شو مهاديو
هندو ڌرم سماجي تصورن ۽ خيالن مان ڦٽي نڪتل مذهب آهي. هي مذهب ارتقائي منزلون طئه ڪندي هزارين سالن جو سفر ڪندي، هندستان جي مختلف علائقن ۾ اتان جي جاگرافي، سماجي حالتن سان پنهنجو ناتو جوڙيندي، ڪيترين ئي ڪهاڻين کي جنم ڏيندي، اڳتي پنهنجو ارتقائي سفر جاري رکيو اچي. انهي ڪري مختلف جاين تي سندس عقيدتي تصورن ۾ به ڪجهه فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هندو مذهب جو ڪو به هڪ باني ناهي، پر هي هزارين سالن جي انساني روين ۽ عقيدن مان جنم ورتل مذهب آهي. هن مذهب جي ڪهاڻين جا اڪثر ڪردار ديومالائي آهن. هندو ڌرم جي ٽمورتي ۾ برهما ، وشنو ۽ شو مهاديو آهن. انهي ڪري هڪ ديومالائي ڪردار شو مهاديو به آهي. جنهن جو شمار هندو ڌرم جي قديم بانيڪارن ۾ ٿئي ٿو. هن ڌرم جو اثر هندستان ۽ سنڌ جي ڏاکڻين حصن ۾ نمايان رهيو آهي. اڄ به شو جا قديم مندر هندستان ۽ سنڌ جي ڏاکڻين حصن ۾ موجود آهن. جن جي جوڙجڪ مان هتان جي ماڻهن جي روين ، عقيدن ، ۽ سماجي لاڙن جو پتو پوي ٿو. شو جا ڪجهه مندر ڪاريگرن جي ڪاريگري جا شاهڪار . جن مان هن مندر اڏيندڙن جي انتهائي جذباتي عقيدت جي خبر پوي ٿي.
هي مذهب ويدن کان به آڳاٽو آهي. رگويد ۾ شو مهاديو جو ذڪر ردر جي نالي سان موجود آهي. شو مهاديو جي ديو مالائي ڪهاڻي ۾ هن کي پنهنجي زال پارپتي سان پيار ڪندڙ ۽ هن سان گڏ نچندي ڪڏندي گهمندي ڦرندي ڏيکاريو ويو آهي. شو پنٿ ۾ عورت ۽ مرد جي جنسي لاڳاپن ۽ انهن جي مثبت اثرن جو تصور ڏنل آهي. عورت کي تخليق جو سرچشمو سڏيو ويو آهي. هن ڌرم جي بنيادي تصورن ۾ اها ڳالهه چيل آهي، ته عورت ۽ مرد جا جنسي ۽ هڪٻئي سان پيار ڪرڻ وارا رويا ئي هن ڪائنات ۾ تخليق سان گڏ سڪون ڏيندڙ آهن. شوپنٿ ۾ اها ڳالهه مجموعي طور چٽي ڏيکاريل آهي، ته سگهاري تخليق لاءِ ذهن جو پر سڪون هئڻ ضروري آهي. ذهن جي طاقتور خوراڪ تفريح آهي. جيڪو ذهن تفريح کان وانجهيل آهي سو تخليق نه ٿو ڪري سگهي. انهي ڪري ذهني تفريح لاءِ ۽ ذهن ۾ سماجي ناانصافين جا درد گهٽائڻ لاءِ نشي جو سهارو وٺڻ گهرجي. ذهني تازگي لاءِ شراب ، ڀنگ وغيره جهڙا نشا واپرائڻ گهرجن. جيئن انسان پرسڪون رهي، ڪجهه سوچي سگهي.
شو مهاديوجي ڪهاڻي ۾ سندس ساٿ ڏيندڙ مست شيطان هئا، جيڪي هن جي طاقت هئا. جن وسيلي هن اشورت سان وڙهي، سندس مضبوط قلعا فتح ڪيا. مجموعي طور شو پنٿي شو مهاديو کي سڀ کان وڌيڪ سگهارو ديوتا سمجهندا آهن. سندن عقيدي موجب شو مهاديو سڀني ديوتائن جيتري طاقت رکي ٿو. مهاڀارت ۾ به ڪيترين جاين تي شو مهاديو جي سگهه کي تسليم ڪيو ويو آهي. شو مهاديو سندس اها بي انتها طاقت سڀني ديوتائن مان حاصل ڪئي. جنهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو. ته اشورون ديوتا هڪ سگهارو ديوتا هو. جنهن جا مضبوط قلعا هئا، جن تي هن جو قبضو هو. انهن قلعن کي واپس وٺڻ لاءِ اهو ضروري هو، ته هڪ ئي تير هلائي اشورون کي ختم ڪري . ديوتائن جي حڪمران اندر ديوتا، شو مهاديو کان مشورو ورتو ته ڇا ڪجي . شو ديوتا چيو ته آئون ديوتائن کي پنهنجي اڌ طاقت ڏيان ٿو. جيڪڏهن ديوتائن همت ڪئي، ته هو فتحياب ٿي موٽندا. ان بعد شو مهاديو پنهنجي اڌ شڪتي انهن ديوتائن کي ڏني. پر هو ناڪام موٽي آيا. ان بعد شو مهاديو ديوتائن کان سندن اڌ طاقت ورتي ۽ اشورون سان مقابلي لاءِ روانو ٿيو. شو مهاديو اشورون تي فتح پائي ڪاميابي سان موٽيو، ۽ هن ديوتائن کي سندن ڏنل طاقت واپس نه ڪئي. ائين هن ۾ سڀني ديوتائن جي شڪتي رهجي ويئي ۽ هو سڀني ديوتائن کان شڪتي ۾ وڌي ويو. شو مهاديو جا سندس عقيدتمندن طرفان رکيل هزارين نالا آهن ، جن مان مهاديو کان سواءِ مهيشور، ايشور، شنڪر، شمڀو، ۽ مهاڪال سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن. شو جو رنگ اڇو ۽ ڳچي ڪاري يا نيري رنگ جي آهي. هن جون پنج سسيون ، چار ٻانهون ۽ ٽي اکيون آهن، سندس هڪ اک نرڙ ۾ به آهي. اهڙي قسم جا بت شوپنٿي ماڻهن جي پوڄا ۾ اچن ٿا. شو پنٿي ماڻهن جو عقيدو آهي، ته هندو ڌرم جي ٽمورتي ۾ برهما ۽ وشنو جي رهائش لاءِ آسمان آهن، پر شومهاديو وٽ هڪ آسمان آهي. هن جي رهائش جو ٺڪاڻو هماليائي سلسلو ۽ ڪيلاش پربت آهي. ۽ شو جو اهو آسمان آهي. جتان گنگا کان سواءِ ٻيون نديون به نڪرن ٿيون، انهي ڪري هو اناج پيدا ڪندڙ ديوتا آهي.
شو مهاديو جا پوڄاري پنهنجي مندرن ۾ شو جي لنگم جي پوڄا ڪندا آهن. ڪنهن زماني ۾ ته شو جا لنگم ٺاهي، پنهنجي گهرن ۾ رکڻ کي به برڪت جي نشاني سمجهيو ويندو هو. اهڙا لنگم سان ڀريل ٿانو سنڌ جي تاريخي ماڳن تان مليا آهن. سنڌ ۾ شوپنٿي عقيدا ايترا ته مقبول هئا، جو سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجي سلوارن ۾ جهوڙيدار اڳٺ وجهڻ تي فخر ڪندا آهن ۽ سنڌي مسلمان پنهنجن پٽن جي طهر تي شاندار خوشي ۽ وڏا ڀت ڪرڻ ضروري سمجهندا آهن. جيڪا سندن انهي شو پنٿي عقيدت ۽ لنگم جي پوڄا جي رهجي ويل باقيات جون نشانيون آهن.
ڏکڻ سنڌ جي خاص ڪري سرسوتي تهذيب جي ڀاڱي ۾ قديم تاريخي ماڳن ۾ شو جا مندر موجود آهن . جنهن مان اهو ثبوت ملي ٿو، ته سنڌ ۾ شوپنٿ جو وڏو اثر هو. ورهاڱي بعد شو جا ڪجهه پوڄاري پنهنجي رشتن ۽ مائٽي جي تعلق سبب هندستان ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا . هن وقت سنڌ ۾ شو مهاديو جا پوڄاري ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. اڃان به شو مندرن تي ميلا ملهايا وڃن ٿا . جن ميلن ۾ هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ وڏي تعداد ۾ شامل ٿين ٿا . رتوڪوٽ جي ڀرسان ناري واه جي ڪپ سان هڪ شو مندر آهي، جتي ٺڪر مجاور رهي ٿو . هتي به هرسال ميلو لڳي ٿو. جنهن ۾ ٺڪر، هندو سونارا ، مينگهواڙ، مالهي ، ڪولهي ۽ کٽي وڏي تعداد ۾ ايندا آهن.