لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

اروڙ

اروڙ
روهڙي کان اوڀر ڏکڻ 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سنڌ جي هڪ قديم ۽ صدين تائين سنڌ جي تختگاهه رهندڙ شهر اروڙ جا ڦٽل آثار موجود آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ هن شهر جي شاندار ماضي ۽ خوبصورت عمارتن سان گڏ مضبوط ترين قلعي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جا ڪئين داستان موجود آهن. عربن جي حملي کان به اڳ ۾ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪومتن جي دور ۾ هي شهر سنڌ جي گادي جو هنڌ هو. چيني سياح هيونت سانگ به هن شهر جي مهمان نوازي ، امن امان ۽ خوبصورتي جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر سورلي پنهنجي مشهور ڪتاب گزيٽيئر ۾ هن شهر کي سنڌ جي هڪ وڃايل ندي ( سرسوتي ) جي رهجي ويل باقيات ناري جي ڪناري تي موجود ڄاڻايو آهي، جنهن کي ڪنهن دور ۾هاڪڙو ندي به سڏيو ويندو هو. سورلي پنهنجي انهي ڪتاب ۾ ٿامس پيننٽ جي تيار ڪيل هندستان جي نقشي جي آڌار تي ٻڌائي ٿو، ته اها ندي هماليا کان نڪري ستلج جي اڀرندي پاسي کان وهندي عمرڪوٽ جي پاسي مان گذري ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڊاڪٽر سورلي جي راءِ موجب هن ندي کي هاڪڙو ندي کان سواءِ ڪن جاين تي گهگهر ندي به سڏيو ويو آهي . جيڪا هاڻي ناري جي روپ ۾ سنڌو درياءِ جي اٿل جو پاڻي کڻي پراڻي ڍوري رستي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن شهر جي بربادي کي ڪن ڪتابن عام حڪايتن جي بنياد تي سنڌ جي حاڪم راجا دلوراءِ جي ظلمن سان منسوب ڪيو آهي. پر تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ۾ اها ڳالهه صحيح نظر نه ٿي اچي. محققن جو رايو آهي، ته هن شهر جي ويران ٿيڻ جو سبب سن 962ع ۾ آيل وڏو زلزلو هو. جنهن زلزلي جي نتيجي ۾ سنڌو درياهه هن شهر کان پنهنجو رخ مٽايو. جنهن بعد هي شهر اجڙڻ لڳو.
هن شهر جي آثارن ۾ محمد بن قاسم سان منسوب ٿيل هڪ مسجد جا آثار به موجود آهن ، جنهن بابت وري ڪن محققن جورايو آهي، ته اها مسجد اورنگزيب عالمگير تعمير ڪرائي. جيڪا ڳالهه به ڪن محققن جي راءِ موجب درست ناهي. مسجد جي طرز تعمير کي نظر ۾ رکي ۽ انهي جي تعمير ڪرائيندڙ جي نالي بابت اڃان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. اروڙ جي مسجد بابت آئون به انهي راءِ جو آهيان ته هي مسجد محمد بن قسم جي ٺهرايل ناهي. ڇو ته هن مسجد کي محراب آهي. جڏهن ته انهي زماني ۾ مسجدن ۾ محراب ٺاهڻ جو رواج نه هو. هتي ٻن بزرگن جون مزارون به موجود آهن . جن مان هڪ حضرت قلندر لال شهباز جي همعصر بزرگ شاهه شڪر گنج رح ۽ ٻي حضرت مخدوم جهانيان جي مريد مخدوم شيخ قطب رح جي آهي، ان جي ڀرسان هڪ ننڍي مسجد به آهي. انهن درگاهن کانسواءِ هتي ڪالڪان ديوي جو تاريخي مندر پڻ موجود آهي.
هن شهر جي آثارن جي آسپاس به ڪجهه قديم انساني آبادين جا نشان مليا آهن. مسٽر اين جي مجمدار ايڪسپلوريشن ان سنڌ ۾ لکيو آهي، ته اروڙ جي آثارن جي اتر اوڀر پاسي ننڍڙن دڙن جو هڪ جهڳٽو آهي. جنهن کي مقامي ماڻهو ڳڙهي گور جي نالي سان سڃاڻن ٿا. جڏهن هن دڙي کي کوٽيو ويو، ته انهي مان ستين يا اٺين صدي جون چٽيل سرون هٿ آيون. جن جي چٽن ۽ نشانن کي ڏسي معلوم ٿيو ته اهي هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻهن جون ٺاهيل آهن. هن شهر جي وڌيڪ کوٽائي نه ٿي سگهي . ائين آثار گم ٿي ويا . اهڙي ريت روهڙي جي ڏکڻ ۾ هاڪڙي جو ڳوٺ آهي . جنهن جي ۽ اروڙ جي وچ ۾ ناري جيِ هڪ شاخ آهي. انهي جي 1855ع ۾ کوٽائي ڪرائيندڙ مسٽر ڪربي پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو، ته کوٽائي ڪندي ڏهه فوٽ کن هيٺان تمام گهڻن گهرن جي بنيادن جا آثار نظر آيا. انهن آثارن مان قسمين قسمين ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪرا به مليا. جن ۾ پاڻي رکڻ جا ٿانو، پاٽون، ننڍيون پاٽيون، پيالا، ڇلون، ۽ ٻارن جا رانديڪا به شامل هئا. هتان ڪجهه ٽامي جا سڪا به مليا. جنهن ، مان معلوم ٿو ٿئي، ته هتي پڻ ڪنهن وڏي قديم انساني آبادي جا نشان هئا. جيڪي ضايع ٿي ويا. بيهڪ جي لحاظ کان هتي ملندڙ سمورا قديم آثار سرسوتي تهذيب جا هئا، جيڪي بعد ۾ سنڌ جي حڪومت جي سياسي غلبي سبب سنڌو تهذيب جي حصي طور ڳڻيا وڃن ٿا.