سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري حصي ۾ قديم تهذيب جا نشان
ٿرپارڪر ۽ اڇڙي ٿر جي تفصيلي مشاهدي مان ورتل تقابلي جائزي مان يا هنن ٻنهي ٿرن جي جاگرافي ۽ ڀٽن جي جوڙجڪ مان سندن ٺهڻ بابت ڪجهه نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. ۽ هنن ٻنهي ٿرن جي ٺهڻ بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.
هيستائين انهي سلسلي ۾ بلڪل ماٺار رهي آهي. ڪنهن به محقق انهي ڏس ۾ ڪو ڪم نه ڪيو آهي، نه ئي انهي بابت ڪو ڪتاب هيلتائين منظر عام تي آيو آهي. ۽ نه ئي ٿرڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن کانسواءِ ڪا جديد سائنسي تحقيق پڌري ٿي آهي. انهي لاءِ انهي ماٺار ٽوڙڻ ۽ تحقيقي ادارن جو توجهه ڇڪائڻ لاءِ ڪي انديشا ۽ انومان بيان ڪري سگهجن ٿا. جيئن انهي ڏس ۾ ڪي بحث ڇڙي پون ۽ ماٺار ٽٽي، ۽ هن ڏس ۾ ڪا حتمي نتيجن سان ڀرپور تحقيق سامهون اچي سگهي. انهي لاءِ اسان ڌرتي جي ارتقا جي سفر جو جائزو وٺنداسين جيئن موجوده شاهدين کي انهن سان جوڙي ڪجهه چئي سگهجي. انهي ڏس ۾ نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اهو جائزو وٺڻ نهايت ضروري آهي.
ڌرتي جي ارتقا جي سفر جو جائزو: ڌرتي جي عمر هن کان اڳي ارضيات جي ماهرن جي چوڻ موجب ساڍا چار ارب سالن کان به وڌيڪ آهي. انهي عمر کي وري ڌرتي جي ماحول ۽ مانڊاڻ بابت مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي. پر ڌرتي تي ماحول، موسمن، جاگرافيائي حالتن جي فرق سبب ڌرتي بابت ورهايل دورن تي به اختلاف ۽ مونجهارا موجود آهن. مثال پٿر جي دور بابت به اندازا مفروضن تي ٻڌل آهن. ڇاڪاڻ ته جابلو علائقن تي ته اهي اندازا درست ثابت ٿي سگهن ٿا ، پر جتي جبلن جو ڪو وجود ناهي، يا ميداني علائقا ۽ صحرا آهن. اتي پٿر جي دور واري رهڻي ڪهڻي ساڳي نه هو ندي. انهي لاءِ بهتر ائين ٿيندو، ته ڌرتي جي مختلف دورن کي زميني حالتن ۽ جاگرافي سان جوڙي پوءِ ڪا راٰءِ قائم ڪئي وڃي. انهي لاءِ هر جاءِ جي جاگرافي حالت ۽ موسمي ماحول کان پوءِ ئي تاريخ تي ڪم ڪندڙ محققن کي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ گهرجي.
هاڻي اسين ڌرتي جي ٺهڻ جي شروعاتي دورن کي ڇڏي ، پوين دورن جن ۾ ڌرتي جي جاگرافي تي موسمي دورن جا اثر جن جي بنياد تي ڌرتي تي زندگي وجود ورتو، اتان کان سنڌ ۾ سرسوتي تهذيب جي حصي اڇڙي ٿر بابت تحقيق جي سفر جي شروعات ڪرڻ بهتر ٿيندو. جيئن هنن علائقن جي باري ڪجهه چئي سگهجي.
ٿرپارڪر جي ڀٽن جي جوڙجڪ کي پهريائين نظر ۾ رکي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اڇڙي ٿر جون ڀٽون اتر کان ڏکڻ رخ تي آهن ۽ دريائي آندل نج واري مان ٺهي راس ٿيون. ڀٽن جي رخ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته اهي دريائي وهڪرا اتر کان ڏکڻ طرف وهندا ۽ پنهنجي آندل ريٽ سان ڊيلٽا ٺاهيندا رهيا. اهي وهڪرا هن پاسي انهي ڪري وهڻ شروع ٿيا، جو هي علائقو انهي وقت هيٺاهين تي هو، جنهن سبب وهڪرا هن پاسي وهندا هئا . اهو پاڻي هماليا کان ايندڙ پاڻي جي وهڪرن جو هو.
قديم ڪتابن ۾ به سرسوتي ندي جو ذڪر ملي ٿو. جيڪا هتي گم ٿي ويئي هئي. سا به انهن قديم وهڪرن جي نشاني جا پيرا کڻي، انهي ڳالهه جي تصديق ٿي ڪرائي، ته اهي وهڪرا پڪ سان هماليا کان ايندڙ پاڻي جا هئا. هماليا جا اهي وهڪرا هيٺ لهي ڀارتي پنجاب کان هن طرف ايندي هريانا مان گذرندي، موجوده اڇڙي ٿر جي منڍ کان اچي موجوده سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. انهن وهڪرن جي رفتارمٿان کان هيٺائين تي لهڻ سبب نهايت تيز هئي. پر سنڌ ۽ راجستان ۾ سرسوتي جي انهن وهڪرن ۾ زمين جي سڌائي سبب وهڪرن جي تيزي گهٽجي ويئي، انهي ڪري اهي درياءَ پنهنجي وهڪرن ۾ آندل واري سان جلد ڀرجي وري هيٺائين طرف وهندا ۽ رخ بدلائيندا رهيا. اهڙي ريت هن علائقي ۾ دريائن جو هڪ سلسلو اوڀر کان اولهه طرف ٺهڻ لڳو، جن دريائن جا رخ اتر کان ڏکڻ طرف هئا. جن جا آثار اڇڙي جي ڀٽن جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهن. اڇڙي ٿر جون نج واري واريون ڀٽون انهن قديم درياهي وهڪرن جي اڄ به شاهدي ڏيئي رهيون آهن. هاڻي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي، ته هماليا جا اهي قديم وهڪرا ڪيترو عرصو اڳ هتي وهڻ شروع ٿيا. جنهن جي شاهدي اسان کي زير زمين پاڻي جي ذخيرن مان ئي ملي سگهي ٿي. جيڪو پاڻي هيٺ دريائي آندل مٽي ۾ دٻجي ويو. اهڙي پاڻي جو هڪ ذخيرو اسان کي هڪ سماجي تنظيم ٿرديپ طرفان پاڻي جي ڳولا ۾ ڪرايل بورنگ ڳوٺ سومون سمون جي تڙ مان ملي ٿي . جيڪو پاڻي جي ڳولا ڪندڙ عملي کي يارهن سئو سٺ فوٽن جي گهرائي تان مليوهو. انهي پاڻي جي ذخيري ۾ ايترو پريشر هو، يا اهو پاڻي ايترو هيٺ دٻيل هو. جو ٺڪاءَ سان ڦاٽي نڪتو ۽ سال 2005ع کان مسلسل ڇهن انچن جي لڳايل پائپ مان بغير ڪنهن مشين جي مسلسل پاڻمرادو وهي رهيو آهي، ۽ ڏسندڙن کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. انهي مليل پاڻي جي زير زمين پاڻي جي ذخيري جي اونهائي مان ئي هن علائقي ۾ وهندڙ پهرين دريائي وهڪرن جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جيڪو عالمي اداري يونسيف جي انڊس ڊيلٽا بابت 1964ع جي سروي رپورٽ موجب هڪ هزار سالن ۾ هڪ ميٽر جي ڊيلٽا جي اوسر جي حساب سان اندازولڳايو وڃي، ته لڳ ڀڳ ٽي لک ڇهانوي هزار سال بيهي ٿو. يعني سومون سمي جي تڙ وارو زير زمين پاڻي جو ذخيرو ٽي لک ڇهانوي هزار سالن کان به آڳاٽو آهي. وري جيڪڏهن سرسوتي جي ڳولا جي سلسلي ۾ ڪيل تازي تحقيق جي روشني جنهن ۾ اهو ڄاڻايل آهي، ته سرسوتي عام دريائن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ريٽ يعني هڪ سئو سالن ۾ اٺن انچن جو ڊيلٽا جي اوچائي ۾ اضافو ڪيو، ته انهي حساب سان به يارهن سئو سٺ فوٽن جو حساب ڪبو، ته انهي پاڻي جي عمر وڃي ٽي لک اٺيتاليهه هزار سال بيهندي. وري ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن موجب اهو زير زمين پاڻي پنج لک سال پراڻو آهي. جيڪي جيالاجي رپورٽون جديد سائنسي بنيادن تي ڪيل تحقيق جي سلسلي ۾ وڌيڪ مستند مڃي سگهجن ٿيون. يعني اهو بي ڌڙڪ چئي سگهجي ٿو، ته اهو پاڻي پنج لک سال پراڻو آهي.
انهي نتيجي جي آڌار تي اهو چئبو، ته اڇڙي ٿر مان هماليا جي آندل پاڻي جا وهڪرا ٽي لک ڇهانوي هزارسالن يا گذريل سائنسي تحقيقن جي حساب سان ٽي لک اٺيتاليهه هزار سال آڳاٽا چوڻ جي بجاءِ هاڻي ائين چئبو ته هماليائي ندين جا وهڪرا پنج لک سال آڳاٽا آهن. انهي قديم وقت ۾ اڇڙي ٿر وارا علائقا ٻارهن سئو فوٽن کان وڌيڪ موجوده سطح کان هيٺ گهرا هئا ، جنهن گهرائي سبب انهن قديم دريائن جو پاڻي هتان وهندو هو. انهي وقت گهرائي جي حساب سان هماليا کان ايندڙ وهڪرا ٻئي پاسي وهڻ بجاءِ هتي وهڻ شروع ٿيا ۽ پنهنجي آندل وهڪرن جي ريٽ مان سرسوتي ڊيلٽا کي اولهه طرف وڌائڻ لڳا. انهي زميني گهرائي جي حدن جو اندازو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن هماليا کان وٺي هندستان مان ٿيندو، موجوده اڇڙي ٿر تائين زير زمين پاڻي جي گهرائي جو مشاهدو ڪبو. جيڪا ڳالهه وري هن ڪتاب جي دائري کان مٿي آهي. انهي ڪري انهي گهرائي جون حدون جانچڻ لاءِ بين الاقوامي تحقيقي ادارن کي اڳيان اچڻ گهرجي. جيڪا ڳالهه ڪنهن انفرادي نموني ڪيل تحقيق کان مٿڀري آهي. جيڪا ڪنهن اڪيلي محقق جي وس کان به مٿي آهي.
تازو ٿرپارڪر مان ڪوئلي جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن . جيڪي زير زمين ساڍا چار سئو فوٽ گهرائي تي مليا آهن .ٿر ڪول جي جيالاجي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي ڪي قديم گهاٽا ٻيلا هئا جيڪي دٻجي وڃڻ سبب ڪيميائي تبديلين مان گذرندا ڪوئلي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويا آهن. خاص ڳالهه ته اهو ڪوئلو به مٺي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ٿرڪول جي جيالاجي رپورٽن موجب ٿر جي پٽيءَ ۾ اسي يا نوي ارب مڪعب فوٽ پاڻي جو سمنڊ موجود آهي. اهو ايڏو وڏو دٻيل زير زمين مٺي پاڻي جو سمنڊ اها شاهدي ٿو ڏي، ته لکين سال اڳ ۾ هتي دريائي پاڻي جا تمام گهڻا وهڪرا موجود هئا. جنهن سبب اهو پاڻي جو ايڏو وڏو ذخيرو گڏ ٿي ويو. ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن موجب ٿر ڪول جي مٿان وارو پاڻي جو ذخيرو يا تهه، پنج لک سال پراڻو آهي. انهن جيالاجي جي رپورٽن ، خود يونيسيف جي انڊس ڊيلٽا بابت 1964ع جي سروي رپورٽ کي به سواليه بڻائي ڇڏيو آهي. زير زمين پاڻي جي عمر ۾ ايڏو وڏو تضاد پهريون ڀيرو جديد سائنسي انداز ۾ ظاهر ٿيو آهي. جنهن تي آئنده تحقيقي ماهرن کي نئين انداز سان سوچڻو پوندو.
مٿئين جائزي مان اهو اندازو ٿيو ته هماليا کان ايندڙ سرسوتي جي پاڻي جا وهڪرا ٽي لک اسي هزار سالن يا ٽي لک اٺيتاليهه هزارسالن يا ٿرڪول جي جيالاجي سروي رپورٽن موجب پنج لک سالن کان به آڳاٽو وهندا هئا. يعني قديم سرسوتي درياهه جي آخري وهڪرن جي پڄاڻي اڇڙي ٿر ۾ اچي ٿي، جنهن سبب قديم ڪتابن ۾ آيل سرسوتي جي گهڻن وهڪرن جو ذڪر شامل آهي. ائين اهي وهڪرا ريٽ آڻيندا ، پوربا ۽ وري مختلف طرفن ڏانهن رخ بدلائيندا رهيا. ائين اڳتي هلي سرسوتي جو ڊيلٽا ٺهيو. جيئن سنڌ جي موجود تاريخن ۾ سرسوتي جي گم ٿيڻ کان پوءِ وهندڙ دريائن هاڪڙو، نارو، چوٽانگ، گهگهر، ريڻي، جو ذڪر ملي ٿو. سرسوتي جي وهڪرن جو آخري وهڪرو هاڪڙو اڳتي هلي انگريزن جي دور ۾ موجوده سنڌو درياهه سان ملايو ويو ۽ اڄ تائين نارا ڪئنال جي صورت ۾ وهي رهيو آهي.. ائين وري سنڌو ندي جي وهڪرن پراڻ، پٽيهل، ساڱرو۽ ٻين نالن سان درياهه جي وهڪرن جا نشان موجود آهن. سنڌو جي انهن وهڪرن جي شروعات اڇڙي ٿر جي اولهه کان ٿي ۽ پوءِ اهي وهڪرا رخ بدلائيندا اولهه طرف هليا ويا.
انهي جائزي مان اهو نتيجو نڪري ٿو، ته سرسوتي جا وهڪرا دهلي جي اولهه کا وهندا ڊيلٽا ٺاهيندا اچي سانگهڙ ۽ کپري تائين پهتا، ۽ وري سنڌو ندي جا وهڪرا ڪي پي ڪي کان ڊيلٽا ٺاهيندا سنڌ کي جنم ڏيندا اچي سانگهڙ وٽ سرسوتي ڊيلٽا سان مليا. پوءِ سرسوتي سنڌو جي هنج ۾ آرامي ٿي سمهي رهي ۽ محقق بغير تاريخي ڇنڊڇاڻ جي يا جاگرافيائي حالتن جي اڻ ڄاڻائي ۾ سرسوتي ۽ سنڌو تهذيب کي هڪ سمجهڻ جي غلطي دهرائيندا رهيا .
اڇڙي ٿر جي ڊرينهن واري علائقن کي ڏسڻ سان اهو پڻ چئي سگهجي ٿو، ته دريائن جا اهي قديم وهڪرا سرسوتي درياهه جي رخ تبديل ڪرڻ يا گم ٿيڻ کان پوءِ به هتان صديون برساتي موسمن ۾ آب وتاب سان وهندا رهيا. جن جي باقيات طور اڇڙي ٿر جو ڊرينهون اڄ به درياهي مٺي پاڻي کي سانڍيو اچن. جيڪو ڪجهه فوٽن جي کوٽائي سان ڊرينهن وارن علائقن مان اڄ به ملي ٿو. ڊرينهن جي واري جو خطرناڪ صحرائي روپ به اهو ثابت ڪري ٿو، ته ڪجهه هزار سال اڳ تائين انهن ڊرينهن مان درياهي وهڪرا وهندا هئا. انهن ڊرينهن وارا علائقا ٿر جي شروعاتي ٺهڻ واري عمل کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ وڏي شاهدي ڏيندڙ آهن. جتي رهي ارضيات جا ماهر صحرائن، ريگستانن، واريءَ جي ڀٽن جي ٺهڻ واري عمل جو جائزو وٺي سگهن ٿا . شايد اهڙي مشاهدي واري جڳهه دنيا ۾ ٻئي هنڌ گهٽ ملي. جيڪڏهن اسانجي حڪومت هن رخ تي دنيا جي تحقيقي ادارن کي مشاهدي ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي دعوت ڏي ته ، انساني تهذيبي ارتقا ۽ جاگرافي بابت ڪيترائي منجهيل سوال حل ٿي وڃن. انڊس ڊيلٽا جي گهرائي ماپڻ ۾ اڇڙي ٿر جي مشهور ڊرينهن ۾ گهيريل پورچنڊ ڍنڍ به وڏي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. اگر ڪو ادارو هن ڍنڍ جي گهرائي ۽ پاڻي ۾ شامل ڪيميائي جزن جو جائزو وٺي تڏهن به گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو