اڇڙو ٿر سومرن جو دور ۾
اڇڙو ٿر جيئن ته سنڌ جي وطن دوست ويڙهاڪن جو عربن جي حملي بعد مرڪز بنجي چڪو هو. محمود غزنوي جي گذرڻ سبب عربن جي رهي کهي نالي ماتر قوت به ختم ٿي ويئي. ۽ سنڌ ۾ سومرا خاندان راجستاني ۽ گجراتي حاڪمن جي ساٿ سان طاقت ورتي ۽ ملتان تائين پنهنجو اثر قائم ڪيو. سومرن جي اڪيلي قبيلائي طاقت نه هئي، پر ساڻن سما، سوڍا ، راجپوت ، ريٻاري ، ابڙا، جکرا، راٺوڙ ، راڄڙ ۽ ٻيا قبيلا به گڏ هئا . انهي ڪري سومرن جي حڪومت سنڌين جي عربن کانپوءِ ٻيهر قومي حڪومت جي بحالي هئي. سنڌ جي اها گڏيل راڄوڻي حڪومت هئي ، جنهن جي اڳواڻي سومرا قبيلو ڪري رهيو هو. سندن انهي طاقت ۾ خشڪي جي رستن تي قابض جتن جو ساٿ رهيو. ۽ سامونڊي رستن تي ملاحن جو ساٿ هو. اهڙي ريت هنن سنڌ جي سامونڊي بندرگاهن تائين پنهنجي رسائي قائم ڪري ورتي ۽ سنڌ ۾ مضبوط حڪمراني قائم ڪئي . عربن جي حملي کانپوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جي ڊگهي حڪمراني جو دور رهيو. سندن دور دوران سندن جمهوري ۽ سنڌ دوست روين کين وڌيڪ سگهارو ڪيو. هو سنڌ ۾ هڪ مضبوط طاقت طور تاريخ ۾ سڃاتا ويا. هن دور ۾ سنڌي ٻولي تي مڙهيل عربي ٻولي جو زور ٽٽو، ڪيترن ئي لوڪ داستانن ۽ شاعري ۾ هڪ نئين صنف ڳاهن سان ڳالهيون جي شروعات ٿي . جنهن سبب عربي ۽ فارسي ادب جي رنگيني جي جاءِ تي سنڌي ٻولي اسري ۽ نسري اڳتي وڌي ترقي ڪئي. سنڌي ٻولي جي اهڙي مڃتا خود سنڌ ۾ رهجي ويل عربن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو ، اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ رهندڙ انهي دور جي عرب قبيلن جو ڪو به پونئر ڪٿي به عربي ٻولي نه ٿو ڳالهائي. سومرا خاندان سنڌ ۾ جمهوري قدرن سان گڏ راڄوڻي طاقت کي به منظم ڪيو. عورتن جي اهميت جو ثبوت ڏيندي پنهنجي دور ۾ ٻن عورت حڪمرانن تارا ٻائي ۽ همون ٻائي جي حڪمراني تسليم ڪرائي. اڇڙي ٿر ۾ سومرن ، سمن، راٺوڙن، راڄڙن ۽ سوڍن کي به پنهنجي طاقت ۾ شامل ڪيو ۽ اڇڙي ٿر جي سموري انتظامي معاملن ۾ سندن شرڪت ڪرائي. هنن جي دور ۾ رتو ڪوٽ جهڙو مضبوط قلعو سوڍن جي حوالي ڪيو ويو. ساڳئي نموني سامي جي مڙهي تي هندو ڌرم جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ مضبوط هندو ڌرم جي اوسر ۽ سکيا لاءِ عاليشان ودياله تعمير ڪرائي، انهي کي هلائڻ لاءِ هڪ وڏي علائقي جي آمدني به هن ودياله جي ترقي ۽ تعمير لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙي نموني اڇڙي ٿر ۾ ٻين به ڪافي جاين تي سماجي ترقي ۽ علمي ڦهلاءَ لاءِ مرڪز ٺاهيا ، جن جو وجود هن وقت هزارين مڻ واري جي هيٺان دفن رهندي به کوجنا ڪارن کي سندن اهميت کان واقف ڪرڻ لاءِ سڏي رهيو آهي.