سوامي دت گر ۽ گرهوڙي جي وچ ۾لڳل جنگ بابت ڪجهه سوال
سامي جي مڙهي سان منسوب سوامي دت گر جي جادوئي ٽڪساٽ خلاف علامه گرهوڙي جي جنگ واري ڳالهه به تحقيق طلب آهي. هن منسوب ڳالهه جون ڪافي ڪڙيون تحقيق طلب آهن. جن تي غور ڪرڻ کپي. مثال طور علامه گرهوڙي پنهنجي ڪلام ۾ صوفي مزاج رکندڙ وڏي دل وارو انسان هو. روحاني طور هو خواجه محمدزمان لنواري واري جو مريد هو. جيڪو پڻ نقشبندي صوفي هو. اهڙو باوقار عالم ۽ صوفي بزرگ جڏهن سوامي دت گر جي مقابلي لاءِ نڪري ٿو، ته هو پنهنجي انهي وقت جي مرشد خواجه گل محمد لنواري واري ڏانهن پنهنجي هڪ فقير طرفان اهڙي قسم جو نياپو يا اطلاع ٿو موڪلي، ته سندس مرشد لنواري وارو، گرهوڙي جي اهڙي فيصلي تي صرف ڏک جو اظهار ٿو ڪري، پر سندس مدد لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري. صرف اهو جواب ٿو ڏي ته ، شيخ صاحب پنهنجي عمر جي پڄاڻي ڏٺي آهي. هو مرشد جي اهڙي رويي تي به نه سوچيندي، سوامي دت گر سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ٿو. انهي وقت سنڌ جا ٽالپرحڪمران به سندس ساٿ نه ٿا ڏين. رستي ۾ به ساڻس ڪو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. هو اڪيلو صرف پنهنجي ٻاهتر شاگردن سان جنگ تي نڪتو. سڄي سنڌ جا ماڻهو ته پنهنجي جڳهه تي پر سندس حلقه احباب ، دوست، سندس ڪڙم قبيلي جا ماڻهو به سندس ساٿ نه ٿا ڏين، آخر ڇو؟ وري ٻئي پاسي ڏسجي، ته سوامي دت گر جا جادوئي طلسمات به عجيب وغريب عقل کان پري لڳن ٿا. سامي جي مڙهي ۾ اناج جا انبار موجود هئا. جيڪو اناج اڃان تائين آثارن ۾پکڙيل نظر اچي ٿو. مطلب ته اناج جي ڪا به کوٽ نه هئي . پوءِ سامي جي جادوئي جمنيءَ پني ماڻهن لاءِ راشن آڻي ٿي جيڪو ماڻهو کائين ٿا . ٻئي طرف جيڪڏهن سوامي دت گر اسلام جي خلاف هڪ ڪافر قسم جو جادوگر هو، جنهن سان جنگ ڪرڻ علامه گرهوڙي صاحب ضروري ٿي سمجهيو ته پوءِ سامي جي طرفان وڙهندڙ سندس حامي ماڻهن ۾ مسلمان شامل ڇو هئا ؟ خود گرهوڙي صاحب کي شهيد ڪندڙ لکاڏنو چانيهو، ستابو گجو، هنڱورنو ۽ راڄڙ چارئي مسلمان هئا. اتي به حملي وقت کيس بچائڻ لاءِ اڪيلو ماروءَ ٿيٻو ڪوشش ڪري ٿو. جيڪو پڻ ساڻس گڏ شهيد ٿي وڃي ٿو. جيڪا ڳالهه به سمجهه ۾ نه ٿي اچي.
اهي اهڙا سوال آهن جيڪي علامه گرهوڙي جي سڄي قرباني تي پاڻي ڦيريو بيٺا آهن. مطلب ته هن جنگ جا اهم پاسا گم ڪيل آهن. پوري ڪهاڻي کي پڙهڻ کان پوءِ علامه گرهوڙي کي هڪ جنوني انتهاپسند ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. علامه گرهوڙي جهڙي حق پرست مشهور عالم دين ۽ صوفي بزرگ جي ڪردار کي اصل حقيقتون گم ڪري ڌنڌلو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. جيڪا سازش لڳي ٿي. انهي سازش جي اصل ڳجهه ڳولڻ لاءِ محققن کي اڳيان اچي تحقيقات ڪرڻ گهرجي.
منهنجي خيال ۾ جيئن ته علامه گرهوڙي انگريزن جي آمد ۽ انهن جي تباهي بابت پيشنگويون ڪيون هيون، جيڪي پيشنگويون حر ويڙهاڪن جي اتساهه جو ذريعو هيون. حر جدوجهد جي اتساهه ۾ شهيد سورهيه بادشاهه صبغت الله شاهه جو بهادرانه ڪردار، حرن جو وفادارانه ڪردار ۽ علامه گرهوڙي جوپيشنگويون اهم هيون . انگريزن پير صاحب جي خاندان ۽ خاص ڪري شهيد سورهيه بادشاه جي خلاف سوين سازشون، حر جماعت ۾ باهمي جهڳڙا پيدا ڪرڻ ۽ عام ماڻهن ۾ حرن خلاف نفرتون پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ وسان نه گهٽايو. ساڳئي ئي مقصد خاطر هنن علامه گرهوڙي جي عالمانه ، حق پرستانه ۽ بهادرانه ڪردار کي مشڪوڪ بنائڻ لاءِ سوامي دت گرسان گرهوڙي جي جنگ جي ڪهاڻي جي اصل حقيقتن کي به منجهائي ڇڏيو آهي. پر اها ضرورت آهي ته بزرگ علامه عبدالرحيم گرهوڙي جي ڪردار ڪشي ڪندڙ هن جڙتو ڪهاڻي جي اصل جي حقيقتن کي ظاهر ڪري ڪوڙ جي پت وائکي ڪري ، سنڌ جي هن مرد مجاهد جي ڪردار کي چٽو ڪيو وڃي.