رڱاوت جو ڪم
اڇڙي ٿر ۾ رڱاوت جي ڪم جي لحاظ کان ٻانڌڻي واري پوتي ۽ چادرجو ڪم تمام گهڻو مشهور آهي. هي ڪم ذاتي استعمال جي بنياد تي ته ڪافي ڳوٺن ۾ ٿيندو آهي. پر واپاري لحاظ کان اڳي ته اڇڙي ٿر جي شهرن ۾ هن ڪم جا ڪاريگر موجود هئا. اڇڙي ٿر ۾ رڱاوت جي ڪم کان هٿونگو، مٺي ، غلام نبي شاهه تمام گهڻو مشهور رهيا. اڃان به انهن شهرن ۾ هن ڪم جا ڪاريگر موجود آهن. پر هٿونگو شهر ۾ رڱاوت جي ڪم جا ڪاريگر ٻين جاين کان ڪجهه وڌيڪ آهن. رڱاوت جو ڪم هندو کٽي ڪندا آهن. هن ڪم جا ڪاريگر پهريائين ٻانڌڻي لاءِ تجويز ڪيل ڪپڙي تي ڌاڳن سان ڊزائين موجب پوٽليون ٻڌندا آهن. ڌاڳو اهڙي نموني ويڙهيندا آهن، جو ڌاڳن جي هيٺان آيل ڪپڙي واري ٽڪري تي رنگ نه چڙهندو آهي. پوءِ انهي ڪپڙي کي رنگ ۾ ٻوڙي پڪو ڪري، سڪائي ويڙهيل ڌاڳن جو پوٽليون کوليندا آهن، ته پوري چادر تي اڇي رنگ جا ستارا جرڪي پوندا آهن. پوٽليون ٻڌي رڱڻ سبب هن کي ٻانڌڻو سڏيندا آهن. هي سنڌي ثقافت جو هڪ اهم اسم آهي. ڏسڻ ۾ پرڪشش خوبصورتي سبب هن جي اوڍڻ جو رواج شادين ۽ خوشين جي موقعن تي ٿيندو آهي. هاڻي ته شهري عورتون ٻانڌڻي جا چولا ۽ گهاگهريون سبائي پائڻ لڳيون آهن . انهي کان علاوه رڱيل ان مان کٿا، شالون به خوبصورت ٺاهيون وينديون آهن. جيڪڏهن سرڪار پاران هن ڪم جي همت افزائي ڪري هن مان عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب شيون تيار ڪرائي مارڪيٽن ۾ آنديون وڃن، ته ڪافي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ سان گڏ اڇڙي ٿر جي غربت گهٽائڻ ۾ به خاص هٿي ملي سگهي ٿي.