لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

اڇڙو ٿر ۽ ڏڪار

اڇڙو ٿر ۽ ڏڪار
ڏڪار لفظ جي معني آهي کوٽ يا شين جو نه ملڻ ، وري دنيا ۾ ڏڪار جا به ڪيترائي قسم آهن . جن کي وري ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙا ڏڪار قدرتي آفتن سبب پيدا ٿيندا آهن . يا موسمي ڦير گهير سبب قدرتي وسيلن ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي. جنهن سبب آبادي جي ڀيٽ ۾ وسيلا ۽ شيون اڻ پوريون ٿيڻ سبب کوٽ ٿي ويندي آهي. ٻيا ڏڪار وري حڪومتن جي غلط رٿابندي ۽ وسيلن جي اجائي زيان سبب يا انهن وسيلن تي محدود شخصيتن جي قبضي ، مفاد پرستي جي ڪري ذاتي استعمال سبب انهن جو فائدو عام ماڻهن تائين نه پهچندو آهي. اهڙن ڏڪارن کي هٿراڌو ڏڪار سڏيو ويندو آهي . پر اسان وٽ هڪ ٽيون ڏڪار به ايندو آهي ، جنهن کي نيتن جو ڏڪار چئي سگهجي ٿو. انهي معنيٰ ۾ ڏسجي ، ته اڇڙي ٿر ۾ هن ڏڪار جو اثر تمام گهڻو آهي. اڇڙي ٿر ۾ قدرتي وسيلا هتان جي ماڻهن جي حساب سان ڪي گهٽ ناهن. هتي پاڻي جو ذريعو موجود آهي. قدرتي کاريون يا مٺيون ڍنڍون مٺو پاڻي ڏين ٿيون . ڇو ته ڪهڙي به ڍنڍ جي ڪناري تي ڪهيوري يا ڪيهر گاهه واري جاءِ تي تس يا چلها کوٽڻ سان مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو. ڊرينهن جي نخلستانن يا هيٺانهين وارين جاين تي قدرتي مٺي پاڻي جا ذخيرا آهن. ڀٽن واري عام اڇڙي ٿر جي ڪافي جاين تي مٺي پاڻي جا کوهه ۽ نلڪا موجود آهن . هتي جا ماڻهو نه زمين کيڙين ۽ نه ئي وڻن جي واڍي ڪن. انهي ڪري هتي دائمي ساوا وڻ به ڪجهه تعداد ۾ موجود آهن . جيڪي ٿوري برسات تي به ساوا ٿيو وڃن . هتي عام اڇڙي ٿر يا روهي جي علائقي ۾ به برساتن تي قدرتي گاهه تمام گهڻو پيدا ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هتي جا ماڻهو زمين کيڙين ڪو نه ٿا ، جنهن سبب قدرتي گاهن جا ٻج هتي زمين ۾ موجود آهن . ٿوري گهڻي برسات تي به هتي بي انداز گاهن جو ذخيرو پيدا ٿيو پوي . جيڪو هتان جي مال جي گذاري جيترو ٿيو وڃي . مطلب ته اڇڙو ٿر ٻين صحرائي علائقن جي ڀيٽ ۾ ڏڪار جهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ جهڙو آهي. هتي معدني ذخيرا، يا ڍنڍن مان به عام ماڻهن جي جياپي جو سمر ڪجهه قدر ملي وڃي ٿو. هتان جا ماڻهو اڇڙي ٿر جي وسيلن کي صحيح استعمال ڪرڻ جي ڏاهپ سان گڏ وڏي همت وارا ۽ خود دار آهن . هو پنهنجا علائقا ڇڏي ٻين صحرائي علائقن جي ماڻهن وانگر لڏ پلاڻ به نه ٿا ڪن . هو هتي جي ماحول ۾ جيئڻ ۽ وقت گذارڻ جو حوصلو رکن ٿا . مطلب ته فطرت هن صحرا تي وڌيڪ مهربان آهي. پوءِ به هتي انهن وسيلن هوندي به هرسال سخت ڏڪار واريون حالتون پيدا ٿين ٿيون . هتي جا ماڻهو غربت جي لڪير کان به گهڻو هيٺ گذارين ٿا . هر سال بيمارين ۾ سوين ماڻهو بغير علاج جي مالڪ کي پيارا ٿيو وڃن. هرسال سندن گذران جو واحد وسيلو چوپايو مال به بيمارين جي ور چڙهي وڏي تعداد ۾ مريو وڃي . جيڪو سوال منجهائيندڙ آهي ، ڇاڪاڻ ته هتي ڏڪار جي وصف موجب حالتون ناهن. هتي قدرتي وسيلن جي کوٽ نه هئڻ جي باوجود به ڏڪار اچي ٿو. جنهن سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ اسان کي هتي جي قدرتي وسيلن تي ماڻهن جي پهچ ، مالڪي ۽ عام ماڻهن جي ملندڙ فائدي جو سمورو حساب ڪرڻو پوندو . جيئن انهي پوتاميل موجب اصل سببن کي ڳولي سگهجي.
سڀ کان پهريائين ڏسجي ته هتي جي پاڻي جي ذخيرن تائين ماڻهن جي پهچ ڪيتري آهي؟ ٿر ۾ جيئن ته ماڻهن جا ڳوٺ ، پاڻي جا ذخيرا ۽ مال جي چاري جون جايون هڪ هنڌ موجود ناهن انهن جي وچ ۾ اڙانگين ڀٽن سبب وڏو فاصلو موجود آهي . انهي فاصلي کي طئه ڪرڻ لاءِاڇڙي ٿر جي پوري ايراضي ۾ ڪو به روڊ رستو موجود ناهي . نه ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ڪو انتظام آهي . ماڻهن کي پاڻي جي حاصلات لاءِ تمام وڏي محنت ۽ پنڌ ڪرڻا ٿا پون. سندن پوري افرادي سگهه انهي ۾ صرف ٿيو وڃي. برسات جي موسم کانسواءِ هتي پاڻي جو پورائو ڪرڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. جنهن ڏس ۾ حڪومت طرفان ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي . جيڪڏهن صرف روڊ رستا هجن تڏهن به هي اهم مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.
وري ڏسجي ته هتي جي معدني ذخيرن مان هتان جي ماڻهن کي ڪجهه فائدو ملي ٿو يا نه ؟ انهي سلسلي ڏسبو ته بدقسمتي سان اسان جا حڪمران ملڪ جي ماڻهن جي فائدي ۾معدني وسيلن بابت اڃان تائين ڪو به قاعدو قانون يا پاليسي نه ٺاهي سگهيا آهن. جنهن سبب پوري ملڪ ۾ معدني وسيلن مان مقامي ماڻهن کي ڪو خاطر خواه فائدو حاصل نه ٿي سگهيو آهي . هر هنڌ سالن کان عوام جي احتجاجن جي باوجود به حڪومت انهي ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اڇڙي ٿر ۾ وري هتان نڪرندڙ لوڻ ، مختلف ڪيميڪلز ، ڍنڍن جي پيداوار ، گئس جا ذخيرا . مختلف ڪمپنين ۽ با اثر ماڻهن جي قبضي ۾ آهن . جيڪي هتان جي ماڻهن کي ڪو به فائدو يا حق ڏيڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر مزدوري جو جائز حق نه ٿا ڏين . هتي جا سمورا ذخيرا ڪڍڻ وقت هتي ٿيندڙ ماحولياتي نقصانن جي بچاءَ لاءِ به ڪجهه نه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب هتي انهن معدني ذخيرن مان هتان جي ماڻهن کي فائدي ملڻ بجاءِ ويتر سندن مسئلن ۾ اضافو ٿيو آهي. ماحولياتي نقصانن سبب هتان جي قدرتي وسيلن کي به هاڃيڪار نقصان پهچي رهيو آهي. افرادي سگهه کي هتان جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيترو تيار ڪيو آهي.؟
فرد جي سگهه کي قائم رکڻ لاءِ يا کيس ڪارگر بنائڻ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي، ته ماڻهن جي معيار زندگي کي بهتر بنائجي ، کين بنيادي سهوليتون جن ۾ صحت ، تعليم ، امن و امان ، روزگار، ضروريات زندگي جي شين جي حاصلات ۽ وڪري لاءِ واپاري مرڪز وغيره ڏنا وڃن . جيئن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه رهي، ۽ هو ڪارگر شهري ٿي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. انهي سلسلي ۾ اڇڙي ٿر تي نظر ڦيرائبي ، ته هتي نه روڊ ۽ رستا ، نه اسڪول ، نه اسپتالون نه ئي شهر يا ڪي ننڍا به ڪاروباري مرڪز هتي موجود آهن . مطلب ته هتي جي ماڻهن لاءِ ڪا به بنيادي سهوليت موجود ناهي. هتي جا ماڻهو تعليم ، علاج ۽ ضرورت جي شين جي حاصلات جي لاءِ سخت پريشاني جي حالت ۾ گذاريندا آهن.
انهي سمورن سوالن جي جوابن جي روشني ۾ پوتا ميل ڪرڻ بعد اهو نتيجو سامهون آيو، ته هتي جي ڏڪارن جو ذميوار نيتن جو ڏڪار آهي . جنهن ڏڪار جي حل لاءِ سمورن کي هتي مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ سوچڻ سان گڏ عملي طور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻي حالت ۾ اهو نيتن جو ڏڪار هتان جي پوري سماج کي نهوڙي نيندو