اڇڙو ٿر جي غربت ۽ انهي جا سبب
اڇڙو ٿر ۾ غربت جو سبب عوام ۽ حڪمرانن جي هڪٻئي سان لاتعلقي آهي. جنهن سبب هتي زندگي جي ڪا به بنيادي سهوليت موجود ناهي . نه ئي وري ڪنهن انهي طرف سوچڻ جي تڪليف ڪئي آهي. بس هي علائقو ائين ئي الله جي آسري هلي رهيو آهي. ماڻهو مواصلاتي ذريعن جي اڻهوند سبب ٻين علائقن کان ڪٽيل آهن. هتي تعليم نه هئڻ سبب ڪو به سگهارو سماجي شعور موجود ناهي . جيڪو شعور حڪومتي ادارن جو هن طرف ڌيان ڇڪائي. ماڻهن ۾ لاعلمي سبب هتان جي قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال جو شعور به موجود ناهي . ائين چئي سگهجي ٿو. ته هتان جي ماڻهن کي هڪ اونداهي جي کاهي ۾ ڌڪيو ويو آهي. جتان نڪرڻ لاءِ تعليمي شعور جي کوٽ سبب نه هتي ڪو سماجي تحرڪ پيدا ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي اهڙو خيال پيدا ٿيو آهي. هتان جي عوام سعوبتن کي پنهنجو مقدر سمجهي ويهي رهي آهي.
هتان جي حالتن کي ڏسندي اهو محسوس ٿيندو آهي، ته هتي اڃان انگريزن جو نافذ ڪيل حر ائڪٽ پنهنجي پوري سگهه سان قائم آهي. ماڻهن کي 1952ع ۾ جيلن ۽ لوڙهن مان ڪڍي ويران صحرا جي هن رڻ پٽ ۾ اڇلايو ويو آهي. جتي هو پنهنجي زندگي قيد وبند جي سعوبتن کان به وڌيڪ بدتر حالتن ۾ گذاري رهيا آهن. هئڻ ته ائين کپندو هو، انگريزن خلاف هڪ طويل گوريلاجنگ وڙهڻ بعد جيڪا آزادي حاصل ٿي. انهي جو ڦل هن جنگ جي شهيدن جي اولاد کي نصيب ٿئي ها . پر افسوس ائين نه ٿي سگهيو. حر آزادي پسند ويڙهاڪن جو قيدن ۽ لوڙهن ۾ جنم وٺندڙ اولاد وري ٻيهر غير اعلانيه قيد و بند ۾ پنهنجي نسل کي جنم ڏيئي رهيو آهي. جنهن حالت مان نڪرڻ لاءِ سڀ رستا بند ڪيا ويا آهن. جنهن ڳالهه تي سوچڻ جي ضرورت آهي.