عمرڪوٽ
عمرڪوٽ يا امر ڪوٽ به هڪ تاريخي ۽ اهميت رکندڙ شهر آهي . هن شهر بابت ڪن جو رايو آهي ته هي قلعو سومرن جي دور ۾ عمر سومري تعمير ڪرايو، جنهن نسبت سان هن کي عمر ڪوٽ سڏيو وڃي ٿو. ته ٻئي طرف هن بابت مورخن جي راءِ آهي، ته هي قلعو ڇهين صدي عيسوي ۾ سوڍن طرفان جوڙايو ويو، جنهن کي گڍ امراڻ يا امرڪوٽ سڏيو ويندو هو. بهرحال اها هڪ تحقيق طلب ڳالهه آهي، جنهن ڳالهه جو نبيرو تحقيق سان ئي ممڪن آهي.
تاريخ جي صفحن ۾ يا هن شهر جي بيهڪ جي حساب ڏسبو، ته هن شهر جي ماضي ۾ به وڏي تاريخي اهميت رهي هوندي. ڇاڪاڻ ته هن جي هڪ طرف قديم تاريخي دريائي وهڪرو هاڪڙو موجود هو، ته ٻئي طرف هن جي آسپاس نوهٽي کان وٺي راجستان تائين قديم شهرن جا آثار موجود آهن. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هي قديم دور ۾ هڪ وڏي واپاري گذرگاه تي موجود هو. جنهن جو ثبوت اهو به آهي، ته مغل بادشاهه همايون به شيرشاه سوري کان هارائڻ ۽ پنهنجو تخت وڃائڻ بعد هن ئي رستي سان ڀڄي نڪتو هو. انتهائي ڪسمپرسي جي حالت ۾ هتي پهتو، ته هتان جي سوڍي حاڪم راڻا پرساد اخلاقي قدرن جو مان رکندي نه صرف سندس آڌرڀاءُ ڪري کيس رهڻ ڏنو، پر همايون جي راڻي حميده بيگم هتي اڪبر اعظم کي به جنم ڏنو. جنهن واقعي سان پڻ هن شهر جي شهرت ۾ اضافو ٿيو.
تاريخي رڪارڊ ۾ ڏسبو ته هي شهر 1439ع کان 1709ع تائين سوڍن جي هٿ هيٺ رهيو. جنهن بعد هن شهر تي ڪلهوڙن جي حڪمراني ڏسڻ ۾ اچي ٿي. 1746ع ۾ ڪلهوڙن جي حاڪم ميان نور محمد جو پيڇو ڪندي نادرشاهه هتي اچي هن قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ ميان نور محمد مقابلي ڪرڻ جي بجاءِ نادرشاهه کي ڏن ڏيئي کيس راضي ڪري جنگ جا ڪڪر ٽاريا. 1748ع ۾ وري سوڍن ڪلهوڙن کان هن قلعي قبضو ڇڏايو، ۽ هي شهر وري سوڍن جي هٿ هيٺ رهيو. پر ٻن سالن بعد 1750ع ڪلهوڙن وري هي قلعو واپس ورتو. جيڪو ڪلهوڙن جي هٿ هيٺ رهندو آيو. وري 1782ع ۾ ڪلهوڙي حڪمران ميان عبد النبي هي قلعو جوڌپور جي راجا وجئه سنگهه کي ڏيئي ڇڏيو.
ٽالپرن جي دور ۾ وري مير ڪرمعلي خان ٽالپر 1813ع ۾ هي قلعو فتح ڪيو. جيڪو وري ٽالپرن جي زير اثر رهيو. اپريل 1843ع ۾ هي قلعو انگريزن جي قبضي هيٺ آيو. انگريزن جي قبضي ختم ٿيڻ سان 1947ع کان هي شهر پاڪستان جو حصو بڻجي ويو. هن وقت پڻ هي شهر ٿر جو تمام وڏو واپاري اهميت رکندڙ شهر آهي. هن ماڳ کي سنڌو ۽ سرسوتي تهذيبن جو گڏيل ماڳ شمار ڪري سگهجي ٿو.