نوهٽو
نئون ڪوٽ جي اوڀر طرف ويهن ڪلوميٽرن پنڌ تي هڪ قديم ماڳ جا آثار موجود آهن. جنهن کي مقامي ماڻهو ڳاڙهو ڀڙو يا سون وارو ڀڙو سڏين ٿا. هتي آثارن جي ڪجهه حصي جي تازو آرڪيالاجي وارن کوٽائي به ڪئي آهي، پر اها رپورٽ اڃان جاري نه ڪئي ويئي آهي . شروعاتي بيانن ۾ آرڪيالاجي جي ماهرن اها دعويٰ ڪئي آهي، ته هي پڻ هڪ قديم تاريخي ماڳ آهي. هن قديم شهر جا آثار هاڪڙي ۽ پاريننگر جي وچ ۾ وهندڙ هڪ قديم سامونڊي نار جي ڪناري تي هئا . جيڪا نار 3000 ق م کان 1500 ق م تائين موجود هئي. جيڪا ڪڇ جي رڻ واري قديم سمنڊ جو حصو هئي . هن شهر جي هم عصر شهرن ۾ قديم شهر لوٿل ، ڏيسڙ پور ، رپڙ ، ناليا ، ڪوٺاڙا ۽ رنگپور ٻڌايا وڃن ٿا . جن جا آثار پڻ موجود آهن. هتان جي آثارن کي ڏسي اهو معلوم ٿو ٿئي، ته هتي جين ڌرم جا ماڻهو رهندا هئا . هتي راجستان جو ڳاڙهو پٿر به موجود آهي. عقيق جو قيمتي پٿر به ملي ٿو. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هي قديم شهر واپاري مرڪز هو. اهو به چيو وڃي ٿو ته مصر جي فرعونن جي زيورن ۾ استعال ٿيل ڳاڙهو عقيق به هتان کان اتي ويندو هو. هتي لوهه ، ٽامي جا ٽڪرا به ملن ٿا. جنهن مان اهو اندازو ٿئي ٿو، ته هتان جا ماڻهو لوهه ۽ ٽامي جي شين جو استعمال ڪندا هئا . هتي سارين ڏرڻ جون ٺڪر جون ٺهيل جنڊيون به گهڻي تعداد ۾ ملن ٿيون. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو، ته هتي آسپاس آبپاشي جو پاڻي به ججهي مقدار ۾ موجود هو. جنهن تي سارين جو فصل به پوکيو ويندو هو. ۽ هن شهر جا باشندا پڻ خوشحال هئا. هن شهر کان عمرڪوٽ تائين قديم شهرن جي آثارن جو هڪ سلسلو آهي . جن ۾ هئدو ، کيجراڙي ، ميهار جي ڀٽ ، ملير جي ڀٽ ، راجاري ، لاليي جو ڀڙو ، جعفر شاهه جو مقام ، ڳاڙهياري جو ڀڙو، ارڻي جو دڙو اڃان تائين موجود آهن. جن دڙن جي کوٽائي ۽ تحقيق ڪرڻ سان ڪيترا ئي تاريخ جا لڪل راز پڌرا ٿيندا . ساڳئي نموني تي وري هتي قديم وهڪري پراڻ جا قديم پتڻ پڻ موجود آهن. جن ۾ ونگو پتڻ ۽ ڄار وارو پتڻ مشهور آهن . جتان کان دريائي واپار ٿيندو هو. انهي حساب سان هي تاريخي شهر دريائي ، سامونڊي ۽ خشڪي جي سفري رستن جي مرڪز هئڻ سبب وڏي اهميت رکندڙ هو. هي قديم ماڳ پڻ سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب جي سرحدي ماڳ طور ڳڻي سگهجي ٿو.