اڇڙي ٿر ۾ سمن جي حڪومت
سنڌ ۾ سومرا دؤر کان پوءِ جيئن ته سما حڪمران ٿيا، جن جي صاحبي 1351ع کان وٺي 1520ع تائين رهي. غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب سمن جي سلطنت ۾ سمن جي حڪومتي دائري جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي: ته “سمن جي دؤر ۾ عمرڪوٽ، نصرپور، بٺورو، ڪلان ڪوٽ ، رتو ڪوٽ ، سيوهڻ ، نيرون ڪوٽ ، سبي، بکر، ڪوٽ ماڇي، چانڊڪا، باغبان، ٺٽو، فتح پور، ٽلٽي ۽ بدين اهم فوجي مرڪز هئا . جتي ڪوٽ قلعا به موجود هئا . اڪثر سما حڪمران اقتدار جي واڳ وٺندي، سرحدي شهرن ڏانهن ويندا هئا ۽ اتي بچاءَ ۽ دفاع بابت حڪم ڏيندا هئا. هن تاريخي رڪارڊ مان انهي ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته رتو ڪوٽ سمن جي سلطنت جي دائري ۾ ايندو هو. پر انهي زماني ۾ ڪنهن سمي حاڪم جي احوال ۾ اڇڙي ٿر بابت يا اتي ڪنهن آمد يا اثر جو احوال نه ٿو ملي . قديم آثارن جي جائزي مان اهو پتو پوي ٿو ته رتي ڪوٽ کان ڏکڻ طرف موجوده ٿرپارڪر سان لاڳاپيل هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنڌي تي چنيسر جو داسڙن جو دڙو ، ليلان جو ليهور ، ڳاڙهو ڀڙو ، بروڙ جو دڙو ، آمري جو مقام ، منڌرن جو دڙو ، سماننگر ، ٻرڙائي جو ڪوٽ وغيره جي آثارن ۾ سمن جي دور جون نشانيون يا انهي دور جي تاريخي ڪردارن بابت روايتي ڳالهيون ته ملن ٿيون ، جيڪي آثار موجوده ميرپور خاص ۽ عمر ڪوٽ ضلعن ۾موجود آهن . پر رتو ڪوٽ کان مٿي اتر طرف سمن جي دور جي ڪابه نشاني نه ٿي ملي . انهي مان لڳي ٿو، ته اڇڙي ٿر ۾ سما حاڪمن جو ڪو خاص اثر نه هو. جنهن ڳالهه جي سببن تي سوچڻ کانپوءِ هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته ،
اڇڙي ٿر جو سمورو علائقو راجستان سان لاڳاپيل علائقو آهي. انهي ڪري سياسي ۽ سماجي طور هي علائقو سماٽ قبيلن جي سورج ونسي ۽ چندر ونسي ذاتين جي زير اثر رهندو آيو. سرسوتي ندي جي سڪڻ بعد ۽ هاڪڙي ۽ پراڻ جي وهڪرن واري دور ۾ هي علائقو ويران صحرا ۾ تبديل ٿيڻ لڳو، جنهن سبب هتان جي آبادي هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنارن تي موجوده ناري واري علائقي ۾ رهائش پذير ٿي .
جئين ته سرسوتي جي سڪڻ بعد هي صحرائي علائقو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيڻ لڳو. هن علائقي جي ماڻهن زراعت کي ڇڏي مال ڌارڻ شروع ڪيو. جنهن تي هنن جو گذر سفر هلڻ لڳو. جنهن سان وري مال جي چراگاهن تي ڏڪارن جي وقت ۾ ماڻهن ۽ قبيلن ۾ سخت ٽڪراءَ ٿيا . ماڻهن هڪٻئي جو مال ڪاهڻ شروع ڪيو. جنهن کي روڪڻ لاءِ قبائلي حفاظتي ٽولا ٺهيا ۽ راجستان ، گجرات ۽ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ وقت بوقت اهڙا حملا ڪيا ويندا هئا . جن حملن ۽ لوڙهين جو ذڪر شاهه صاحب جي ڪلام ۽ سنڌي ، گجراتي ۽ مارواڙي لوڪ ادب ۾ به موجود آهي. سنڌ ۾ سما دور جو مرڪز لاڙ جي ٺٽي ضلعي ۽ ارغونن جي حملن سبب ڪوهستان رهيو. انهي ڪري هن طرف ڪو خاص حڪومتي توجهه نه رهيو. انهي عرصي دوران هتي سماٽ قبيلن جون ۽ سوڍن جون ننڍيون ننڍيون حڪومتون قائم ٿيون . جيڪي قبيلن جي نکن جي حساب سگهاريون ۽ ڪمزور ٿينديون رهيون. ڀٽي قبيلي جي نکن جو راجستان تي اثر رهيو. جڏهن ته سمن ، سوڍن ۽ سميجن جو اثر وري ٿر ۾ قائم رهيو. هن دور جي خاص ڳالهه جيڪا حيران ڪندڙ آهي ته ٿر ، راجستان ، گجرات ۾ رهندڙ بااثر قبيلا علائقائي طور ٻين ذاتين ۽ ننڍن قبيلن سان ميٺ محبت ۾ رهيا . ڪٿي به انهي دور دوران انهن علائقن ۾ رهندڙ ذاتين جي وچ ۾ ڪي اندروني ٽڪراءُ موجود نه هئا . ٿر، راجستان ۽ گجرات ۾ انهي عرصي دوران بااثر قبيلن جو سياسي نظام به راڄوڻي نظر اچي ٿو. حڪمران بااثر قبيلو صرف ماڻهن جي حفاظت جو ذميوار هوندو هو ، ۽ ٻيا ماڻهو راڄوڻي حساب سان سندن مددگار رهندا هئا. انهي وقت ۾ ڏيتي ليتي ۾ سڪن جي استعمال جون به گهٽ شاهديون ملن ٿيون ، شايد انهي زماني ۾ جنس جي واپار جو رواج عروج تي هو. ماڻهو شين جي عيوض شيون وٺندا هئا. مزدورن کي به جنس جي شڪل ۾ اجرت ڏني ويندي هئي. جنهن کي آهت يا پنچري يا چاراڻي چيو ويندو هو. انهي زماني ۾ سوڍن ۽ ٻين سماٽ قبيلن ۾ به راڄوڻي اتحاد موجود هو. ڪو به مذهبي ٽڪراءُ موجود نه هو. سڀ معاملا راڄوڻي نموني نبيريا ويندا هئا. هن دور ۾ هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪناري وارن شهرن تان دريائي رستي وڻج واپار به هلندو هو. پر انهن پتڻن تي به ڪنهن به محصول يا مقرر ٽيڪس جي ڪا شاهدي نه ٿي ملي. بااثر ماڻهن کي ڏن يا ڍل جي عيوض ماڻهو ڀليون شيون سوکڙي طور ڏيندا هئا. جيڪي اهي ماڻهو فخر سان قبول ڪري موٽ ۾ وري انعام به ڏيندا هئا. اهڙين سوکڙين کي ڍوهڻو سڏيو ويندو هو. جنهن کي وٺندڙ ماڻهو وري موٽ ۾ ايترو انعام ڏيندو هو، جيڪو ڍوهڻو ڏيندڙ جي تصور کان به وڏو انعام هوندو هو. ائين سمورو نظام محبت ۽ عزت جي بنياد تي هلندڙ هو. هن دور جي لوڪ ادب مان اسانکي هڪ گڏيل ۽ عوام ۽ حڪمران جي وچ ۾ محبت ۽ عزت واري مضبوط رشتي جا اهڃاڻ ملن ٿا.