لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

قديم دريائي وهڪرن بابت ماهرن جا رايا

قديم دريائي وهڪرن بابت ماهرن جا رايا
سنڌ مان قديم پاڻي جي وهڪرن بابت ڄاڻ مونجهاري جو شڪار آهي. انهي مونجهاري جي حل لاءِ اهو ضروري آهي، ته هيلتائين دريائي وهڪرن بابت ٿيل تحقيقي ڪم جو جائزو ورتو وڃي . هن کان اڳ ۾ ڪيل تحقيق جي وچ ۾ تضادن جي ڇنڊڇاڻ ڪري موجوده جاگرافي قديم آثارن جي مشاهدي ذريعي ڳوليل شاهدين جي بنياد تي ڪا راءِ قائم ڪئي وڃي . انهي ڪري اچو ته اڳ ۾ مختلف محققن طرفان ٿيل تحقيق جو جائزو وٺون :
سنڌ جي جاگرافي قديم دريائي وهڪرن سبب ٻن حصن ۾ اُسريل نظر اچي ٿي. اوڀر وارو حصو، جنهن کي هاڪڙويا قديم درياءَ سرسوتي جا وهڪرا سيراب ڪندا نظر اچن ٿا. جيڪو سرسوتي تهذيب جي حصي طور سنڌ ۾ شامل آهي، ۽ سنڌ جي اولهه واري حصي کي سنڌو درياءَ آبياري ڪندو نظر اچي ٿو. اها حقيقت آهي، ته دنيا جي ٻين پراڻين تهذيبن جيان سنڌ ۾ به قديم دريائي وهڪرن جي ڪنارن سان قديم شهرن جا ڪيترائي آثار ملن ٿا. پر اڃا تائين سنڌ جي اوڀرئين پاسي مان وهندڙ قديم ندين جي ڪنارن تي آباد اوائلي آثارن جي پوري کوجنا نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به اهڙو اشارو ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته ، “رَورَ سسٽم وارين ايراضين مان وهندڙ پراڻا دريائي وهڪرا ۽ شاخون قديم آثارن جي ڳولا لاءِ ڪارگر آهن. ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳاٽو جيڪي قديم شهر يا ڳوٺ هئا. تن جي ڳولا لاءِ قديم دريائي وهڪرن جي ڪنارن تي ڳولا ڪرڻي پوندي. سنڌو نديءَ جي الهندي طرف وارن وهڪرن جي ڪناري تي قائم ٿيل قديم انساني بستين جي ته اسان کي خبر آهي. مثلاً آمري هئي يا موهن جو دڙو هو، پر اڀرندو نارو جيڪا به هڪ پراڻي ندي آهي، تنهن جي ڪناري لڳ جيڪي آثار آهن، تن تي ڪا توجهه نه ڏني ويئي آهي. اڀرندو نارو جيڪو ڪنهن وقت هڪ وڏي ندي هئي، تنهن سان لاڳو جيڪي آثار آهن، تن کي به ڳولي لهڻو پوندو. انهي ڳالهه تي به ڪافي محقق متفق آهن، ته سنڌ جي اوڀر واري حصي ۾ ڪنهن دور ۾ هاڪڙو درياهه وهندو هو. جنهن درياءِ جي الڳ وجود لاءِ تاريخ ۾ ڪافي شاهديون ملن ٿيون. انهيءَ آڌار تي اهو بخوبي چئي سگهجي ٿو، ته هاڪڙي درياهه جو سنڌوءَ جيان پنهنجو الڳ وجود هو. ليڪن تحقيق جي ميدان ۾ ڪن مورخن بي خبري ۾ هاڪڙو ۽ سنڌوءَ کي گڏي بيان ڪيو آهي ۽ سندن آڏو هاڪڙو خود سنڌو جو هڪ وهڪرو هو ۽ اڳتي هلي هڪ شاخ ٿيو ۽ آخر ۾ سندس وجود ٿر جي وارياسي علائقي ۾ گم ٿي ويو.”.
هاڪڙي نديءَ جي مٿاهين اترئين پاسي واري قديم آثارن تي کوجنا جو ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي. البت ان وهڪري جي هيٺئين پاسي تي موجود قديم آثارن جي نه صحيح ڳولا ٿي آهي ۽ نه ئي ڪا تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ ٿي آهي.
محمد حسين ڪاشف پنهنجي مقالي “ هاڪڙو درياءَ ” ۾ حوالو ڏيندي لکي ٿو، ته ڊاڪٽر محمد رفيق مغل هاڪڙي جي اترئين علائقي ۾ چار سؤ ست اهم قديم ماڳن جو پتو لڳايو آهي. جن کي هن ٽن دؤرن ۾ تقسيم ڪيو آهي:
. چار هزار سال قبل مسيح کان ٽي هزار سال قبل مسيح
. ٽي هزار سال قبل مسيح کان اڍائي هزار سال قبل مسيح
. ڏيڍ هزار سال قبل مسيح
مغل صاحب لکي ٿو ته “ هاڪڙي واديءَ جي سروي سنڌ جي متعلق اسان کي ثقافتن جي عروج ۽ زوال جي باري ۾ اهم معلومات مهيا ڪري ٿي، هاڪڙي واديءَ مان ئي سنڌ جي قديم تهذيب جي شروعات ۽ تمام سڌريل ۽ آخري هڙپائي دؤر جون شاهديون ملن ٿيون، ۽ ان کانپوءِ جي ثقافتي لاڳاپن تي پڻ روشني پوي ٿي. ” ڊاڪٽر مغل جو چوڻ آهي ته “ انهيءَ معلومات اسان کي سنڌ جي واديءَ جي تحقيق لاءِ نوان نقطا مهيا ڪيا آهن.” ڊاڪٽر مغل صاحب جو خيال آهي، ته هيلتائين نارا ڪئنال جي رستي، جتان هاڪڙو درياهه وهي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو. انهي جي اثرن تهذيبي اوسر ۽ انهي جي باقيات جو پتو لڳائڻو پوندو. انهي رستي سان وهندڙ دريائي وهڪري کي سنڌ ۾ ريڻي، نارا يا هاڪڙو ڪوٺيو وڃي ٿو. سنڌ جي انهيءَ وسيع العريض علائقي تي اڃا تائين ڪا به تحقيق نه ٿي سگهي آهي.
چيو اهو وڃي ٿو، ته قديم جاگرافيائي ورهاست مطابق درياءِ هاڪڙو سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ سرحد طور ڪم ايندو هو. هي درياهه سابق بهاولپور رياست جي ڏکڻ اوڀر ۾ بيڪانير رياست کي جيسلمير کان جدا ڪندو هو، ۽ اتر جي سرحد ته واضح طور ظاهر نظر ايندي هئي. ان درياهه جو پراڻو نالو سرسوتي هو، جيڪو واديءَ سنڌ جي ستن دريائن مان هڪ هو.
هاڪڙي جي باري ۾ راءِ بهادر شنڪر اوجها تشريح ڪئي آهي، ته گهگهر نديءَ جي هڪ شاخ جو نالو ساڪرا يا هاڪڙا هو، جيڪا پهريائين پنجاب کان هلي بيڪانير ۽ جوڌپور جي راڄن مان وهندي سنڌ ۾ وڃي سنڌو نديءَ ۾ پوندي هئي، رام سنگهه راٺوڙ ”ڪڇ اتهاس“ ۾ ذڪر ڪري ٿو، ته پراڻي زماني ۾ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. سنڌوءَ جي شاخ هاڪڙو اتر ۾ پنج ند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ (ٿر) ۾ امرڪوٽ وٽان لنگهي ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. رياست بهاولپور، جيسلمير ۽ ٿر ۾ سندس ڦٽل نشان بيٺل آهن.
هيگ، لئمبرڪ ۽ ڊاڪٽر هربرٽ ولهيلمي 1500ع کان 1750ع تائين هيٺ سنڌ جي نقشي ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان سڪل هاڪڙي جي نشانن سان گڏوگڏ اوڀر ۽ اولهه پراڻ جو رستو ڏيکاريو آهي. ڪن محققن جو وري رتو ڪوٽ ڀرسان وهندڙ وهڪري جي باري ۾ خيال آهي، ته ”رتو ڪوٽ به سنڌوءَ مان نڪرندڙ درياهه اڀرندو نارو تي هو. هيءُ هڪ تمام پراڻو پاڻيءَ جو وهڪرو آهي. جدا جدا ماهرن ان وهڪري جي لاءِ هڪ ٻئي جي ابتڙ نظريا قائم ڪيا آهن. ڪجهه ڄاڻن جو خيال آهي، ته اهو وهڪرو ستلج نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جنهن کي ڪجهه صديون اڳ ستلج ڇڏي ويو. ڪن جي راءِ موجب اها هڪ پراڻي ندي آهي، جيڪا ستلج جي اڀرندي طرف کان هماليه جبلن مان نڪري، سنڌ مان وهندي هئي، ۽ عمرڪوٽ کي لتاڙي ڪڇ جي نار ۾ وڃي پوندي هئي. ان وقت هن کي گهاگهڙ سڏيندا ها، پر گهڻي وقت کانپوءِ گهٽجي ناري واهه جي صورت اختيار ڪري وئي آهي.
جيمس مئڪمرڊو 1834ع ۾ ان پراڻي وهڪري لاءِ لکي ٿو، ته ”اهو سنڌو نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو بکر کان چاليهه ميل مٿي، سيد گنج بخش جي ڳوٺ وٽ جدا ٿي، الور جي اوڀر کان ڏکڻ طرف تي وهندو هو. ۽ هن مان هڪ شاخ الهندي طرف نڪرندي هئي، جنهن کي ”لوهاڻو درياهه“ سڏيندا هئا. اهو وهڪرو ڀنڀور لتاڙي ديبل وٽ سمنڊ ۾ پوندو هو. جيمس مئڪمرڊو جي ان راءِ کان ڏهاڪو سال کن پوءِ ڪئپٽن بيڪر لکي ٿو، ته اهو سنڌو نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، پر هن کي پاڻي پنجاب جي ٻن ڍورن کان ملندو هو. جن مان هڪڙو سنڌو نديءَ جي آمهون سامهون هو، ۽ ٻيو ستلج نديءَ جي سامهون روپار کان بهاولپور جي نزديڪ هو. پويون ڍورو سبزل ڪوٽ وٽان وهي روهڙيءَ جي اوڀر ۾ يارهن ميلن جي مفاصلي تي ناري جي منهن سان اچي ملندو هو.
ڪن پاڻي جي ماهرن جو نظريو آهي، ته سڪندر اعظم جي حملي وقت سنڌ مان 2 درياهه وهندا هئا. جن مان اوڀر واري درياهه کي هاڪڙو يا وهندا سڏيندا هئا، ۽ اهو ئي ان وهڪري جو پيٽ آهي. لئمبرڪ سڀني کان آخر ۾ تحقيق ڪرڻ بعد لکي ٿو، ته هاڪڙو ۽ نارو انهي هڪڙي ئي وهڪري جا نالا آهن. اهو وهڪرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. سندس پهرئين حصي کي هاڪڙو ۽ وچ واري حصي کي نارو سڏيندا هئا. حقيقت ۾ ڪجهه ننڍڙا درياهه گهاگهڙ، مرڪنڊا، سرسوتي ۽ چوٽانگ پاڻ ۾ ملي هڪڙو وهڪرو ٺاهيندا هئا. انهيءَ وهڪري جو وجود بهاولپور ۽ بيڪانير رياست ۾ به ملي ٿو. ان کي هاڪڙو سڏيندا هئا. وڄڙوٺ وٽان اهو وهڪرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. هڪڙو حصو اڳ ۾ ڏکڻ طرف پوءِ اولهه طرف وهي وڃي وهندا سان ملندو هو. ان کي ريڻي سڏيندا هئا. ٻنهي حصن وهندا ۽ ريڻي جي ميلاپ کانپوءِ هيٺ گڏيل حصي کي نارو سڏيندا هئا، جيڪو ٻه ميل کن ويڪرو هوندو هو. اهو نارو واريءَ جي دڙن سان سٺ ميل سفر ڪندو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر تي وهندو هو. آخرڪار ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف تي هلي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو. هن آخري ٽڪريءَ کي وري به هاڪڙو سڏيندا هئا.
ليفٽيننٽ فائيف 1859ع ۾ روهڙي ءَ کان ٿورو مٿي درياهه مان وڍ ڏئي پراڻي ناري جي پيٽ ۾ پاڻي آندو هو، ۽ سکر بئراج ٺهڻ وقت ناري جو نئون منهن بئراج مان ڪڍيو ويو. بهرحال هاڻي ڏسون، ته رتو ڪوٽ جي آثارن ڀرسان پنهنجي پوري زندگي گذاريندڙ محمد صالح هنڱورجي جو اتان وهندڙ دريائي وهڪري بابت ڇا خيال آهي “ اڳئين زماني ۾ رتو ڪوٽ ڀرسان وهندڙ درياهه کي هاڪڙو دريا يا نارو واهه جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي ڍورو يا ڍورو نارو ڪري به لکن ٿا. هن کي الڳ الڳ وقتن ۾ جدا جدا نالن سان ڳايو ويو آهي. ”
هو ان جي اڳتي وضاحت ڪندي چوي ٿو، ته ”هن وقت جنهن کي نارو واهه چئون ٿا، تنهن جا قديم زماني کان الڳ الڳ وقتن ۾ جدا جدا نالا هئا. هاڪڙو، نارو واهه، مهراڻ نديءَ جي اڀرندي شاخ جيڪا وهي وڃي ريگستان جي ڀر وارو حصو آباد ڪندي هئي، تنهن تي مهراڻو نالو پيو. ان کانسواءِ پنجاب مان نڪري بهاولپور رياست مان اروڙ وٽان سکر مان ئي ريگستان جي ڀر واري زمين آباد ڪندو، ڪڇ تان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، تنهن کي هاڪڙو درياهه ڪري چوندا هئا. مهراڻ ندي جيڪا اڳ ۾ نصرپور کان وهندي هئي. تنهن پنهنجو وهڪرو ڦيرائي بکر يا سکر طرف ڪيو، جتان اڃا تائين وهي ٿي. تنهن ڪري مهراڻ وارو اڳيون ملڪ سڪي ۽ غير آباد ٿي ويو. اهڙيءَ طرح اروڙ وارو حصو جتان پنجاب ۽ بهاولپور وارو هاڪڙو وهندو هو، اهو به ساڳيءَ حالت ۾ بند ٿي ويو. ان ڪري هاڪڙي درياهه جي آباديءَ وارو حصو غير آباد رهيو. جنهن زماني ۾ هاڪڙي جو اوج هيو، ان وقت ۾ ڪڇ جو شهر لکپت هڪ وڏو بندر هو. آمد رفت جو وسيلو درياهه ۾ ٻيڙين ۽ آگبوٽن تي هو. هاڪڙي جي زماني ۾ ”پاري ننگر“ ”ويرا واه“ ”اسلام ڪوٽ، ”ڏوئتڙ“، ”علي بندر“ هئا. جيڪي سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۽ ڪڇ ملڪ تائين هئا، جن جا نشان اڃا تائين قائم آهن. رتوڪوٽ قلعو اصل هاڪڙي درياهه جي ڪپ تي آهي. سو به ان وقت جو هڪ عاليشان ۽ آباد شهر هو.
هاڪڙي درياءَ جي تاريخ بابت مشرق ميگزين جو حوالو آهي ته ”جيڪڏهن اوهان پاڪستان جي نقشي تي نظر رکندا، ته اوهان کي قلعا، بيڪانير (هندوستان) کان شروع ٿي. بهاولپور ۾ فورٽ عباس، فورٽ مروٽ، موج ڳڙهه، ڍيرور کان اسلام ڪوٽ تائين ملندا. هي سڀ قلعا هاڪڙو درياهه تي قائم هئا. هاڻي اهو درياهه سڪي ويو آهي. تاريخ جي صفحن ۾ موجود اهي قلعا ۽ ماڳ کنڊرن جي صورت ۾ اڃان موجود آهن. هيءُ علائقو سڪندر اعظم ۽ محمود غزنويءَ جي فوجن جو رستو به رهيو هو..
سنڌ ۽ ڪڇ جي انهي علائقي جنهن کي هاڪڙو آباد ڪندو هو، ان جي ويران ٿيڻ جو هڪڙو سبب سنڌ ۾ هاڪڙي نديءَ تي بند ٻڌائڻ به چيو وڃي ٿو. جنهن جي باري ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو. ”غلام شاهه ڪلهوڙو سنه 1757ع کان 1771ع تائين سنڌ جو حاڪم رهيو. ڪڇ جي راجا سان جنگيون ڪيون. آخري جنگ ۾ غلام شاهه ڪڇ کان نا اميد ٿي، ملڪ کي غير آباد ڪرڻ جو پروگرام ڪيو. ڪڇ جو ملڪ اڳ ۾ تمام آباد ۽ سرسبز هو. ساريال فصل تمام گهڻو ٿيندو هو. گاديءَ جو هنڌ لکپت شهر هو، جيڪو تمام وڏو واپاري مرڪز ۽ بندر به هو. ان درياءَ کي غلام شاهه ڪلهوڙي، اروڙ لڳ بند ڏياريو. غلام شاهه جي حڪومت ملتان تائين هئي. ”اروڙ بند جي ڊيگهه ٻه ميل ۽ ويڪر سٺ گز ڏيکاريل آهي. ڪڇ جو ملڪ ڦري رڻ ڪڇ ٿيو. ڪڇ جو رڻ جيڪو هن وقت تائين غير آباد آهي، سو غلام شاهه ڪلهوڙي جي يادگيري آهي. سنڌ ۾ هاڪڙي تي اروڙ بند بابت ماموئي فقيرن جي پيشن گوئي بابت محمد صالح لکي ٿو ”بادشاهه ڄام تماچي سمون جي وقت ۾ ساموئي جي شهر جا پنج فقير جن کي ڄام تماچي مارڻ جو حڪم ڪيو، تڏهن وٺي اڏاڻا آمريءَ جي لڳ دفن ٿيا. بزرگن مان هر هڪ پيشن گوئي چوندو ويو. پهرئين فقير چيو ته

”هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ
بهه مڇي، لوڙهه- سمي ويندا سوکڙي.

هو اڳتي ٻڌائي ٿو ته ”هي بيت جي صورت ۾ پيشنگوئي هاڪڙو ٻنڌ بابت آهي. جيڪو غلام شاهه ڪلهوڙي ڏياريو هو
انگريز دور ۾ سنڌ جي سڌارن لاءِ سال 88-1887ع ۾ نارو واهه جي اٿل سبب بند ڏيارڻ شروع ڪيو. جيڪو پڪ سري کان نئون ڪوٽ تائين قيدين هٿان ڏياريو ويو هو. اهو بند ”بچاءَ بند“ جي نالي سان اڃا قائم آهي.
انهي اڳين محققن ۽ ڪتابن جي جائزي ۾ هر محقق جو الڳ خيال آهي. جنهن سبب ئي خاص ڪري اڇڙو ٿر جيڪو هندستان جي اراوالي ٽڪرين کان ۽ جوڌپور جي اولهه طرف کان شروع ٿي جيسلمير کان ٿيندو سنڌ تائين پهچي ٿو. جنهن ريگستان جي ٺهڻ جو عمل به قديم دريائن جي وهڪرن ، تمام گهڻو ريٽ آڻڻ ۽ رخ بدلائڻ سبب ٿيو آهي. پر انهن دريائي وهڪرن کي سنڌو جا وهڪرا سمجهيو ويو آهي، يا وري هاڪڙي جا وهڪرا چيو ٿو وڃي. انهي لاءِ انهي مونجهاري جي ڳنڍ کولڻ لاءِ اسان کي جاگرافيائي حقيقتن جي ڳولا ڪرڻي پوندي. انهي ڏس ۾ قديم وهڪرن جي ڳولا کان پهريائين اچو، ته هاڪڙي ۽ پراڻ جي وهڪرن جا پيرا کڻون ، جن بابت چيو ويندو آهي، ته اهي سنڌو درياءَ جا وهڪرا هئا .
هاڪڙو ؛ هي درياءَ سنڌ جي تاريخي ماڳن سان ڀرپور قديم درياءَ آهي ، جيڪو قديم ڊگهي عرصي کان انگريزن جي دور تائين مختلف حالتن ۾ وهندو رهيو، انگريزن جي دور ۾ هن کي سنڌو درياءَ جي هڪ وهڪري ۾ تبديل ڪيو ويو. جيڪو نارو سڏجڻ لڳو. هي وهڪرو سنڌ ۾ داخل ٿي اڇڙي ٿر جي ڪناري سان مختلف رخ بدلائيندو رهيو. حقيقت ۾ جاگرافيائي شاهدين جي بنياد تي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته هي سنڌو درياءَ کان بلڪل الڳ قديم سرسوتي جي وهڪرن جي هڪ شاخ هو. بعد ۾ زميني تبديلين ۽ زلزلن سبب سرسوتي جي گم ٿيڻ بعد به هي سرسوتي جي بقايا وجود جي شاهدي ڏيندي وهندو رهيو. هن جي ڪنارن تي آباد شهر به سنڌو تهذيب جا نه پر سرسوتي تهذيب جو حصو هئا . هاڪڙو درياءَ تاريخ جي زماني جو ڊگهو عرصو وهندو رهيو ، انهي ڪري هن کي سرسوتي درياءَ جي آخري شڪل به چئي سگهجي ٿو. يا ائين به چئي سگهجي ٿو. ته هي سرسوتي ندي جو آخري وهڪرو هو. جنهن جا مختلف وهڪرا اڇڙي ٿر ۾ ڪافي جاين تان ننڍن ننڍن وهڪرن جي صورت ۾ وهندا رهيا . جن وهڪرن جا نشان اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر ۾ پاري ننگر تائين ملن ٿا . وري صفا آخري وهڪرا ڄار پتڻ ۽ ڪاجهر وٽان پراڻ ۾ ملندا هئا، اڳتي هلي پراڻ وري بدين جي علي بندر وٽ شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. .
هاڪڙي ۽ پراڻ جا پيرا جيڪي مون هن ڪتاب جي تحقيقي سفر دوران ڏٺا ، جيڪي مون کي محمد حسن زاهد ڪنڀر ڏيکاريا. جنهن کاهوڙي شخص پنهنجي زندگي جو وڏو حصو هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنارن سان پنڌ ڪندي قديم تاريخي ماڳ ڳوليندي گذاريو آهي. منهنجي مشاهدي جي شروعات اڇڙي ٿر کان شروع ٿئي ٿي. اڇڙي ٿر ۾ هاڪڙي جا قديم پيرا سرسوتي جي پيرن جيان وڃايل آهن. صرف ناري واري يا ڪس واري اڇڙي ٿر جي حصي ۾ ڪجهه نشان موجود آهن. هاڪڙو ناري مان وهي اڇڙي ٿر جي دنگ هٿونگي کان جڏهن ٻاهر ميداني علائقي ۾ اچي ٿو، ته هن جا پيرا چٽا نظر اچن ٿا. ڪلهوڙن جي دور ۾ عمرڪوٽ جي قلعي جي مرمت لاءِ جڏهن پاڻي جي ضرورت پئي، ته هاڪڙي کي هٿراڌو طور کوٽي عمر ڪوٽ تائين پاڻي به پهچايو ويو هو. جنهن هٿراڌو کوٽائي جا نشان موجود آهن. پر اصل هاڪڙو صوفي فقير کان اولهه طرف وهندو، همير سومري جي راڄڌاني جيڪا هن وقت هڪ ڦٽل قديم آثار جي صورت ۾ ڳاڙهو ڀڙو جي نالي سان سڏجي ٿي. جي ڀرسان گذري اتان کان ساماري جي حدن مان گذرندو، ڪنري شهر ڀرسان ٿيندو، قديم تاريخي آثار نوهٽي وٽان ٿيندو، نئون ڪوٽ وٽ پهچندو هو. نئين ڪوٽ وٽان هي ٻن شاخن ۾ ورهائبو هو. جن مان هڪڙي شاخ نئون ڪوٽ مان هلندي، ڪوٽ مير جان محمد کان گذرندي وڃي، پراڻ جي وهڪري ۾ ملندي هئي. ٻي شاخ درگاهه راضي شاهه جي اولهه وٽان گذري موجودهه ڪلوئي شهر وٽ پهچي، ڪاجهر ڍنڍ مان گذري مٺي تعلقي جي قديم شهر ڪاجهر جي آثارن کان ٿيندي، ڄار پتڻ کان پراڻ جي وهڪري ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڄار پتڻ پراڻ ندي جو پتڻ هو. انهي کان اڳتي هاڪڙي جي ڪنهن به وهڪري جا نشان نه ٿا ملن. اڳتي صرف پراڻ ندي جا نشان ملن ٿا. وري ٻئي طرف هڪ وهڪري جا نشان تعلقي ڏيپلي جي پاسي مان گذرندا رڻ ڪچ تائين وڃن ٿا. جنهن وهڪري جا نشان ٽٽل حالت ۾ ملن ٿا، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، ته اهو وهڪرو به هاڪڙي جو هو، پر انهي بابت صحيح نشان نه ملڻ سبب تصديق سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. باقي هاڪڙي جا پراڻ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ٻئي وهڪرا پنهنجي نشانن سميت موجود آهن. جن بابت يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته اهي هاڪڙي جا وهڪرا هئا.
پراڻ ندي : هاڻي وري اهو ڏسجي، ته اها پراڻ ندي ڪٿان وهندي هئي. انهي جا پيرا کڻندي مٿان کان هلبو ته، پراڻ جا پيرا اروڙ کان شروع ٿين ٿا. هي سنڌو درياهه جو ڪو قديم وهڪرو آهي. جنهن کي تاريخ جي ڪتابن ۾ لوهاڻو ندي به سڏيو ويو آهي. عربن چچنامي ۾ هن کي مهراڻ درياءَ پڻ سڏيو آهي. جيڪا شهداد پور جي پاسي مان گذري ٽنڊي آدم جي اوڀر طرف برهمڻ آباد ڀرسان ٻن شاخن ۾ ورهائبو هو. هن جي هڪڙي شاخ منصورهه وٽ پهچندي هئي ۽ هن جو وڏو وهڪرو برهمڻ آباد کان منصورهه جي اوڀر طرف کان ٿيندو اڳتي هلندو هو. منصورهه کان اڳتي ٻئي وهڪرا وري گڏجي هلندا هئا. اهو وهڪرو اڳتي ڪاهو جودڙو موجوده ميرپور خاص جي اولهه طرف کان وهندو، جرواڙي کان اوڀر طرف هلي، جهلوريءَ کان ٿيندو، ميرواهه گورچاڻي وٽان گذرندو، موجوده ڊگهڙي شهر جي اوڀر طرف ڪاڇيلو ريلوي اسٽيشن وٽان گذرندو، ٽنڊو جان محمد پهچندو هو. اڳتي هلي جهڏي کان ٿيندو، نئون ڪوٽ وٽان گذري ونگو پتڻ ۽ پوءِ ڄار پتڻ کان هلندو ڀٽن جي ڀر وٺي علي بندر جي ويجهو گذري راهمڪي بازار وٽان اڳتي سومرن جي قديم تخت گاهه وڳهه ڪوٽ ڀرسان شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
هاڪڙو ۽ پراڻ جا وهڪرا ڪٿي هڪٻئي جي ويجهو ته ڪٿي هڪٻئي کان پري وهندا هئا . انهي ڪري انهن وهڪرن جي منجهائيندڙ دريائي نشانن سبب ڪيترائي صطحي جانچ ڪندڙ محقق ڪئين غلطيون ڪري ويٺا. جنهن سبب ئي ڪن پراڻ ۽ هاڪڙي کي هڪ ڪري لکيو. ته ڪن وري ڌار ڌار لکي شڪ جي گنجائش باقي رکي. جنهن ڪري ئي هنن ٻنهي قديم دريائي وهڪرن جي نشاندهي شڪ جي بنياد تي منجهيل رهي. ساڳي ريت اها غلطي هاڪڙي ۽ سنڌو درياءَ جي وهڪرن جي نشاندهي ڪرڻ وقت به رهجي ويئي. ڇو ته اڪثر محققن هاڪڙي جي وهڪري کي سنڌو درياءَ جي هڪ وهڪري طورسمجهڻ جي غلطي ڪئي، حالانڪ هاڪڙو سرسوتي درياءَ جو آخري وهڪرو هو. جڏهن ته سنڌو درياءَ جو وهڪرو بلڪل ڌار هو. هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان، ته هاڪڙي درياهه جو مٿي ذڪر ڪيل وهڪرو سرسوتي ندي جي وهڪرن جي سلسلي جو آخري وهڪرو هو. جنهن کي سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جي سرحد سمجهڻ گهرجي. يعني هاڪڙي جي اولهه طرف سنڌو تهذيب ۽ هاڪڙي جي اوڀر طرف قديم سرسوتي تهذيب هئي.