مون اڇڙو ٿر ڪيئن ڏٺو
اڇڙي ٿر بابت مون سوشل ميڊيا تي سانوڻ راڄڙ ۽ ٻين دوستن جون وقت بوقت رکيل پوسٽون پڙهيون، جن جي پڙهڻ سان منهنجي دل ۾ هن ڏکويل ۽ دردن جي ماريل علائقي کي ڏسڻ جانچڻ ۽ پرکڻ جو شوق پيدا ٿيو. سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ڪتاب لکڻ دوران ڪافي اهڙا سوال ذهن ۾ پيدا ٿيا ، جن جي جواب جي تلاش ۾ مونکي سنڌ جي هن وساريل علائقي کي ڏسڻ ۽ انهي تي سنجيده تحقيق ڪرڻ جو خيال شدت سان بي چين ڪرڻ لڳو. پر اڇڙي ٿر تي نه ئي ڪو جامع تحقيقي ڪتاب ڇپيل مارڪيٽ ۾ نظر آيو، نه ئي انهي علائقي ۾ ڪا اڳ ۾ ڄاڻ سڃاڻ هئي، نه ڪڏهن مونکي پنهنجي ڄمار ۾ هن علائقي کي رڳو ڏسڻ جوبه ڪو وجهه مليو. هڪ اڻ ڏٺل علائقي ۾ بنا ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جي نڪرڻ ۽ نتيجا حاصل ڪري موٽڻ جهڙو سودو بي سمري جي حالت هڪ وڏي جوکم کڻڻ جهڙو به هو. دوست سانوڻ راڄڙ سان جڏهن انهي مسئلي تي احوال اوريم ته هن پنهنجي حال سارو مڪمل ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪري همت ڏياري. آخرڪار پروگرام ٺهي ويو. کپرو شهر ۾ رهندڙ منهنجي پراڻن دوستن استاد لغاري ، فقير دين محمد ڪنڀر ، سائين جمن گجو ۽ شير محمد لاشاري کي جڏهن منهنجي انهي ارادي جي خبر پئي، ته هو به سرگرم ٿي ويا. سفر لاءِ سانوڻ راڄڙ سونهين ۽ ساٿين جو انتظام ڪري ورتو، هن اڙانگي سفر لاءِ فوروهيل گاڏي جي بندوبست لاءِ منهنجي دوستن وري اسسٽنٽ ڪمشنر کپرو مسٽر غلام صديق سومرو کي ذاتي طور مدد ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. انهن سمورن گهربل انتظامن ٿيڻ بعد دوستن جي يقين ۽ پڪ ڪرائڻ سان آئون به ور کنجي اچي کپرو ۾ پهتس. جتي منهنجو محبوب دوست استاد لغاري بس اسٽاپ تي انتظار ۾ هو. گڏجي شير محمد لاشاري جي آفيس تي آياسين جتي سڀ دوست انتظار ۾ هئا. اتي سڄي پروگرام جو شيڊيول ۽ سفر جي ساٿين بابت طئه ڪري . آئون استاد لغاري جي اوطاق تي رات ترسيس . ائين ٻئي ڏينهن ستاويهين جنوري 2018 تي صبح جو سانوڻ راڄڙ، جان محمد راڄڙ ، حافظ نورمحمد راڄڙ ، محمد خان راڄڙ ، غلام علي راڄڙ ، ملوڪ درس ۽ ٽيڪسي ڊرائيور رسول بخش راڄڙ جي ساٿ سان روانا ٿياسون . اسين سفر جي شروعات ۾ ئي اڇڙي ٿر جي قديم آثار رتو ڪوٽ پهتاسين، هن پنهنجي دور جي عظيم الشان قلعي ۽ لاڳاپيل شهر جا آثار سرن ، ٺڪر جي ٿانون جي بناوت وغيره جي مشاهدي لاءِ اسان برساتي پاڻي جي وهڪرن جي کاڌ کي ڏسڻ سان اهو انومان لڳائڻ جهڙا ٿياسين، ته هن شهر کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا باهه لڳي، ۽ ڪجهه جنگيون به ٿيون، ڪجهه ڀيرا هي شهر اجڙيو ۽ آباد به ٿيو. هن شهر جون اڏاوتون پڪين سرن سان ٿيل هيون، انهن سرن جي ٽڪرن ۽ بيشمار ٺڪر جي ٿانون جي ٽڪرن سبب آثار ڳاڙهي رنگ جا هئڻ سبب ئي علائقي جا ماڻهو هن آثار کي رتوڪوٽ يعني ڳاڙهو ڪوٽ سڏيندا آهن. هن آثار کي ڏسڻ سان هڪ مضبوط پڪي قلعي جا آثار به ڏسڻ ۾ آيا . جيڪو چئن ڪنڊن وارو هڪ مضبوط قلعو هو. هن آثار جو دڙو هن وقت به پنجٽيهه فوٽ اوچو آهي. جيڪو پنهنجي زماني ۾ اڃان به وڌيڪ اوچائي تي هوندو. هن آثار تي هڪ مندر ۽ هڪ مسلمان درويش جي مزار به آهي. انهن آثارن ڏسڻ کان پوءِ اسان ڳجهڙي درس ويجهو هڪ لوڻ جي سن جو مشاهدو ڪيو، جتي لوڻ ۽ ڍنڍن مان ملندڙ ٻين ڪيميڪلز جو جائزو ورتو. اتان کان نڪري حر جدوجهد ۽ انگريزن جي مارشل لا سبب ڦٽل شهر ڪاڪ جي آثارن تي پهتاسين . هن عاليشان شهر جا خاموش ويران آثار انگريز حڪمرانن جي حر جدوجهد خلاف مارشل لا جي بربريت ۽ سماجي افراتفري ۽ بدامني جي شاهدي ڏيئي رهيا هئا. اتان نڪري اسان کپري تعلقي جي يونين ڪائونسل رونجهو جي ڳوٺ قاضي محمد علي درس ۾ پهتاسين. هي ڳوٺ هڪ مثالي ڳوٺ آهي. هتي جا رهواسي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آهن. انهي مثالي ڳوٺ ۾ پنهنجي ساٿي ملوڪ درس وٽ ريفريشمينٽ ڪري اسان اڳتي پنهنجو سفر شروع ڪيو. ان بعد اسان ڏنگ پتڻ کان ٿيندا ،غلام نبي شاهه ، ڍورو نارو ، وائوڙي ۽ نيوڇورکان ٿيندا، شام جو ٽين وڳي جالو چئونري نالي هڪ اسٽاپ تي بسڪوٽ ۽ چانهه پي تازا ٿي ڏکڻ طرف کان ٿر جي ڪچي رستي تي لٿاسون. اسين ٿر جي عجائب سومون جي تڙ تي پهتا سون. جتي 1260 فوٽن تي بور ٿيل ڇهه انچ جو پائپ 2005ع کان ساڳئي رفتار سان پاڻمرادو وهي رهيو هو. ۽ ماڻهو انهي پاڻي ۾ وهنجي رهيا هئا. سردي جي موسم سبب هن بورنگ جو پاڻي گرم هو. ماڻهن جي چوڻ موجب هو اهو پاڻي پنهنجي ضرورتن ۾ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ پيئڻ ۾ به استعمال ڪري رهيا آهن. قدرت جو اهو عجيب ڪرشمون ڏسڻ بعد اسان جي جيپ اڇڙي ٿر جي کليل واري جي ڀٽن تي چڙهندي ۽ لهندي ڊوڙڻ لڳي. رستي ۾ ڪجهه ماڻهو هڪ تلي جي لير مان ٽي فوٽ کوٽائي ڪري هڪ چاپڙن جهڙو پٿر ڪڍي رهيا هئا. جيڪو نڪرڻ وقت سليٽي رنگ جو هو. پر هوا لڳڻ تي سفيد رنگ ۾ تبديل ٿيو ٿي . ماڻهن جو چوڻ هو ته هو هن پٿر مان پنهنجا گهر ۽ ديوارون ٺاهين ٿا ۽ سنهون ڪري انهي مان گارو ٺاهي گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون به راڳين ٿا . اسان نموني طور انهي پٿر جو سيمپل کنيو ۽ ليبارٽري ٽيسٽ ذريعي بعد ۾ معلوم ٿيو، ته هن پٿر ۾ جپسم ۽ چن گڏيل آهن. انهي عجيب پٿرن کي ڏسي اسان وري تيزي سان اڳتي وڌڻ لڳاسين، ڇو ته سج لهڻ وارو هو. اسانجي منزل راڻڪ ڏهر جو قديم پٿر مان جڙيل کوهه هو. پر اسان اونداهي سبب پنهنجو رستو وڃائي ويٺاسون. حالانڪ اسان جي ٽيم ۾ ڊرائيور ۽ ٻيا ڪجهه ساٿي انهي علائقي جا واقف هئا ، پر ڪوشش جي باوجود اسان صحيح دڳ کي حاصل نه ڪري سگهياسين. ڪافي هيڏانهن هوڏانهن هلڻ بعد اسان کي هڪ کوهه نظر آيو، جنهن تي ماڻڪور گجو نالو لکيل هو. اسان جي جيپ جي روشني تي ڪجهه ڳوٺاڻا پنهنجي نيڪ مرد سميت پهتا . سندن نيڪ مرد طيب گجو اسان کان حال احوال وٺڻ بعد ٻڌايو، ته توهان رستو ڀلجي ويا آهيو ۽ هي ڀارت ۽ پاڪستان جو سرحدي علائقو آهي، هتي رات جو چرپر تي بندش آهي. توهان پاڪستان جي رينجرس پوسٽ تي انٽري ڪرائي هتي اسان وٽ ترسي پئو . ڳوٺاڻن جي صلاح پسند آئي ۽ اسين رينجرس پوسٽ تي انٽري ڪرائي اتي ترسي پياسين. اسان جي حيرت جهڙي اها ڳالهه ٿي ته ڳوٺاڻن رهائش ۽ ماني جو انتظام ٿوري ئي وقت ۾ ڪري ورتو. ان بعد ڳوٺاڻن سان ڪچهري ڪري اسان اڇڙي ٿر ۽ اتان جي ڏکن ڏاکڙن ۽ سماجي حالتن ۽ حڪومت جي لاتوجهي ۽ سهوليتن جي اڻهوند بابت ڄاڻ سان ڀرپور ڪچهري ڪئي ۽ سمهي رهياسين. صبح جو سوير ڳوٺاڻن اسان کي چانهه پياري ۽ گهربل منزل قديم تاريخي کوهه راڻڪ ڏهر جو رستو ڏسيو۽ اسين راڻڪ ڏهر روانا ٿي وياسين. راڻڪ ڏهر جو هي قديم کوهه تعميرات جو اعليٰ نمونو آهي. هن بابت مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي، ته هي کوهه حضرت سليمان عليه السلام تعمير ڪرايو هو، ته ڪن جو چوڻ هو ته هي کوهه همايون بادشاهه تعمير ڪرايو هو. بحرحال اها ڳالهه تحقيق طلب آهي. پر هي کوهه جنهن به تعمير ڪرايو سو وڏو انسان دوست ۽ فطرت دوست ۽ وڏو سخي هو. جنهن هيڏي وڏي خرچ سان ۽ نهايت حد درجي جي اڪير مان تعمير ڪرايو. هن عظيم انسان هي سڄو کوهه جوڌپور مان ملندڙ ڳاڙهي پٿر مان ٺهرايو. کوهه جي ٻاهران گول شڪل ۾ ساڳئي ماپ سان مال جي پاڻي پيئڻ جا اواڙا ۽ انهن سان گڏ ٻاهرئين پاسي ساڳئي گول دائري ۾ پکين جي پاڻي پيئڻ جا ننڍڙا کانچا يا خانا سي به هڪجهڙي ماپ ۾ جاميٽري ۽ انجنيئرنگ جو اهو ڪمال ته ڪو به اواڙو يا کانچو وڏو ننڍو نه هو سڀئي هڪڙي ئي ماپ سان گول دائري ۾ هئا. ۽ سڀ گهڙيل پٿرن سان ٺهيل هئا ، سڀني اواڙن جي ليول به هڪ سريکي ۽ هڪجهڙي هئي . تعميرات جو اهڙو عجيب وغريب کوهه شايد ئي ٻئي ڪنهن هنڌ موجود هجي. هي کوهه دنيا جي تعميري عجائبات ۾ شامل ڪرڻ جهڙو آهي. هن کوهه ڏسڻ کانپوءِ اسان جو قافلو اڳتي روانو ٿيو. اسان جي اڳئين منزل اڇڙي ٿر جي مشهور سگهڙ جان محمد سمون هوٿياڻي سان ملاقات ۽ ڪچهري ڪرڻ هئي. رستي ۾ اميدعلي جي تڙ ڳوٺ مان مذڪوره سگهڙ جو ڏس پتو پڇيوسين ته ڳوٺاڻن چانهه پيئڻ تي زور ڀريو ، جنهن بعد انهن ڳوٺاڻن جان محمد جي نالي هڪ سونهون گڏائي ڏنو، جنهن اسان کي تمام اڙانگن رستن تان آڻي سگهڙ جان محمد سمون سان ملايو، هن جي چئونري نماءَ جهوپڙي ۾ ڪچهري مچي ويئي. هن سگهڙ پنهنجي عمر هڪ سئو سال اٺ مهينا ٻڌائي، پر سندس نظر، صحت ۽ حافظو حيرت ۾ وجهندڙ هو. هن جي ڪچهري ۾ائين محسوس ٿيو، ته اسان هڪ وڏي لائبرري ۾ سوين ڪتاب پڙهي رهيا آهيون، هن وٽان اڇڙي ٿر جي معلومات ، حر جدوجهد ۽ انهي جدوجهد سان ٿيل اديبن ۽ محققن جي تحقيقي ناانصافين کان سواءِ لوڪ ادب ۽ تاريخ جي مونجهارن ۽ پيچيده مسئلن بابت تفصيلي ڪچهري ٿي. هن جو حافظو ايڏو ته حيرت ۾ وجهندڙ هو، جو هن پنهنجو ذاتي شجرو به ايڪيهه پيڙهين تائين ٻڌايو. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙو صحتمند ۽ ڄاڻ جي خزاني سان ڀرپور پوڙهو نه ڏٺو. وڏي ڳالهه ته هي پيرسن عالم شخص اڻ پڙهيل هو. پر کيس شاهه جو رسالو برزٻان ياد هو. کانئس قيمتي معلومات حاصل ڪري وٽس چانهه پي کانئس موڪلائي وري اڳتي سفر سنڀاهيوسين. اتان کان اسان ٿر جي ڀٽن ۽ زمين جو مشاهدو ڪندا تڙ چنداهو ۾ يونين ڪائونسل راڻڪ ڏهر جي چيئر مين علي خان راڄڙ جي اوطاق جي چئونري ۾ پهتاسين. جتي هن وڏي اڪير سان آڌرڀاءُ ڪيو. هن جي اوطاق تي ساڻس ٿر بابت ۽ ٿر جي مسئلن بابت سماجي معلومات ۽ حر جدوجهد جي معلومات تي مبني ڪچهري ٿي. هن تمام جلد تمام سٺي ماني جو پر تڪلف بندوبست ڪيو ۽ سڀني دوستن کي اجرڪون اوڍايون مون کي اجرڪ سان گڏ سندس معصوم پوٽي سنڌي ٽوپي جو تحفو ڏنو. جنهن محبت جي انتها کي ڏسي اکين ۾ خوشي جا لڙڪ ڀرجي آيا. سٺي ڪچهري ڪري کانئس موڪلائي اڳتي روانا ٿياسين. اڇڙي ٿر جون اڙانگيون ڀٽون آڏ تراڇا لڪ لتاڙيندا ،اسان تڙ جيڻهار جي انهي جاءِ تي پهتاسين جتي مشهور حر گوريلا اڳواڻ ۽ انگريز فوجن لاءِ دهشت جي علامت بڻجي ويل شهيد شيخيو راڄڙ جي شهادت جي جڳهه هئي. جتي هڪ خونخوار جنگ جنهن ۾ انگريزن طرفان هوائي جهازن جو به استعمال ڪيو ويو هو. تمام وڏي مقابلي کانپوءِ سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ هن عظيم گوريلا اڳواڻ جي شهادت ٿي. هن جڳهه تي سندس ياد ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي يوٿ ونگ کپرو طرفان هڪ شاندار يادگار به تعمير ڪرايو ويو آهي. اتي جي ميدان جو مشاهدو ۽ شهيدن جي عظمت کي سلام ڪندا اسين اڳتي وڌياسين. ته ويجهو ئي ڳوٺ تڙ جيڻهار جي ڳوٺ پهتاسين. جتي هڪ مورتي سان گڏ ديوناگري ٻولي ۾ لکيل ٻه هڪجهڙاپٿر جا ننڍا ٿنڀا موجود آهن. جن جي اوچائي ست فوٽ ۽ ويڪر نو انچ هئي. جن جي لکيت سمجهه ۾ نه ٿي اچي. انهن جو مشاهدو ڪيوسين، ته انهي ڳوٺ جو هڪ باشعور استاد کمانسنگهه سوڍو به اچي مليو. جنهن ٻڌايو ته اڇڙي ٿر ۾ اهڙا ٻيا پٿر به ڪن جاين تي لڳل آهن. جيڪي ڪنهن دور جي رواج موجب انهن جاين تي ٿيل واقعن جا يادگار آهن. ساڻس گڏ سندس اوطاق تي آياسين جتي هن وڏي اڪير مان چانهه پياري ۽ علمي ڪچهري ڪئي، اڇڙي ٿر جي سوڍن بابت وٽانئس قيمتي معلومات ملي. هن مون کي ڪرنل جيمس ٽاڊ جو مشهور ڪتاب تاريخ راجستان جو ضخيم ڪتاب به تحفي ۾ ڏنو. ڪچهري بعد کانئس موڪلائي اڳتي وڌياسين. سج لهڻ وارو هو انهي ڪري اسانجي جيپ اڳئين منزل طرف تيزي سان ڊوڙڻ لڳي. ائين اسان سج لٿي کانپوءِ کپري تعلقي جي ڳوٺ ڌاراڙي ۾ فقيرعلي محمد راڄڙ جي اوطاق تي پهتاسين. جتي مچ مچائي عاليشان ڪچهري جو بندو بست ڪيو ويو. فقير علي محمد راڄڙ هڪ خوشحال ماڻهو آهي. پر هن وٽ ڪو به حاضري جو نوڪر ناهي. هو پنهنجا ڪم پاڻ ڪندو آهي. هن کي ٻئي جي محتاجي پسند ناهي. هي هڪ خوددار انسان هو، سندس سادگي متاثر ڪندڙ هئي. لڳ ڀڳ نوي سالن جي ڄمار واري هن بزرگ جي خوشطبع طبيعت ۽ ڪچهري جي انداز متاثر ڪيو. اتي رات جو ماني جو عاليشان بندوبست ڪيل هو. ڪچهري بعد رات جو دير سان سندس عاليشان بنگلي ۾آرامي ٿياسين. صبح جو اٿياسين ته نيرن تيار هئي. نيرن ڪرڻ بعد وري ڪچهري مچي ويئي. فقير علي محمد راڄڙ هڪ وڏي ڄاڻ وارو جهانديد ۽ محبتي ماڻهو آهي . اهو ئي سبب هو، جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هتي ڪيترا ئي ڀيرا اچي ڪچهريون مچايون. هي هڪ وڏي دل وارو ۽ سخي انسان آهي. وٽس اچڻ بعد اتان واپس وڃڻ تي دل نه چوندي آهي. پر سفر اڳتي سهيڙڻ لاءِ کانئس موڪلائي روانا ٿياسين. ڌاراڙي ڳوٺ جي ڀر ۾ ئي ڊرينهن جو صحرائي ٽڪرو هو. انهي جي مشاهدي لاءِ اسانجي جيپ ڊرينهن جي خطرناڪ رستي تي کليل واري جو سمنڊ لتاڙيندي اڳتي وڌڻ لڳي. ڊرينهن جا علائقا اڇڙي ٿر جي عجائباتن ۾ شمار ٿين ٿا . کليل واري جو هلندڙ سمنڊ جتي خطرناڪ ڌٻڻيون ، سج جي روشني تي واري جي بدلجندڙ رنگن جي ڪهڪشان ۽ هوا لڳڻ تي واري جي لهرن مان اٿندڙ آواز سچ پڇو ته ماڻهو تي هڪ عجيب وغريب سحر طاري ڪريو ڇڏي . منهنجو اهڙي علائقي جو زندگي ۾ پهريون مشاهدو هو. انهي ڪري هر شئي کي غور سان جانچي ڏسڻ لڳس. هن صحرا ۾ ڪو به اڻواقف ماڻهو اچڻ بعد زنده واپس نڪري نه ٿو سگهي، پر سونهن ۽ ڊرائيور جو صحرا ۾ سفر ڪرڻ جو وسيع تجربو اسانکي ورن وڪڙن اڀين لاهين ۽ چاڙهين مان پار ڪري رهيو هو. هڪ طرف خطرناڪ جوکم جهڙو دل کي ڪنبائيندڙ سفر، ته ٻئي طرف فطرت جي عجيب رنگن سان ڀرپور نظارا، انهي ڊرينهن ۾ اوچتو هڪ دلفريب نخلستان جي موهيندڙ نظارن جي ڪشش ڏيڍ ڪلاڪ جوسفر ڪرڻ بعد اسان جي جيپ کي بريڪ هڻائي ڇڏيو. اتي هڪ ننڍڙي مالوندن ڌنارن جي عارضي ويهڪ لاءِ ارباب جي تڙ نالي وسندي به هئي . جتي ڌنارن دل سان ڀليڪار ڪئي ۽ چانهه ٺاهي پياري ، ڌنارن سان ڪچهري دوران انهي ڊرينهن بابت معلومات وٺڻ کان پوءِ اسين نخلستان جي خوبصورت وڻن ۽ ٻوٽن کي ڏسڻ ۾ محو ٿي وياسين. جتي ڪيهوري گاهه جي هيٺان ٽي فوٽ کوٽائي ڪرڻ بعد مٺي ۽ ٿڌي پاڻي جا تس ۽ چلها پاڻي سان ڀريل نظر آيا . جن جو پاڻي هن صحرا ۾ زندگي جي علامت هو. اسان اتي وڻن ٻوٽن ، ۽ ڊرينهن ۾ رهندڙ جيوت جو به مشاهدو ڪيو. هڪ ڪلاڪ جي انهي مشاهدي بعد اسان وري اڳتي روانا ٿياسين.اتان کان اڌ ڪلاڪ جي ڊرينهن جي سفر بعد اسين ڊرينهن جي هن پراسرار دنيا مان نڪري، وري اڇڙي ٿر جي اڙانگين ڀٽن واري حصي ۾ داخل ٿياسين. ڪجهه پنڌ بعد اسان جي اڳيان سامي جي مڙهي نالي تاريخي آثار هو. اتي هڪ نم جو سوين سال قديم وڻ بيٺل هو، جنهن جي ٿڙ جو قطر ساڍا اوڻتاليهه فوٽ هو، نم جو ٿڙ زمين تي ڪريل هو، انهي ڪريل ٿڙ جا ٽار ڦٽي مٿي وڻ ٿيل ساوا موجود هئا. آثارن ڏسڻ سان معلوم ٿيو، ته هي هندو ڌرم جي مڃڻ وارن جو عاليشان قديم شهر هو. هتي جي ٿانون جي ٺڪراٺي ڏسڻ سان معلوم ٿيو، ته هتي ٺڪر جا ٿانو وڏي نفاست سان ٺاهيا ويندا هئا. جيڪي ڪاريگرن جي فني سگهه جا شاهڪار هئا . هتان کان ٿوري فاصلي تي هيٺ سنڌ جي وڏي بزرگ ، ديني عالم ۽ شاعر علامه عبد الرحيم گرهوڙي جي شهادت گاه جي مٿان ٺاهيل هڪ مقبرو هو . جنهن ڪنڊي جي وڻ هيٺان هن بزرگ، مڙهي جي جادوگر سوامي دت گر سان جنگ ڪندي شهادت ماڻي هئي، انهي کي يادگار طور مقبري جي ڇت مان سوراخ ڇڏي ٻاهر رکيو هو. جيڪو مقبري جي مٿان ڇانو ڪريو بيٺو هو. هن شهادتگاه تي گرهوڙي صاحب جي شهادت جي تاريخ جا ڪتبا به لڳل هئا. جن تي هيٺين عبارت لکيل هئي . عبدالرحيم گرهوڙي . جنم 12 ربيع الاول 1129هه ۽ شهادت 17 ربيع الاول 1192 هجري، ڏينهن جمع، عمر 63 سال . هن شهادتگاه جي جڳهه جي ڀر ۾ هڪ ڀٽ تي ايندڙ زائرين لاءِ مسافر خانا به ٺهرايل هئا . جتي درگاه جا هنڱورا فقير مجاورهئا . جن ڀليڪار ڪري ٿڌو پاڻي ۽ چانهه پياري. ان بعد کانئن موڪلائي اسين پير صاحب پاڳاري جي مريدن جي هڪ مرڪز ڀاڻواري پهتاسين. هتي اولياءَ قطب شاه جي مزار تي حاضري ڀري، هن مطالعاتي سفر جو پهريون مرحلو پڄاڻي تي پهچائي واپس رات جو دير سان کپرو شهر پهتاسين . ڇاڪاڻ ته ٽن ڏينهن جي اڙانگي سفر بعد اسانجي لانگ جيپ جو ڪافي نقصان ٿي چڪو هو ۽ هاڻي هو وڌيڪ اڙانگي سفر ڪرڻ جهڙي نه رهي هئي. ٻئي ڏينهن مهربان اسسٽنٽ ڪمشنر محترم غلام صديق سومري سان حالي احوالي ٿياسين .جنهن ٻئي ڏينهن ٻيهر وري ٻي گاڏي ڏيڻ جي حامي ڀري. ائين بئي ڏينهن جوپروگرام ٺاهي، آئون استاد لغاري ۽ سائين محمد جمن گجو جي جاءِ تي آيس. شام جو استاد محمد جمن گجو سان گڏ هڪ ڪار ۾ کپري تعلقي جي ڳوٺ بانڪو چانيهو ۾ شاهه صاحب جي پارکوءَ ۽ کاهوڙي محقق عطا محمد چانيهو جو قائم ڪيل ميوزم ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. جتي عطا محمد چانيهو ته ڪم سانگي ميرپورخاص هئڻ سبب نه ملي سگهيو، پر سندس پٽ آڌرڀاءُ ڪندي ميوزم کولي ڏيکاريو. سچ پچ ته اڇڙي ٿر ۾ هي شاندار ميوزيم محترم عطا محمد چانيهو جي تاريخي نوادرات سان عشق جو جيئرو جاڳندو ثبوت هو. سڄي اڇڙي ٿر ۽ ملڪ جي ٻين حصن جون نادر شيون سنڀالي رکيل هيون . عطا محمد چانيهو جي عشق ڪيترن ئي انهي مقصد لاءِ قائم ڪيل ادارن کي شرمسار ڪري ڇڏيو آهي. مون کي افسوس ٿيو، ته سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخي نوادرات جي عاشق ۽ شاهه صاحب جي ڪلام جي پارکو هن نوجوان سان ملاقات نه ٿي سگهي. ميوزيم ڏسڻ بعد اسين واپس کپرو آياسين. ٻئي ڏينهن واعدي موجب اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي واعدي کي پاڙيندي صبح جو سوير هڪ لانگ جيپ ڏياري موڪلي ۽ اسان جو سفر اڇڙي ٿر جي عجائبات ۾ شامل هڪ عجائب پور چنڊ ڏسڻ لاءِ اڙانگين راهن تي ٻيهر شروع ٿي ويو. هن سفر جي ساٿ ۾ سانوڻ راڄڙ ، شفيع محمد راڄڙ ، محمد خان راڄڙ ، جان محمد راڄڙ ، محبوب علي کوکر ۽ ڊرائيور برڪت علي هنڱورجو شامل هو. اسان کپري کان نانگنا روڊ کان ٻيلي واري موري ڪراس ڪري وري ريگستاني سفر تي نڪتاسين ، درگاه ڀاڻواري تي قطب شاهه جي مزار تي دعا گهري، ٻوڇڻ تڙ ، انهيار تڙ کان رستي جو هڪ مقامي سونهون صاحب خان راڄڙ کنيوسين جيڪو سونهون ٿي اڙانگن رستن تان اڀ ڪپرين کليل واري جي ڀٽن کي لتاڙيندي پور چنڊ جي ڍنڍ تي وٺي آيو. اڙانگن رستن سبب پورچنڊ تي پهچڻ تائين اسانجي جيپ جو ايڪسل ٽٽي ويو، اتي ويٺل ڳوٺاڻن جي مدد سان وري گاڏي هلڻ جهڙي ٿي. پورچنڊ ڍنڍ تي ويٺل ڳوٺاڻن اسان کي پور چنڊ ڍنڍ جي باري ۾ تفصيل ٻڌايا ، کانئن هن ڍنڍ بابت وڏي معلومات ملي. اسان پيرين پيادا پور چنڊ ڍنڍ جي مختلف حصن کي ڏسندا ۽ شين کي جانچيندا رهياسين . ائين گهمندي شام ٿي ويئي ۽ اسين وري ساڳئي رستي تان واپس ٿياسين ۽ رات جو دير سان کپرو پهتاسين. ٻئي ڏينهن تي مون استاد لغاري ، سائين جمن گجو سان ڪچهري ڪري اڇڙي ٿر بابت معلومات گڏ ڪئي . اهڙي ريت مشاهداتي دوري جو پهريون مرحلو پورو ڪري آئون ٻئي ڏينهن سويري ڳوٺ روانو ٿيس .
انهي چند ڏينهن بعد سفر جي ٻئي مرحلي جي چنتا دل ۾ رهجي ويئي . ڇو ته فقير دين محمد ڪنڀار سخت بيمار ٿي پيو . سانوڻ راڄڙ ۽ محمد خان راڄڙ پنهنجي ڊيوٽين تي روانا ٿي ويا . مون به وري ڪنهن ٻئي موقعي جي انتظار ۾ في الحال آسرو پلي ڇڏيو. ڇو ته ڪنهن به اداري يا ماڻهن جي مدد کان سواءِ هن سفر کي اڳتي ڌڪڻ مون فقير جي وس ۾ نه هو. ادارن ۾ ويٺل صاحبن جي ٻوليندڙ طوطن وري اهي ڳالهيون ۽ چٿرون ڪرڻ شروع ڪيون . ته هڪ ڪورو ڄٽ اديبڙو هليو آهي اڇڙو ٿر تي تحقيق ڪرڻ ، جيئن آئون سندن چٿرن تي شرمندو ٿي همت هاري ويهي رهان ۽ ڪجهه وڌيڪ اڳتي نه ڪري سگهان. اها ڪا مون لاءِ نئين ڳالهه نه هئي. ڇو ته منهنجي هر تحقيقي ڪتاب لکڻ وقت انهن ادارن جي ڪرسين تي ويٺل صاحبن طرفان اهو رويو شروعات کان رهندو آيو آهي. پر حيرت تڏهن ٿيندي هئي، جڏهن منهنجا ڪتاب ڇپجي ميدان تي آيا ، ته انهن همراهن مختلف موقعن تي منهنجي روبرو منهنجي ساراه جا ڍڪ ڀريا. پر پٺ هو ڇا ٿا چون اها خبر مون کي وٺڻ جي ضرورت نه پئي. نه ئي مون کي اهڙو لاچار هو ۽ آهي.
ڪجهه عرصي بعد منهنجي پهرئين مرحلي جي سفر جي ساٿي جان محمد راڄڙ فون ڪري همت ٻڌائي ۽ چيو ته آئون ڪوشش ۾ آهيان ، ته هر حالت ۾ اهو مشاهداتي سفر پنهنجي پڄاڻي کي پهچي. انهي ڪري ڪجهه سرندي وارن دوستن کي چيو اٿم. اميد ته ترت وري سفر جاري رکبو. جان محمد راڄڙ جي همت ۽ جاکوڙ کان پوءِ آخرڪار اڇڙي ٿر جي رهيل مشاهداتي سفر جو ٻيون مرحلو شروع ٿي ويو. مون کي کپري پهچڻ جو چيو ويو. آئون پهتس. 24 مارچ 2018ع جي ڏينهن صبح جو سوير مون وٽ سائين جمن گجو جي جاءِ تي دوست گاڏي ۽ سفري سامان سميت پهچي ويا. نئين سفر جي ساٿين ۾ جان محمد راڄڙ سان گڏ عبد الله راڄڙ ، حسن علي راڄڙ گڏجي هليا. اسان کپري کان ڀاڻواري جو ريگستاني رستو وٺي نڪتا سين . ڀاڻواري ۾ قطب شاه جي مزار تي حاضري ڏيئي ، اڳتي ڀٽن جي آڏن اڀن تراڇن رستن کي لتاڙيندا ، اڇڙي ٿر جي خيرپور ضلعي جي ريگستاني علائقي جي زميني حالتن ، ڳوٺن جي رهائشي معيار جو جائزو وٺندا تيزي سان هلندا رهياسين. هتي پڻ ڊرينهن مان گذر ٿيو، پٽ ، لير ، رڃ وارن علائقن جو مشاهدو به ڪندا اڳتي وڌندا رهياسين. سماجي طور ڪا خاص تبديلي نظر نه آئي ، نه ئي زميني حالتن ۾ ڪا تبديلي سامهون آئي. ائين هلندي تتي ڏينهن جو اسين ڳوٺ لهر ڪوهي ۾ پهتاسين. جتي خميسي راڄڙ جي اوطاق تي ساهي کنئي سين ، ماني کاڌي سين ۽ اڇڙي ٿر جي سماجي حالتن بابت ڪچهري ۾ قيمتي معلومات حاصل ڪئي سين . ڪجهه ترسي اسان وري اڳتي روانا ٿياسين. ائين هلندي اسين خيرپور جي ميرن جي ٺهرايل قلعي ڪوٽ جهبو پهتاسين . اتي ڀٽن جي وچ ۾ هڪ نخلستان جي ايراضي ۾ هي ڪوٽ ٺهيل هو، پر سم جي پاڻي وڌڻ سبب هاڻي اتي ڪوٽ جا نشان ڳولڻ مشڪل لڳا . چوڌاري پاڻي ۽ نخلستان جا وڻ ۽ پن ، سر ۽ ڪانهن موجود هئا . اسان کي ڳولڻ سان به ڪٿي ڪوٽ جو ڪو حصو ڏسڻ ۾ نه آيو. اتان کان وري اڳتي هلندا خطرناڪ ۽ اڀين ڀٽن تان چڙهندا ۽ لهندا اڳتي هلندا رهياسين. اڳتي هلي لطيف گئس فيلڊ ، قادن واري گئس فيلڊ جي کوهن جو سلسلو شروع ٿي ويو. قادن واري گئس فيلڊ جي مرڪزي اسٽيشن کان ويجهو گذر ٿيو. پر هتي هيڏي ساري گئس فيلڊ هئڻ جي باوجود به ڪو ترقياتي ڪم ، روڊ ، پاڻي جي ڪا لائين، اسپتال ، اسڪول وغيره جهڙيون بنيادي سهوليتون ڪنهن به ڳوٺ ۾ نظر نه آيون. حيرت جي حد ته اها هئي، ته هتي ڪنهن ڳوٺ ۾ گئس جي سهوليت به موجود نه هئي. نه ئي گئس فيلڊ جي هيڏي ساري پروجيڪٽ ۾ ڪو مقامي ماڻهو نوڪري ۾ هو. ايڏو انڌير ۽ انياءَ ڏسي دل ڀرجي آئي. اسان گئس فيلڊن جي کوهن جي آسپاس گهمندا ۽ ماڻهن کي مليل سهوليتون ڳوليندا رهياسين. پر ڪا به بنيادي سهوليت ڏسڻ ۾ نه آئي . هن گئس فيلڊن سان مقامي رهواسين کي ٽڪي جو ڪو فائدو يا ڪا سماجي تبديلي ڳولڻ جي باوجود به ڏسڻ ۾ نه آئي. حيرت انهي ڳالهه تي ٿي، ته خود ڪمپني جون گاڏيون به ڪچن واريء وارن اڙانگن رستن تي صرف روڙو وڇايل رستن تي هلندي نظر آيون . ڪنهن به رستي جو هڪ ڪلوميٽر به پڪو روڊ ٺهيل نه هو. جڏهن ته ڪمپنيون هتان روزانه لکين رپين جي گئس پائپ لائنن وسيلي ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن موڪلي رهيون هيون . انهن پائپ لائنن سان به ڪو روڊ نظر نه آيو. ائين سج لٿي مهل اسين ناري جي علائقي ۾ جان محمد راڄڙ جي ڳوٺ پهتاسين. جتي چونڊڪو کان ڳوٺ تائين اسانکي هڪ ننڍو روڊ ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو به خيرپور ضلعي جي عام بئراجي ڳوٺن وارين اسڪيمن تحت ٺهيل هو. . جان محمد راڄڙ هڪ کلمک ، با اخلاق ۽ اوطاقي مڙس هو. سندس سٺو ننڍڙو بنگلو ۽ ان جي اڳيان پارڪ به ٺهيل هو. هتي بجلي وغيره جي سهوليت به موجود هئي. رات جو دير تائين جان محمد راڄڙ سان علائقي جي صورتحال ، ميرن ۽ پير صاحب جي شڪار لاءِ قائم ڪيل رکن ۽ انهن ۾ موجود جانورن بابت ۽ حر جدوجهد بابت گفتگو ٿيندي رهي . کانئس تمام گهڻي ڪارگر معلومات حاصل ٿي. رات جو دير سان وڃي بسترن ڀيڙا ٿياسين.
ٻئي ڏينهن اسين نيرن ڪري اتان نڪري چونڊڪو پهتاسين. جتان کان ٽاڪرو ٿر جي پهاڙي سلسلي ۾ داخل ٿياسين . درگاه باقر شاه تي حاضري ڀرڻ بعد اتان جي مجاور بادل بهار ڀنڀري سان ٽاڪرو علائقي ۽ پهاڙين جي صورتحال ، تاريخي جاين بابت معلومات ۽ عام ڳوٺن جي زندگي بابت سٺي ڪچهري ٿي. هي ستر ورهين جو پير مرد وڏو جهانديد سيلاني هو. جنهن کان تمام سٺي معلومات ملي . اتان کان اسين وري پهاڙي سلسلي جو مشاهدو ڪندا اڳتي وڌندا رهياسين. هتي جي پهاڙين مان چن جو پٿر، روڙي جو پٿر، ريتي بجري ڪڍڻ جو ڪم تيزي سان هلندي ڏٺو ويو. جنهن سبب قديم تاريخ جي شاهدي ڏيندڙ هي پهاڙيون ميسارجي رهيون هيون. بحرحال اسان ڪجهه سلامت ٽڪرين تي ڪجهه قديم غارن راڪاسن جي روڻن جي نالي سان سڏجندڙ قديم غارن ۽ سوراخن ۽ ٽڪرين تي موجود سيانٽي پٿر جنهن مان پٿر جي دور ۾ گهريلو اوزار ٺاهيا ويندا هئا. جو مشاهدو ڪندا، ۽ ڪجهه انهن شين جي گهڙاوت جا مرڪز ڏسندا ، واپسي ۾ هن ٽاڪرو علائقي جي مشهور درگاه اڀن شاهه تي حاضري ڀرڻ بعد موٽياسين. اڳتي وڃڻ لاءِ وسيلن جي کوٽ سبب مجبوري ۾ وڌي نه سگهياسين. انهي لاءِ گهوٽڪي وارو اڇڙي ٿر جو حصو مشاهدي کان رهجي ويو، پر ماڻهن کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو، ته گهوٽڪي مان اڇڙي ٿر جي هڪ سنهي پٽيءَ گذري ٿي. جنهن ۾ ننڍيون ڀٽون ، رڃ ، لير ۽ پٽ وارا علائقا آهن. ۽ ائين هي ٿر وڃي پنجاب جي روهي واري علائقي سان ملي ٿو.
درگاهه اڀن شاه کان چونڊڪو پهچڻ بعد اسان پنهنجي واپسي جي سفر لاءِ چونڊڪو کان سانگهڙ ڏانهن ويندڙ پڪي روڊ جي چونڊ ڪئي، جيئن واپسي ۾ اڇڙي ٿر ۽ سنڌ جي بيراجي علائقي کي ڌار ڪندڙ ڪس يا مهراڻي واري علائقي جو مشاهدو ڪري سگهجي. ائين اسان واپس ورياسين. چونڊڪي کان ٿورو اڳتي سانگهڙ طرف مشهور سانوڻ گئس فيلڊ جي مرڪز ۽ کوهن وارا علائقا ڏسندا ۽ اڳتي وڌندا رهياسين . اسان جي هڪ طرف اڇڙي ٿر جون ڀٽون هيون ته ٻئي طرف ناري جو سرسبز ۽ خوبصورت ڍنڍن وارو وسندڙ علائقو هو. هتي جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ مختلف ماڻهن طرفان پير صاحب پاڳاري جي نالي ڪيل رکون به هيون . جتي فطرت جا حسين نظارا دل کي فرحت ڏيئي رهيا هئا. هي علائقو اڇڙي ٿر جي ڀيٽ ۾ جنت ٿي لڳو. نارا ڪئنال ذريعي هتي پاڻي جي موجودگي سبب حيرت ۾ وجهندڙ زمين جي زرخيزي ڏسي يقين ٿيو. ته هي زمينون سون اپائي رهيون آهن. ائين اسان هن ڪس واري پاسي جو مشاهدو ڪندا اچي سانگهڙ پهتاسين . جتي دوستن عاجزمنگي ۽ مٺو سانگهڙائي وٽ چانهه پيءَ مشهور ڊيم چوٽياريون پهتاسين. هن ڊيم جي تعميراتي ناقص ڪم ۽ چوٽياريون ڊيم جي پاڻي جي ڪوالٽي ۽ ان جا اڇڙي ٿر جي ماحوليات تي پوندڙ اثرن جا سبب ڳوليندا ، رات جو قاضي ڳوٺ ۾ شهيد سورهيه بادشاه جي ياد ۾ ڪرايل پروگرام ۾ شرڪت ڪندا، فقير ميرمحمد نظاماڻي سان ملندا . اچي رات جو دير سان کپري پهتاسين . جتي منهنجو دوست سائين جمن گجو اسانجي انتظار ۾ نيڻ وڇايو ويٺو هو. باقي ڪجهه ڏينهن مون کپري شهر جي ڪجهه ڏاهن ماڻهن سان ڪچهرين ڪرڻ ۾ گذاريا . جيئن اڇڙي ٿر بابت سموري ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. انهي دوران ڪجهه ڪلاڪ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب وٽ سندس دعوت تي وڃي سندس دعوت کائڻ سان گڏ سندس ساٿ ڏيڻ جي شڪر ادائي به ڪئي. مون حافظ نورمحمد راڄڙ سان گڏجي گڙنگ بنگلو، سانگهڙ شهر لڳ حر جدوجهد جي منصورن جو قبرستان به ڏٺو. انهي بعد اڇڙي ٿر ۽ حر جدوجهد تي تمام وڏي ڄاڻ رکندڙ فقير مير محمد نظاماڻي سان سانگهڙ ۾ پورو ڏينهن سندس لائبرري ۾ گذاريو ۽ تمام قيمتي دستاويز به ڏٺا. انهي دوران مشهور اديب ۽ پبلشر سائين عاجز منگي صاحب اڇڙي ٿر ۽ حر جدوجهد بابت اهم ڪتابن جو قيمتي سيٽ به ڏنو. ائين ڪجهه ڏينهن مواد جي حاصلات جي جاکوڙ ۾ گذاري واپس وريس. ۽ اڇڙي ٿر جي مشاهداتي سفر دوران اڇڙي ٿر جي مختلف حصن ۽ آثارن جي مشاهدن، ڪيل ڪچهرين ۽ موضوع سان تعلق رکندڙ ڪجهه ڪتابن مان مليل ڄاڻ جي روشني ۾ ڪتاب لکڻ شروع ڪيم. پر جيئن ته منهنجي اڃ نه اجهاڻي هئي. ڇاڪاڻ ته منهنجي تحقيق ۽ سفر جي مقصدن ۾ سرسوتي تهذيب جي ڳولا جو نقطو اهم هو. پر اڇڙي ٿر جي واري جي ڀٽن ۾ انهي قديم تهذيب جا نشان گم ٿيل هئا . جيئن تهذيب جا پيرا کڻي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي، هن ڪتاب ذريعي اها ڄاڻ پهچائڻي هئي. انهي ڪري مون سوچيو ته اڇڙي کان اتر ۽ اوڀر طرف هندستان جو ملڪ هئڻ سبب اتي وڃي مشاهداتي سفر ڪرڻ مشڪل هو . صرف انٽرنيٽ جي ڪجهه ويب سائيٽن ۽ ڪجهه ڪتابن ذريعي مليل معلومات تي ئي گذارو ڪرڻو هو، انهي ڪري دل ۾ اها خواهش هئي، هاڻي وري اڇڙي ٿر کان ڏکڻ طرف قديم دريائي وهڪرن سرسوتي ، هاڪڙو ۽ پراڻ جي نشانن ۽ انهن وهڪرن جي ڀروارن علائقن ۾ قديم تهذيب جا نشان ڳولي لهجن. پر ڪمزور مالي حالت ۽ وسيلا نه هئڻ سبب اهو ڪم ڪرڻ مشڪل لڳو ٿي . انهي ڪري پريشان هئس .
اوچتو هڪ ڏينهن سنڌ جي آرڪيالاجي کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل محترم منظور احمد ڪناسري صاحب جو فون آيو. جنهن مون کي ضلعي ميرپور خاص جي قديم آثارن جي ڳولا جو ڪم ڪرڻ ۽ اهڙن آثارن جو مختصر احوال ۽ لسٽ ٺاهي موڪلڻ جو چيو، ۽ گهربل سهوليتون پڻ مهيا ڪري ڏيڻ جي سهوليت فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو. سچ پڇو ته مون انهي ڪم کي هڪ غيبي مدد سمجهي فورن قبول ڪري ورتو. منظور صاحب جهڙي ذميوار آفيسر منهنجي هائوڪار ڪرڻ تي واعدي موجب سفر خرچ لاءِ رقم ڏياري موڪلي . مون به جلدي سفر سنڀاهيو. پر انهن اڻ ڏٺل ماڳن جي ڳولا لاءِ ۽ اجاين رولڙن کان بچڻ لاءِ مون پنهنجي ميرپور خاص ضلعي جي دوستن سان رابطا شروع ڪيا . جن دوستن وک وک تي ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. مون کي انهي سفر ۾ هڪ ڄاڻو سونهين جي ضرورت هئي. جيڪو مون کي دوستن جي نشاندهي تي ملي ويو. آئون دوستن جي نشاندهي تي ٽنڊو جان محمد ڏانهن پنهنجي دوست فقير سليم جي گاڏي ٽئڪسي طور کڻي پنهنجي پٽ سڪندر کي وٺي روانو ٿيس ، پراڻي دنبالي ويجهو رستي ۾ ڊگهڙي شگر مل لڳ پنهنجي پراڻي دوست ۽ کاهوڙي محقق محمد رمضان نوحاڻي جي اوطاق تي پهتس . جنهن اڳواٽ چانهه تيار ڪرائي ڇڏي هئي . بنا ڪنهن دير جي هن تاريخي قبرستان لال ڇتي جو مقام ڏيکاريو. هي مقام ڪلهوڙن جي دور جو هو. هن مقام ۾ جهان خان ڀرڳڙي ۽ نوحاڻين جي قبائلي جنگ ۾ مارجي ويل نوحاڻين جون پٿر سان مير فتح علي خان طرفان ٺهرايل قبرون ڏسڻ جهڙيون هيون . ان بعد مون ٽنڊو جان محمد ڏانهن سفر شروع ڪيو. منهنجو دوستن جي ڏنل فون نمبر تي ڏس ڏنل سونهين سان مسلسل رابطو هو. انهي ڪري ٽنڊي جان محمد پهچڻ وقت منهنجو سونهون محمد حسن زاهد ڪنڀر اڳواٽ انتظار ۾ هو، مون هن سان سندس بابت معلومات وٺڻ لاءِ پهريائين ساڻس ڪچهري ڪئي . مون کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته منهنجو سونهون خود هڪ وڏو محقق ۽ اٺن ڪتابن جو ليکڪ هو. مون کي اهو معلوم ڪري به حيرت ٿي ته هي شخص هڪ اکر به پڙهيل نه هو. هن پنهنجا ڪتاب به ٻين پڙهيل ماڻهن کان لکرائي چپايا هئا . هي باهمت شخص گهر ۾ گرم مصالحي جون پڙيون ٺاهي پيڪنگ ڪري دڪانن تي ڏيئي اتان گهر وارن کي سامان ۽ گذران لاءِ ڪجهه پئسا ڏيئي. باقي وقت ۾ پنهنجي موٽر سائيڪل وسيلي پراڻ ۽ هاڪڙي جا ڪنارا ڏيئي گهمندو ۽ ماڳ مڪان ڏسندو ۽ انهن بابت ڄاڻ حاصل ڪندو ڪتاب لکرائيندو ۽ ڇپائيندو رهيو آهي. اهڙو باهمت ۽ اڻ پڙهيل صرف مشاهدي جي بنياد تي تحقيق ڪندڙ منهنجي سامهون هي پهريون محقق هو. وٽس ڄاڻ جو وڏو ڀنڍار هو. سندس عشق ڏسي منهنجي دوست ۽ منهنجي ٽيڪسي جي ڊرائيور فقير سليم خاصخيلي بي تحاشا ائين چئي ڏنو، ته سائين! هي پراڻ ۽ هاڪڙي جي ڪنارن تي ڀٽڪندڙ ڪنهن قديم انسان جو روح آهي. ساڻس ملي مون کي خوشي ٿي ته مون کي گهربل ماڻهو ملي ويو. پر هن صرف مون کي هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنارن تي تعلقي ڊگهڙي ۽ جهڏي تعلقي جا قديم ماڳ ڏيکارڻ ۽ سونهون ٿي هلڻ جو وقت ڏنو ، جيڪو مون غنيمت سمجهيو. مون عارضي طور ٽنڊو جان محمد لڳ پراڻ جي ڪناري تي آباد ٽالپرن جي ڳوٺ ۾انتهائي محبتي ۽ اوطاقي شخص مير رفيق ٽالپر جي اوطاق کي مرڪز بنائي، پنهنجي تحقيقي مشاهداتي سفر جي شروعات ڪئي. مير رفيق ٽالپر جي بي انتها پيار ، ۽ مهمان نوازي سان گڏ سندس ذميواري جي احساس منهنجي ڪم ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي . کاهوڙي دوست محمد حسن زاهد ڪنڀر جي قديم ماڳن تي ڪئين ڀيرا وڃڻ سبب ۽ سمورن رستن کان واقف هئڻ سبب ماڳن تي پهچڻ آسان ٿي پيو. منهنجي دوست فقير سليم خاصخيلي به گاڏي جو لحاظ گهٽ رکندي اڙانگن رستن تي هلڻ کان نه لهرايو. مون آمري جو مقام، منڌرن جو دڙو، سيف الملوڪ جو دڙو، ٻرڙائي جو دڙو، سماننگر، بروڙ جو دڙو، نئون ڪوٽ جو قلعو ۽ نوهٽو هن سونهين زاهد ڪنڀر جي رهنمائي سان نهايت آساني سان ڏٺو. انهي کان پوءِ زاهد ڪنڀر پنهنجي ذاتي ڪمن سبب اڳتي هلڻ کان مجبوري ڏيکاري. انهي ڪري مون وري ميرپور خاص ضلعي جي رهيل علائقي کي ڏسڻ لاءِ هڪ ٻئي ڄاڻو محقق ۽ ٻولي جي ماهر سگهڙ ۽ پراڻي دوست محترم تاج محمد هاليپوٽي ڏانهن شادي پلي وڃڻ ۽ سندس مدد وٺڻ جو پروگرام ٺاهيو. رستي ۾ ايندڙ برصغير جي ڪنهن دور ۾ سياسي مرڪز ڊينگاڻ ڀرڳڙي وڃڻ به ضروري سمجهيم. ڇو ته آرڪيالاجي واري ڪم جي سلسلي ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي اوطاق ، حويلي ۽ مزار جو به احوال گڏ ڪرڻو هو. مير رفيق ٽالپر ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ هڪ سونهين سليمان خاصّخيلي کي فون ڪري ڇڏيو. جيڪو اڳ ۾ ڊينگاڻ ڀرڳڙي پهچڻ وقت انتظار ۾ هو. ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾گهربل جايون ڏسي شادي پلي ڏانهن روانا ٿياسين. شادي پلي پهچڻ تي پيارو دوست تاج محمد هاليپوٽو انتظار ۾ نيڻ وڇايو ويٺو هو. پر اوچتو تاج محمد جي طبيعت ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ خراب ٿي پئي هئي، پر هو دوستي جو ڀرم رکڻ لاءِ انڪار نه ڪري سگهيو هو. پر سندس صحت سفر جي لائق نه هئي. انهي ڪري هن منهنجي ڪم ۾ رخنو نه پوڻ جي خيال کان پنهنجي هڪ کاهوڙي دوست کي فون ڪئي. سندس چوڻ تي سندس دوست ۽ کاهوڙي انسان دوست علي پهوڙ سونهين ٿيڻ جي ذميواري قبول ڪئي. دوست علي پهوڙ جي سونهپ ۽ ساٿ ته مليو، پر فقير سليم جي گاڏي خراب ٿي پيئي. مجبوري سبب اها ٽئڪسي ڪيل گاڏي ميرپور خاص ۾ هڪ مستري وٽ صحيح ڪرڻ لاءِ ڇڏي ، فقير سليم خاصخيلي اتي ئي گاڏي ٺيڪ ڪرائي واپس ڳوٺ روانو ٿي ويو، جنهن جي اجازت مون کيس نڪرڻ وقت ئي ڏيئي ڇڏي هئي. مون سفر کي اڳتي نبيرڻ لاءِ پنهنجي هڪ پراڻي دوست صفدر لغاري کي گاڏي کڻي اچڻ لاءِ چيو. جيڪو جلدي پنهنجي پٽ شعيب رضا کي ساڻ ڪري گاڏي سميت پهچي ويو. آئون ۽ منهنجو پٽ سڪندر اڳ ۾ ئي تيار هئاسين. ائين پنهنجي نئين سونهين دوست علي پهوڙ کي کڻڻ لاءِ هنڱورنو پهتاسين. جتي هو اڳ ۾ انتظار ۾ هو. دوست علي پهوڙ جي رهنمائي ۾ اسان ڳاڙهو ڀڙو، چٽوڙي جو تاريخي قبرستان، ليهور جو دڙو، داسڙن جو دڙو ، گرهوڙي جي مزار، موتيا مسجد ، شيرڪوٽ ۽ مٺو فقير جو ڍير ڏٺو. اهڙي ريت مون هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪناري سمورن قديم آثارن جو مشاهدو ڪري ورتو. عمرڪوٽ ، ڪاهو جودڙو وغيره، ته اڳ ۾ ڪيترا ڀيرا ڏٺل هئا. ميرپور خاص ۾ منهنجي رهائش صفدر لغاري جي اوطاق تي رهي. ائين آئون هي سفر به مڪمل ڪري گهر پهتس . واپسي تي منهنجي پريشاني دور ٿي ويئي هئي. ڇو ته مون سرسوتي ، هاڪڙي ۽ پراڻ جا پيرا ڳولي لڌا هئا . ڪنارن تي موجود سمورا آثار ڏسڻ بعد منهنجي ذهن ۾ سرسوتي تهذيب جو خاڪو جڙي آيو هو.
منهنجي تحقيق جو دائرو جيئن ته سرسوتي جي قديم وهڪرن جي ڳولا جي سلسلي ۾ اڇڙي ٿر جي حدن کان ٻاهر نڪري چڪو هو. ڇو ته سرسوتي ، هاڪڙي ۽ پراڻ جي قديم وهڪرن جي ڳولا ڪندي آئون اڇڙي ٿر جي حدن کان ٻاهر ميرپور خاص ۽ ٿرپارڪر جي حدن تائين پهچي چڪو هئس . اڇڙي ٿر جي منجهائيندڙ صحرا ۾ سرسوتي تهذيب جي گم ٿيل نشانن جي ڳولا جي ڪوشش ئي مون کي اڇڙي ٿر کان ٻاهر وٺي آئي هئي. منهنجي اڳيان اهو اهم سوال هو ته ، قديم سرسوتي ندي هتي ڪڏهن کان وهندي هئي . هن جا وهڪرا ڪٿان ڪٿان گذريا هئا . ڪتابن ۾ اهو به اشارو مليو ته سرسوتي ڪنهن زماني ۾ ٿرپارڪر جي پاريننگر وٽ پنهنجو ڇوڙ ڪندي هئ ، جنهن سبب هتي ڏوتڙ يعني ٻن بندرگاهن مٺي دريائي پاڻي ۽ رڻ ڪڇ کان وهي ايندڙ سامونڊي کاري تي سامونڊي بندرگاهه هو. انهي ڪري اهو ضروري سمجهيم ته پنهنجي تحقيقي دائري ۾ ويراواه ، ڏوتڙ ۽ پاريننگر جي مشاهدي کي به شامل ڪريان.
اڇڙي ٿر جي سومون جي تڙ جو پاڻمرادو وهندڙ بورنگ به منهنجي لاءِ حيرت جو سبب هو. مٿان وري سرسوتي جي ڳولا جي سلسلي ۾ مون راتين جون راتيون جاڳي انٽر نيٽ تي سرسوتي بابت مختلف ويب سائيٽون به سرچ ڪري مطالعي هيٺ آنديون. ڪولمبو پلان جا اڍائي سئو نقشا به ڏٺا ، قديم دريائي وهڪرن ۽ سرسوتي بابت ڪافي مواد هٿ اچي ويو. ساڳئي وقت انهي ويب سائيٽن جي مطالعي ۽ يوٽيوب تي سرسوتي بابت مختلف ماهرن جا خيال ٻڌڻ جو به اتفاق ٿيو. انهي مطالعي مان معلوم ٿيو، ته هندستان جي هريانا صوبي ۾ سرسوتي جي زير زمين پاڻي تي هڪ ڪئنال پڻ کوٽيو ويو آهي، جنهن مان زرعي پيداوار پڻ حاصل ٿئي پئي. ٻئي طرف اڳتي هلندي سرسوتي جي زير زمين پاڻي تي راجستان ۾ پاڻمرادو وهندڙ بورنگ پڻ زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن .
انهي مطالعي ۽ سومون جي تڙ جي مشاهدي سبب مون کي ٿر جي زمين اندر موجود سرسوتي جي پاڻي جي ذخيري جي ڳولا جو شوق پيدا ٿيو. پر وسيلن نه هئڻ سبب اندر ئي اندر ۾ اها هورا کورا رهي، ته شال ڪو رستو نڪري اچي . هڪ ڀيري ٿر ڪول ۾ ڪم ڪندڙ منهنجي پياري دوست نصير ميمڻ مون کي ٻڌايو، ته ٿر ڪول جي هيٺان پاڻي جو هڪ سمنڊ موجود آهي . جيالاجي جا ماهر ٻڌائين ٿا ، ته اهو پاڻي نوي ارب مڪعب فوٽ آهي. سنڌ ۾ ٿرجي ڪوئلي جي ڪڍڻ لاءِ اينگرو ڪمپني طرفان کوٽايل اوپن پٽ کي زير زمين مشاهدي لاءِ وڏو موقعو سمجهندي. مون نصير ميمڻ کي ٿر ڪول گهمائڻ جي گذارش ڪئي. نصير ميمڻ مون کي ٽن ڏينهن جو مشاهدي جو موقعو ڏيڻ لاءِ ٽيويهين سپٽمبر 2018ع تي مون کي منهنجي گهران پنهنجي گاڏي ۾ کڻي ٿر ڪول وٺي آيو. جتي مون اوپن پٽ جي اونهي کوٽائي ، زير زمين نڪتل پاڻي تي پوکيل آزمائشي فصل به ڏٺا . انهي دوران جيالاجي جي ماهرن سان به معلوماتي ڪچهري ٿي. گڏوگڏ موقعي جو فائدو وٺندي مون پاريننگر ، ڏوتڙ ۽ ويراواهه وٽ قديم دريائي ڇوڙ جا به نشان ڌٺا . اهڙي ريت ٽن ڏينهن جو اهو سفر به ڪري اچي گهر پهتس. اهڙي ريت مون وسيلن جي اڻهوند هوندي به پنهنجو هي سفر خير خوبي سان مڪمل ڪيو. منهنجي تحقيق جو هي تقريبن اٺن مهينن جو ڊگهو ۽ اڙانگو سفر جيڪو27 جنوري 2018ع تي شروع ٿيو هو، سو آخرڪار 25 سيپٽمبر 2018ع تي پنهنجي پڄاڻي کي پهتو. ان سفر جي پڄاڻي بعد انهي سفر جي پيڙائن مان همت سان گذري گڏ ڪيل معلومات جي روشني ۾مسلسل راتيون جاڳي مواد جي ڇنڊڇاڻ کانسواءِ مختلف شعبن جي ماهرن کان رهنمائي حاصل ڪري هي ڪتاب توهان تائين پهچائي سگهيو آهيان . اهڙي ريت هي تحقيقي سفر سال کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهيو.