لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

تاريخي ماڳن جي مشاهدي جي حاصلات

تاريخي ماڳن جي مشاهدي جي حاصلات
مٿي ذڪر ڪيل تاريخي ماڳ ۽ آثار سرسوتي تهذيب جي سنڌ ۾ موجود حصي اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر کان سواءِ سنڌو ۽ سرسوتي تهذيب جي سرحدي پٽي جا آهن. انهن آثارن مان ڪي قديم ماڳ آهن ، ڪي بعد جا آهن. قديم ماڳن جي آثارن مان خبر پوي ٿي، ته اهي وقت جي لاهن ۽ چاڙهن ۾ ڪيئي دفعا ڦٽا ۽ وري آباد ٿيا آهن. ڪو قديم آثار اهڙو ناهي جيڪو وقت ۽ حالتن جا مقابلا ڪري مستقل نموني ڪيئي صديون آباد رهي، سڪون واري ماحول ۾ ترقي جون ارتقائي منزلون طئه ڪري ترقي جي اوچن مينارن کي ڇهي پوءِ سرسوتي جي بيوفائي سبب ويران ٿي ويو هجي. انهي ڪري انهن سمورن آثارن جي مشاهدي مان معلوم ٿو ٿئي، ته هي سمورو علائقو مختلف جاگرافيائي ، ماحولياتي ۽ سياسي سماجي تبديلين جي هڪ وڏي لڪ لڪوٽي مان گذريو آهي. هتي تاريخ جي تمام وڏن سانحن جو جنم ٿيو آهي. انهن تبديلين ۾ سرسوتي جي ريٽ آڻيندڙ وهڪرن جي بند ٿي وري ٻئي هنڌان وهڻ جون به شاهديون ملن ٿيون، ته سنڌو ۽ گنگا تهذيب جي وچ ۾ هئڻ ڪري ٻنهي تهذيبن جي خوشحالي جي زمانن ۾ هي وچ واري سرسوتي تهذيب به ترقي ۾ ڀروارين ٻنهي تهذيبن سان بهتر لاڳاپن هئڻ سبب ترقي جي ارتقائي رفتار ۾ تيزي آڻي، مندرن جي صورت ۾ اعليٰ شاهڪار اڏي پنهنجي بي انتها دلي سڪون لاءِ سخاوت جون سموريون حدون به ٽپي ويئي آهي. جنهن مان هن تهذيب جي ماڻهن جي محبت ۾ سڀ ڪجهه لٽائڻ جي جذبي جي شاهدي ملي ٿي. ته ٻئي طرف وري ڀروارين ٻنهي تهذيبن جي حالتن جي ستم ظريفي دوران جنڊ جي ٻن پڙن ۾ اچي پيسجي وڃڻ جون نشانيون به موجود آهن. هن تهذيب جي مشاهدو ڪيل آثارن ۽ کنڊراتن ۾ مومل راڻي جي شوخ محبت جا به نشان ملن ٿا ، ته ٻئي طرف بروو جو محبت ۾ پنهنجي جسم جو ماس ڪوري ڏيڻ جا شاهد بروڙ جي اوچين عمارتن جا ڊٺل آثار به آهن . هتي مالوندن جي مال تي لوڙيون هڻندڙ لاکي ڦلاڻي جي پيرن جا نشان به آهن ته ٻئي طرف وري انهن لوڙائن کي روڪڻ لاءِ گسن تي پنري ٻڊاماڻي جوقلعو به آهي، هتي مڻيي تي موهجي ور مٽڻ واري ليلان جو شهر ليهور به هو، ته هتي انهي بيوفائي جي سزا ڏيڻ واري چنيسر داسڙي جي شهر جا به نشان آهن. هتي سرسوتي ۽ هاڪڙي جي وهڪرن ڪناري واپاري وسندڙ شهرن ، پتڻن جا به نشان آهن ته وري ٻئي طرف ڏوتڙ ۽ پاريننگر ۾ دريائي ۽ سامونڊي بندرگاهن تان هتان جي وڻجارن جي ڏيساور ڏورڻ جون به شاهديون ملن ٿيون. هن علائقي جي تاريخي ماڳن جا آثار اها به گواهي ڏين ٿا ، ته هتي ڪنهن هڪڙي شاهي حاڪم جو فرمان نه هلندو هو، پر هر شهر ۽ علائقي جا ماڻهو پنهنجي ئي راڄوڻي محبت جي ٺاهيل قانونن تي هلندا هئا. انهي شاهدي ڏيڻ لاءِ طوالت کان بچڻ لاءِ هڪڙوئي مثال ڪافي آهي ، ته سنڌ جي حاڪم ڄام تماچي جڏهن ماموئي فقيرن کي مارڻ جو حڪم ڏنو، ته هو جان بچائڻ لاءِ ڀڄي جڏهن آمري جي پتڻ تي پهتا، ته اتان جي راڄن جي طاقت اڳيان مجبور ٿي ڄام تماچي کين زندهه ڇڏي ڏنو. پيشنگويون ڪندڙ ماموئي فقير پنهنجي باقي زندگي سڪون سان گذاري وڃي آمري جي مقام ۾ هميشه آرامي ٿيا. هتي جي وطن دوستي ۽ بهادري اڳيان سنڌ فتح ڪندڙ عرب به سرحدي شهر برهمڻ آباد فتح ڪرڻ بعد اروڙ ۽ ملتان تائين ته فتحون حاصل ڪري سگهيا. پر ساڻن سنڌ جي آزادي ٻيهر موٽائڻ لاءِ گوريلا جنگ وڙهندڙ جئسينه کي پڪڙڻ لاءِ اڇڙي ٿر جي حدن ۾ لهي نه سگهيا، محمود غزنوي سومناٿ مندر ڊاهي ڦرلٽ ڪري هتان واپسي ۾ گذرندي خود پاڻ ڦرجي ويو. دهلي جو تخت ڦريندڙ شير شاهه سوري ، پنهنجي حريف همايون جو هن علائقي ۾ داخل ٿيڻ بعد پيڇو نه ڪري سگهيو. انهي بعد به ڪو سگهارو حاڪم نه هتي حملو ڪري سگهيو نه ئي داخل ٿي سگهيو. انهي احوال جون شاهديون قديم آثارن ۽ ڪجهه احوال هتان جي لوڪ ادب ۽ ڪجهه تاريخ جي ڪتابن مان ملي ٿو. اهي شاهديون ته هن تهذيب جي ماءُ سرسوتي ندي جي گم ٿيڻ بعد سندس آخري ننڍڙي هڪ وهڪري هاڪڙي جي ڪنڌي تي اڏيل آثارن مان ملن ٿيون. پر جڏهن سرسوتي برهاڙا ڪري سوين ٻانهون کولي جڏهن هنن علائقن کي پنهنجي پيار جي ڀاڪرن ۾ ڀريندي هوندي، ته انهي دور ۾ هتان جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ شهرن جو حسن ڇا هوندو. جنهن جا سمورا داستان هن ريگستان ۾ دفن ٿيل آهن. يقين سان چئي سگهجي ٿو. ته هنن آثارن جي کوٽائي ۽ لڪل آثارن جي پذيرائي سان گم ٿيل سرسوتي تهذيب جو شاندار ماضي ، پنهنجي ڀروارين ٻنهي تهذيبن گنگا تهذيب ۽ سنڌو تهذيب کان ڪنهن صورت ۾ گهٽ نه هوندو.