سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر جو تقابلي جائزو
سرسوتي ڊيلٽا جي ٻين حصن جو تقابلي جائزو زميني مشاهدي جي بنياد تي ئي ڪري سگهجي ٿو، پر سنڌ جي اوڀرئين سرحد تي ٿرپارڪر وارو وارياسو علائقو ۽ اڇڙو ٿر بلڪل لاڳاپيل ۽ هڪٻئي سان بغير وٿي جي مليل علائقا آهن. پر انهن ٻنهي ۾ زميني حالتن ۽ جاگرافي جي صورتحال بنهه مختلف آهي. جيڪا ڏسي ذهن ۾ ڪيترائي سوال اڀرن ٿا. جن سوالن جي جوابن سان ئي هنن ٻنهي علائقن جي تاريخ بابت ڪا راءِ پيدا ڪري سگهجي ٿي. انهي لاءِ تاريخ تي غور ڪرڻ لاءِ انهن ٻنهي علائقن جو تقابلي جائزو وٺڻ تمام گهڻو ضروري آهي.
ٿرپارڪر جيڪو ڏاهلي يعني عمرڪوٽ تعلقي کان شروع ٿي ننگرپارڪر تائين پهچي ختم ٿئي ٿو. انهي جا ظاهري طور ٽي ڀاڱا آهن، ٿر جي ڀٽن وارو علائقو ۽ ٻيو ڪارونجهر جي سلسلي جو جابلو علائقو ۽ ٽيون ڪاسبي جو زرخيز علائقو. پر اندروني طور گهرائي سان ڏسبو، ته اهو طبعي لحاظ کان ڏهن ڀاڱن کاهڙ، ڍاٽ، مهراڻو، ونگو، اونيهر، سامروٽي، وٽ ، ڪنٺو،پائر، ۽ پارڪر ۾ ورهايل آهي. پارڪر واري علائقي ۾ ڪارونجهر جبل جون 109 ٽڪريون ۽ ڪاسبو اچي وڃن ٿا.
جڏهن ته جاگرافيائي حساب سان اڇڙي ٿر جا 6 ڀاڱا آهن. 1، کليل واري جي ڀٽن ۽ ڏهرن وارو ٿر، 2. ڊرينهن (ڊينئن ) وارو کليل واري جو صحرائي علائقو، 3. روهي يا ننڍين ڀٽن وارو علائقو. 4. پٽ يا کارو، 5. مهراڻو يا ڪس. 6 . ٽاڪرو ٿر وارو جابلو علائقو.
ٿرپاڪر جي ڀٽن جو سلسلو اولهه ڏکڻ ۽ اوڀر اتر جي ڪنڊ تي آهي، اهي مٿاڇري تان ڄميل يا ٿري ٻڌل آهن. جنهن سبب ئي هن علائقي تي نالو ٿر پئجي ويو.
جڏهن ته اڇڙي ٿر جون ڀٽون سڌو اتر کان ڏکڻ رخ تي آهن. اڇڙي ٿر جي ڀٽن جو مٿاڇرو بغير ڄميل تهه جي بلڪل کليل واريءَ وارو آهي.
ٿرپارڪر جي علائقي جي واري ۾ سنهي جابلو ريتي جومقدار شامل آهي، جنهن سبب اهي ڀٽون مٿاڇري کان ڪجهه پٿرائين رنگ جهڙيون ڏسڻ ۾اچن ٿيون. هنن ڀٽن جا وچ وارا ڏهر به وڏا ۽ ويڪرا وڏي ايراضي وارا ۽ زرخيز مٽي وارا آهن. جن ۾ برسات تي اوڀڙ اڀرڻ ۽ فصل پيدا ڪرڻ جي طاقت موجود آهي. جڏهن ته اڇڙي ٿر جون ڀٽون نج ڪرڪ واري جون آهن، جنهن سبب سندن رنگ اڇو يا ڀورو آهي. هنن ڀٽن جي وچ وارا ڏهر به ننڍا آهن. هنن ڏهرن جي زمين ڪا گهڻو زرخيز ناهي. منجهن برسات تي صرف ڪجهه گاهن جا قسم اڀڙي اچن ٿا. باقي فصل پوکڻ جي گهٽ لائق آهي. هتي ٿيندڙ فصلن جي پيداوار به ڪو گهڻو اُپراسو ڏيندڙ ناهي. جنهن سبب اڇڙي ٿر ۾ فصلن جي پوکي نه هئڻ جي برابر ٿئي ٿي.
ٿرپارڪر ۾وڻن جو تعداد به وڌيڪ آهي. جن ۾ ڪوهستاني وڻن جو تعداد گهڻو آهي. انهن وڻن جو قد به وڏو آهي. پر اڇڙي ٿر ۾ وڻن جو تعداد گهٽ آهي. اهي وڻ ريگستاني وڻ آهن. سندن قد به ننڍو آهي.
ٿرپارڪر ۾ ڦوڳ، ڪرڙ، کپ، اڪ، کجي جا ٻوٽا يا وڻ تمام گهٽ آهن. پر اڇڙو ٿر انهن وڻن ۽ ٻوٽن سان ڀريو پيو آهي.
ٿرپارڪر ۾ پاڻي جون ڍنڍون کاريون آهن، جن مان وڏي مقدار ۾لوڻ ملي ٿو. ڪابه مٺي پاڻي جي ڍنڍ موجود ناهي. جڏهن ته اڇڙي ٿر جي ڍنڍن ۾ لوڻ جون سنون گهٽ آهن. ڪجهه ڍنڍن مان سوڍا کار به ملي ٿي. ڪجهه ڍنڍن مان مڇي جي پيداوار به حاصل ٿئي ٿي. هتي ڪجهه ڍنڍن ۾ واڳون ۽ واڳون جو ناياب نسل سيسر به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪو شڪار سبب باقي هاڻي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيو آهي. ڍنڍن جو پاڻي مٺو، ڪڙو، ڪسارو، لوڻياٺو۽ ڪن جو پاڻي زهريلو ۽ جيوت لاءِ نقصانڪار به آهي. مثالطور جيئن پورچنڊ ڍنڍ جو پاڻي زهريلو آهي، جنهن ۾ ڪابه جيوت موجود ناهي.
ٿرپارڪر ۾ زير زمين پاڻي ملڻ جي آخري حد 450 فوٽن کان 990 فوٽن تائين آهي. جڏهن ته اڇڙي ٿر ۾ ٻارهن سئو فوٽن کان هيٺ به زير زمين پاڻي موجود آهي.
ٿرپارڪر ۾ ڪو به کليل واري وارو ڌٻڻين سان ڀريل خطرناڪ صحرا موجود ناهي. پر اڇڙي ٿر ۾ اهڙو خطرناڪ صحرا به موجود آهي.
ٿرپارڪر ۾ نانگن بلائن ۽ ٻين سرندڙ جيتن جا ڪافي قسم موجود آهن. جڏهن ته اڇڙي ٿر ۾ انهن جو گهٽ تعداد موجود آهي. ٿرپارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي 109 ٽڪرين جي جابلو گرينائيٽ سان ڀرپور سلسلي کان سواءِ 45 ٻيون به جابلو ننڍيون ٽڪريون موجود آهن. ڪارونجهر جي ٽڪرين جي وادين ۾ ساوڪ ۽ وڻن ٻوٽن جو تعداد وڌيڪ آهي. هتي ڪيتريون ئي ناياب جابلو جڙي ٻوٽيون به پيدا ٿين ٿيون . ڪارونجهر جو جابلو سلسلو هڪ عجائبات سان ڀرپور سلسلو آهي. وڏي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي، ته ڪارونجهر جي هر جابلو ٽڪري جي وڻن ٻوٽن ۽ رهندڙ حياتيات مختلف آهي. مثال طور ڪارونجهر جي هڪ ٽڪري ۾ ڳجهون رهن ٿيون، ٻيءَ ٽڪري ۾ ڏينڀو گهڻا رهن ٿا ته وري ٽئين ٽڪري ۾ چندور جو ناياب وڻ گهڻو ٿئي ٿو. جيڪا ڳالهه مشاهدو ڪندڙن کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. جڏهن ته اڇڙي ٿر جوجابلو سلسلو روهڙي کان چونڊڪو ۽ سُوراهه تائين آهي. ڊيگهه هڪ سئو ڪلوميٽر ۽ ويڪر تقريبن پنجاهه ڪلوميٽر آهي. هن سلسلي جي ٽڪرين مان اڪثر ٽڪريون تهدار آهن. کيرٿر جي جابلو سلسلي جي حصي طور هڪ طرف ته هنن ٽڪرين جي عمر ڪارونجهر کان گهٽ آهي، ته ٻئي طرف پاڻي جي دريائي وهڪرن سبب گهڻيون ٽڪريون تهدار آهن . جن ۾ مٺي پاڻي جي اثرن سبب فاسفورس ، چن ۽ ڄاري يا سينور جو مقدار وڌيڪ آهي. هتي پاڻي جي وهڪرن سبب ڪٿي جابلو لاهيون به سڌيون ۽ ميداني آهن، ته ڪٿي وري اڀيون ۽ اڙانگيون آهن. هتي جابلو ٻوٽا به چن جي مقدار وڌيڪ هئڻ سبب گهٽ اوڀڙ ڪن ٿا. البت پاڻي جي وهڪرن جي سڌن ميداني جابلو ڪنارن تي وري وڻ ٻوٽا صحتمند ۽ سگهارا آهن.
ٿرپارڪر جا ڳوٺ ۽ شهر ڀٽن جي پاسن ۾ يا ڏهرن ۾ موجود آهن. جڏهن ته اڇڙي ٿر جا ڳوٺ گهڻي ڀاڱي ڀٽن جي چوٽين تي آهن، ڇاڪاڻ ته کليل واري جي اڏامڻ سبب هيٺ رهڻ مشڪل ٿيو پوي.
ٿرپارڪر جيئن ته سمنڊ جي ويجهو آهي. انهي ڪري اتي سامونڊي موسمي اثرن سبب ڀٽون گهم سبب ۽ منجهن مٽي جو مقدار وڌيڪ هئڻ سبب ڄمي ويون، جڏهن ته اڇڙي ٿر ۾ ائين نه ٿيو، جنهن سبب واري کليل رهجي ويئي. هتي جي واري ۾ سامونڊي گهميل هوا جا اثر موجود ناهن. ساڳئي وقت پاڻي جي تيز وهڪرن سبب اڇڙي ٿر جي واري ۾ مٽي جو مقدار به پاڻي سان ملي ٿرپارڪر ڏانهن وهي ويو.
ٿرپارڪر ۽ اڇڙي ٿر جي انهي تقابلي جائزي بعد ئي انهن علائقن جي تاريخي حيثيت يا قدامت بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهبي. انهي لاءِ هن تقابلي جائزي کي نظر ۾ ضرور رکڻ کپي. ٻي حالت ۾ ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ مشڪل ٿيندو.