اڇڙو ٿر ۽ حر گوريلا تحريڪ
مٿي ڄاڻايل راشدي پيرن جي سياسي ۽ سماجي ڪردار بابت ڏنل احوال مان حر جھدوجهد جي مختلف مرحلن ، مختلف دورن ۾ آيل لاڙهن ۽ چاڙهن بابت ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد اچو! ته حر گوريلا جنگ ۾ عوامي ڪردار ۽ انهن جي گوريلا ويڙهه ۾ شرڪت بابت ڪجهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون. حر جدوجهد جي اڳواڻي ته راشدي پيرن جي وطن دوستي ۽ سنڌ ۾ سندن پيري مريدي جي اثر سبب کين ملي. ۽ پوري حرجدوجهد جي تاريخ ۾ سندن اڳواڻي وارو ڪردار رهيو. پر هن جدوجهد ۾ اڇڙي ٿر جا ماڻهو وڌيڪ سرگرم رهيا. انهي ڳالهه جي سببن تي غور ڪبو، ته ڪجهه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. جن ۾ پهرين ڳالهه ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور کان به گهڻو آڳاٽو هي علائقو سياسي سماجي طور هڪ علحده ۽ پاڻمرادو ٺاهيل راڄوڻي نظام تحت هلندڙ هو. انهي کانسواءِ سنڌ جي حڪمرانن جو رويو به اڇڙي ٿر جي ماڻهن سان بي اعتمادي وارو هو. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته ، ميرن اڇڙي ٿر ۾ ٺاهيل سمورن قلعن ۽ سرحدي چوڪين تي بلوچ قبيلن جا ماڻهو مقرر ڪيا. جن جو رويو هتان جي ماڻهن سان صحيح نه هو. انهي ڪري موٽ ۾ اڇڙي ٿر جا ماڻهو به ٽالپرن کي پنهنجو خيرخواهه حاڪم نه سمجهندا هئا. انگريزن به سنڌ تي قبضي کان پوءِ ترت ساڳئي نموني وارو رويو اختيار ڪيو. جنهن سبب هڪ ته انهي آزاريندڙ رويي خلاف حڪمرانن سان دلي نفرتون ته اڳ ۾ ئي پيدا ٿيل هيون ، وري سندن غير هئڻ ۽ پير صاحبن جي انگريزن کان بيزاري هن جدوجهد کي جنم ڏنو. جاگرافيائي لحاظ کان به هي علائقو تاريخي طرح گوريلا جنگين جو مرڪز رهيو آهي. انگريزن خلاف پهرين حر هلچل جو مرڪز به مکي ٻيلي کي بنايو ويو. حر ويڙهاڪن جي مضبوط پناهه گاهه به اڇڙو ٿر هو، انهي ڪري انگريزن ۽ حرن جا وڏا تاريخي مقابلا به اڇڙي ٿر جي ئي حدن ۾ ٿيا. موٽ ۾ انگريز فوج جون قهري ڪاروايون، فو ج ڪشي ۽ هوائي جهازن ذريعي بمباري به هتي ڪئي ويئي. اڇڙي ٿر جي سمورن ڳوٺن کي ساڙي ماڻهن کي لوڙهن ۾ ٻارين بچين قيد رکيو ويو. انهن ڪارواين سبب اڇڙو ٿر ماڻهن کان مڪمل طور خالي ٿي ويو. هن علائقي ۾ هڪ طرف صرف حر ويڙهاڪن جون پناهه گاهون ته ٻئي طرف ناري ۽ ڪس واري پٽي ۾ انگريز فوج جون ڪيمپون، پوليس ٿاڻا ۽ چوڪيون هيون. پوري برٽش دور ۾ اڇڙي ٿر وارو علائقو ميدان جنگ هو.