لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

سوامي دت گر جي مڙهيءَ جو دڙو

سوامي دت گر جي مڙهيءَ جو دڙو
هي دڙو خيرپورضلعي جي نارا تعلقي ۾ موجود آهي. هن دڙي جا آثار 30 فوٽ اوچائي تي تاريخ جا ڪئين راز پنهنجي اندر دفن ڪريو بيٺا آهن. هونئن ته مقامي ڏند ڪٿائن جي روشني ۾ هن دڙي سان سوامي دت گر ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي وچ ۾ لڳل جنگ جي نسبت سان هن دڙي کي سامي جي مڙهي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. جنهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو، ته اها مڙهي سن 500 هجري ۾ تعمير ڪرائي ويئي هئي، ۽ سن 1192 هجري ۾ انهي مڙهي تي سوامي دت گر رهندو هو. جيڪو هڪ جادوگر هو. هن جادو جي ذريعي ڪيترائي مسلمان پنهنجي اثر هيٺ آڻي ڇڏيا هئا ، سندس ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اثر کي ڏسي انهي وقت جي مشهور عالم دين ۽ بزرگ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي انهي جادوئي اثر کي اسلام جي خلاف هڪ سازش سمجهي، انهي فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ انهي مڙهي تي ڪاهه ڪئي. نتيجي ۾ جنگ جي شروعات ۾ ئي مخدوم عبدالرحيم شهيد ٿي ويو ۽ سوامي دت گر به مارجي ويو. انهي کان پوءِ اها مڙهي ڦٽي ويئي ۽ وري آباد نه ٿي. روايتن ذريعي اها ڳالهه به ملي ٿي ته ، هي شهر جوڌپور جي راجائن جي حڪومت جي اثرهيٺ رهيو. گرهوڙي جي جنگ بعد هن علائقي کي ٽالپرن پنهنجي قبضي هيٺ آندو.
پر جڏهن وسيع ايراضي ۾ پکڙيل انهن آثارن کي ڏسجي ٿو، ته هن قديم شهر بابت ڪجهه مٿان ظاهر پيل نشانين يا انهي دڙي مان مليل مختلف عجائب گهرن ۾ رکيل شين کي ڏسجي ٿو ته ، معلوم ٿو ٿئي ته هن دڙي هيٺان دفن ٿيل ڪو قديم ۽ عاليشان شهر موجود آهي. هن دڙي جي مٿان پکڙيل بيشمار ٺڪر جي ٿانون جي ٺڪراٺ به ڏسڻ وٽان آهي. ٺڪر جي ٿانون جو گهاڙيٽو، ٿانون جي نفاست ۽ مٿن ٿيل چٽسالي کي ڏسي هتان جي ڪنڀار ڪاريگرن جي فني سچائي کي داد ڏيڻ تي دل چوندي.. ٺڪر جي ٿانون ۾ ڏيئا ، ننڍڙيون قسمين قسمين پياليون ، به شامل آهن . جيڪي پياليون شايد هتان جو عورتون پنهنجي سينگار جون مختلف شيون رکڻ لاءِ استعمال ڪنديون هيون . هنن پيالين ۾ ڪجهه پياليون شايد مندر ۾ شيوا ڪرڻ وقت سينڌر يا تلڪ جو ٻيو سامان رکڻ ۽ لوبان يا ٻين خوشبوئن جي واس ڏيڻ ۾ به استعمال ٿينديون هونديون . ان کان علاوه شيشي جون چوڙيون ، آرسيون ، سرميداڻيون، ڪجل رکڻ جون دٻليون به ڀڳل ٽڪرن جي صورت ۾ پکڙيل نظر اچن ٿيون. جن نفيس شين کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هن شهر جا ماڻهو وڏا شوقين ۽ رنگين مزاج رکندڙ هئا. هتي وڏي تعداد ۾ پٿر جون شيون، پٿر جا ڪونڊا، ٿوري تعداد ۾ پٿر جا بت جيڪي جين ڌرم جا لڳن ٿا ، سي به مليا آهن . انهي کان علاوه هتي عاج ، لوهه ، ٽامي ، ڪٽ ، ڪنجهي ، پتل جون به شيون ملن ٿيون. هن دڙي جي مٿان وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج پڻ پکڙيل نظر اچي ٿو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هتي آسپاس اناج جا فصل به ٿيندا هئا ۽ وڏي خوشحالي هئي. هتي جي ماڻهن جي نفاست ۽ مليل شين مان هتان جي ماڻهن جي زندگي جي سٺي معيار مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو، ته هتي تعليمي معيار به بهتر هو. ماڻهو سڌريل ۽ پڙهيل لکيل هئا . شايد کوٽائي سان هتي ڪنهن وڏي تعليمي درسگاهه جا به نشان ملن. بهر حال هن هڪ قديم سڌريل شهر جا ٽيهارو فوٽ کن اوچا آثار آهن. جنهن جي کوٽائي سان تاريخ جا ڪيترا ئي دفن ٿيل راز ظاهر ٿي سگهن ٿا. هتي سامي جي مڙهي گهڻو پوءِ تعمير ٿي انهي ڪري هنن آثارن جي قدامت کي سامي جي مڙهي سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي. هتي جي شين مان مان اهو به محسوس ٿئي ٿو، ته هن شهر جي ماڻهن جي گهڻو اٿل پٿل راجستان جي علائقن سان رهي هوندي، هتان چانهو جي دڙي سان مطابقت رکندڙ به ڪجهه شيون ملن ٿيون. وڌيڪ صحيح خبر کوٽائي بعد ئي پوندي . بحرحال هي قديم ماڳ به مڪمل طرح سرسوتي تهذيب جو ڳڻي سگهجي ٿو.