ريٽ آڻڻ ۽ رخ بدلائڻ سبب وجود ۾ آيو آهي. انهن دريائي وهڪرن کي، “سنڌوءَ جا وهڪرا” سمجھيو ويو آهي. يا وري “هاڪڙي جا وهڪرا” به چيو وڃي ٿو. انهيءَ مونجھاري جي ڳنڍ کولڻ لاءِ، اسان کي جاگرافيائي حقيقتن جي ڳولا ڪرڻي پوندي. انهيءَ ڏس ۾، قديم وهڪرن جي ڳولا کان پهريان، هاڪڙي ۽ پُراڻ جا پيرا کڻڻا پوندا، جن بابت چيو وڃي ٿو، ته اُهي “سنڌوءَ جا وهڪرا” هئا. پُراڻ جا پيرا اروڙ کان شروع ٿين ٿا، جنهن کي تاريخ ۾ “لوهاڻو ندي” به سڏيو ويو آهي. لوهاڻي نديءَ بابت، حضرت سيد شاھ عبدالليف ڀٽائي رحه جن به، پنهنجي رسالي ۽ ڪلام ۾ ذڪر ڪيو آهي. پاڻ فرمائن ٿا:
مُحبتِي ميهارَ جون، دِلَ اَندَرِ دُونھِيُون،
آڻيو وِجھي آرَ ۾، ڏي “لوهاڻو” لُوھِيُون،
جي ساهَڙَ جون سُونھِيُون، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي.
محقق جي انهيءَ راءِ سان مڪمل اتفاق ڪجي ٿو، ته “پُراڻ نديءَ کي، يا ان جي ڪنهن هڪ وڏي ڇاڙ کي، “لوهاڻو ندي” به ڪوٺيو ويندو هو. هي ندي، ضلعي سانگھڙ جي تعلقي شهداد پور ۽ ٽنڊي آدم کان ٿيندي، ڪاهُوءَ جو دڙو، ميرپورخاص، جرواڙي، جھلوري، ميرواھ گورچاڻي، ڊگھڙي، ڪاڇيلو ريلوي اسٽيشن، ٽنڊو جان محمد، جُھڏو، نئون ڪوٽ، ونگو پتڻ، ڄارپتڻ، علي بندر، راهمڪي بازار ۽ وڳھ ڪوٽ وٽان ور وڪڙ کائيندي، وڃي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
سرسوتي تهذيب ۾ ڪيترن ئي ڌرمن، متن ۽ مذهبن پنهنجا پنهنجا پاسا اٿلايا. سرسوتي تهذيب کي، صرف اڇڙي ٿر جي اوائلي تهذيب طور نه ڏٺو وڃي. هن تهذيب جو دائرو، پوري هندوستان تائين پکڙيل هيو. جنهن ۾ ڪيترن ئي متن کي مڃيندڙ ماڻهو شامل هئا. سنڌ جي ماڻهن وٽ ٻُڌ ڌرم به پهتو ۽ سنڌ جي رهواسين جي وڏي اڪثريت ان کي قبول ڪيو. ان جي ڀيٽ ۾، جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ، فقط ٿر ۾ ملن ٿا. جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ ۾ هي ڌرم صرف ٿر ۾ وڌيڪ اثرانداز رهيو ۽ سرسوتي تهذيب جو، مذهبي عنصر طور حصو بنيو. اها ئي ڳالھ “سنڌو تهذيب” ۽ “سرسوتي تهذيب” جي وچ ۾، سَنڌو پيدا ڪري ٿي. جيڪي ماڻهو، سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب کي هڪ سمجھن ٿا، انهن جي ڄاڻ لاءِ، جين ڌرم کي سمجھڻ نهايت ضروري آهي. انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي، جين ڌرم جو تاريخي جائزو وٺڻو پوندو، ته جيئن ڳالھ چٽي ٿئي. ڇاڪاڻ ته هيءَ به هڪ پراڻو مذهب آهي”. اهڙيءَ ريت، سرسوتي تهذيب جي تاريخي، فڪري، مذهبي ۽ مزاحمتي موضوعن کان ٿيندو، محقق سنڌ جي پاڳارا خاندان جي وطن دوستي، جدوجهد ۽ قربانيءَ تي به قلم کڻي ٿو ۽ اڇڙي ٿر کي، سنڌ جي قومي مزاحمتي جنگين جي پناھ گاھ طور به ڏسي ٿو. هن موضوع جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته محقق، دت گر ساميءَ جي مڙهيءَ کان وٺي، شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رحه تائين ۽ برهمڻ آباد کان وٺي، درسگاھِ سريواريءَ تائين، هر هڪ عنوان جي چڱيءَ طرح سان جانچ جونچ ۽ اُٿل پُٿل ڪئي آهي.
فاضل محقق، جڏهن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي، يعني “اڇڙي ٿر” بابت تحقيق جي ڳنڍ کولي ٿو، ته هو انهيءَ ڀاڱي جي 45 هن عنوانن جو احاطو ڪري ٿو وڃي. جنهن ۾ “اڇڙو ٿر ڇا آهي؟” کان وٺي، “سفر جي مددگار ۽ سُونهن ساٿين” تائين، هر هڪ عنوان تي تفصيلي روشني وجھي ٿو. هو لکي ٿو، ته “اڇڙو ٿر، سرسوتي تهذيب جي ختم ٿي وڃڻ بعد، اُنهيءَ قديم ۽ عاليشان تهذيب جو رهجي ويل کنڊر آهي”. حالانڪه دنيا جي نقشي تي موجود، هن منفرد ريگستان بابت، مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ، وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي سخت ضروت آهي. محقق موجب ته “سانگھڙ ضلعي جي، کپري تعلقي کان ئي، واريءَ جي دڙن ۽ ڀِٽن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. انهن ڀِٽن جي واريءَ ۾، جابلو ريتي ۽ لٽاسي مٽيءَ جو مقدار نه هئڻ جي برابر آهي. جنهن ڪري نج واريءَ هجڻ سبب، اهي ڀِٽون رنگ ۾ اڇيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. انهن ڀِٽن جي اوچائي، ٿرپارڪر جي ڀِٽن کان وڌيڪ اوچي آهي. هتي وڻن ۽ ٻُوٽن جي قسمن جي وڌيڪ گھڻائي نه آهي، انهيءَ ڪري اهي ڀِٽون، وڻڪار گھٽ هئڻ سبب اڇيون نظر اچن ٿيون. انهيءَ سبب جي ڪري ئي، اڇي رنگ وارين ڀِٽن واري علائقي کي “اڇڙوٿر” سڏجي ٿو. هن اڇڙي ٿر واري ريگستان ۾، “ڊِرنءُ” جي نالي سان بلڪل اڇي، سنهي، کليل ۽ وهندڙ واريءَ وارا صحرائي علائقا به آهن. جيڪي ساوڪ نه ٿيڻ سبب، بلڪل سفيد ۽ اڇا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ حساب سان به، هن ريگستاني علائقي يا ڀاڱي کي “اڇڙو ٿر” سڏجي ٿو.
سنڌ جي “ڊِرنءُ” بابت تحقيق ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته هي سلسلو کپري تعلقي کان خيرپور تائين، ٽٽل حالت ۾ موجود آهي. هن پٽيءَ جي ويڪر سراسري طور، پنجٽيهن کان چاليهن ڪلوميٽرن تائين آهي ۽ ڊيگھ سَوَن ڪلوميٽرن تائين هلي ٿي وڃي. ڊِرنءُ جي واري ساجُهر تپي ۽ ساجُهر ٺري ٿي. هي واري، هلڪي هلڪي هوا سان گڏ اڏامندي رهي ٿي. جنهن ڪري هي واريءَ جون ڀِٽون، هوائن جي رخ تي، پنهنجيون جايون به بدلائينديون رهنديون آهن. هوا لڳڻ تي، هن واريءَ جي کُوھ نُما گھيرن، ور وڪڙن ۽ لهرن مان، عجيب قسم جا آواز به نڪرندا آهن. جنهن سبب اڇڙي ٿر جي ڊِرنءُ واري علائقي جو ماحول، پُراسرار ۽ ڀوائتو به بنجي ويندو آهي. اڇڙي ٿر ۾ دريائي وهڪرن ۽ انهن جي ڇاڙن جو هڪ وڇايل ڄار وهندڙ هوندو هيو. جن جي ڪنارن تي، ڪيترائي ننڍا وڏا شهر، ڳوٺ، وسنديون ۽ واهڻ آباد هئا.
ڪجھ محققن جو خيال آهي، ته هن ريگستاني صحرا ۾، چار وڏا شهر ۽ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ پتڻ پُوريل آهن. اهڙن قديم آثارن جي کوٽائيءَ ڪرڻ کان پوءِ ئي، صحيح معلوم ڪري سگھبو، ته “سنڌو” ۽ “سرسوتي” تهذيبن جي تاريخ ۽ قدامت ڪيتري آهي. اڇڙي ٿر جي مختلف هنڌن، دڙن، ڀِڙن ۽ ڀِٽن تي، پاڻيءَ ڀرڻ توڙي رڌ پچاءُ طور ڪم ايندڙ ڪُنينِ، ڪَرين ۽ ماٽين جا ڀڳل ڳل، ٽُڪرا ۽ ٽوٽا به پيل آهن. انهن کان سواءِ، مٽيءَ جي ٻين پڪل ٿانون جي ٺڪرين جا حصا ڏسڻ سان به، انسان حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. جن ۾ اُکريون، ڀِرڙا، ٿوٻيون، پاٽوڙا، پاٽيون، پيالا، جنڊن جون ماترون، دانگيون، دِلا، دِليون، دنور، دنوريون، ڪرا، ڪريون، ڪُنا، ڪُنيون، ڪُونڊا، ڪُونڊيون، گگھريون، گُگھيون، ماٽيون، مٽ، ناديون، وٽا ۽ وٽوهڙ وغيره به شامل آهن. فاضل محقق نه فقط انهن مٽيءَ جي ٿانون ۽ ٺڪرين کي ڏٺو آهي، پر انهن تي ڪڍيل چٽساليءَ کي به پڙهيو آهي. جن مان سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي قدامت ۽ اهميت اُجاگر ٿي آهي.
محترم مشڪور ڦلڪارو صاحب، سرسوتي تهذيب واري ڀاڱي جي 93 ۽ اڇڙي ٿر واري ڀاڱي جي 45 عنوانن سميت، ڪل ٽوٽل 138 موضوعن کي پنهنجي تحقيق جي دائري ۾ داخل ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ آرڪيالاجي ۽ جيالاجي جي اهميت کان وٺي، سرسوتي نديءَ بابت مليل احوالن ۽ تازي ٿيل تحقيق ۽ سروي رپورٽن تائين، هر هڪ عنوان کي ڇُهي ٿو. ان کان علاوه سرسوتي تهذيب جي فڪري لاڙن، ڌرمن، انهن جي بانيڪارن، مُول متن ۽ سرسوتي تهذيب سان لاڳاپيل ماڳ مڪانن تائين، پنهنجي تحقيق جو دائرو وڌائي ٿو. تحقيق جي ٻئي ڀاڱي يعني “اڇڙي ٿر” بابت، جڏهن پنهنجي قلم کي جُنبش ۾ آڻي ٿو، ته ان ۾ اڇڙي ٿر جي بيهڪ، اڇڙي ٿر جي عمر، اڇڙي ٿر جو وجود ۾ اچڻ، اڇڙي ٿر جي ڳوٺن، کوهن، تڙن، ڍاڻين، واهڻن، وسندين، ڍنڍن، ڍورن، وڻن، ٻُوٽن، گاهن، گلن، گَونچن، ڏُٿن، نخلستانن، جانورن، جيتن، بلائن، سِرندڙ ساهدارن، گھرو هنرن، علمي مرڪزن، مدرسن، درسگاهن، ٻولين جي لهجن، ثقافتي طور طريقن، راندين ۽ رهڻين ڪهڻين بابت به مستند معلومات مهيا ڪري ٿو. راقم جي مقالي “شاھ لطيف جي شاعريءَ تي اڇڙي ٿر جي ٻوليءَ جو اثر” تان به ڪجھ قيمتي ۽ معلوماتي نقطا اخذ ڪري، پنهنجي تحقيق کي چار چنڊ لڳائي ٿو. اهڙيءَ ريت، محقق جيڪا بامقصد ۽ بامعنيٰ مالها ويهي پوتي آهي، اها پڻ پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي لائق آهي.
هن ڪتاب جي لکڻ لاءِ، ليکڪ جيڪا جاکوڙ ۽ جانفشاني ڪئي آهي، اها وڏي قدرشناسيءَ جي مُتقاضي آهي. تحقيقي عمل، هوائي جهازن تي چڙهي، سراسري سروي ڪرڻ يا جائزي وٺڻ سان مڪمل نه ٿيندا آهن. انهن ماڳ مڪانن تي، زميني صورتحال جو جائزو وٺڻ، ڏسڻ، پرکڻ ۽ جانچڻ جي لاءِ، روبرو پهچڻو پوندو آهي. فاضل محقق لڳاتار ڪيترائي ڏينهن سرزمين تي سفر، سخت محنت ۽ جُستجوءَ کان پوءِ نوٽس وٺي، پنهنجي تحقيق جي تڪميل ڪري سگھيو آهي. منهنجي خيال ۾ جيڪو ماڻهو اُٺ تي چڙهي، ڊِرنءُ ۾ داخل ٿئي، اڇڙي ٿر جي سُونهنِ جي سڳر ۽ ساٿ سان، ماڳ مڪانن ۽ ور وڪڙن جو روبرو وڃي جائزو وٺي، اُتي جي ماڻهن سان ملي، ٺڪريون، پٿريون، سِپيون، سُوندڪيون، ڪچ ڪوڏيون ۽ ڇٻيون گڏ ڪري، انهن جي ور وڪڙن ۽ پيچن ۾ پيل واريءَ جون چِپٽيون چَکي ۽ پَرکي، چٽساليون پڙهي ۽ پروڙي. انهيءَ عمل، جاکوڙ ۽ جُستجوءَ ۾، ڏينهن جا ڏينهن صرف ڪري ڇڏي، ته ان جهڙو عظيم عالم، مصنف ۽ محقق ٻيو ڪير به ٿي نه ٿو سگھي. قوي اميد آهي، ته محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جو هي تحقيقي ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” علائقي جي طبعي، تهذيبي ۽ تاريخي قدامت کي سمجھڻ جي لاءِ، سنگِ ميل ثابت ٿيندو ۽ سنڌ، پاڪستان، توڙي دنيا جي ليوَل تي وڏي مڃتا ماڻيندو.
علم جو خادم
استاد لغاري
07 جنوري 2019ع
03332888300 + 03453721300
ustadlaghari333@gmail.com