لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

اڇڙي ٿر جا علمي مرڪز

اڇڙي ٿر جا علمي مرڪز
جامعه الراشديه پير جو ڳوٺ : درگاهه راشديه جي ٻئين پاڳاري پير علي گوهر شاهه “ اصغر ” رح جي زماني ۾ سن 1834ع ۾ سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ اچڻ سبب پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي ۽ پير صبغت الله شاهه اول جي مزارن کي جڏهن ٻوڏ جو خطرو محسوس ٿيو، ته عقيدت مندن طرفان ديهه ڪنگري ۾ ڏنل زمين تي پير علي گوهر شاهه ” اصغر “ اچي هي ڳوٺ ٻڌو ۽ پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي تي عاليشان روضو ۽ پير سائين صبغت الله شاهه اول تي تجر تعمير ڪرائي. راشديه درگاهه جي تعمير ۽ پير صاحبن جي خاندان جي هن ڳوٺ ۾ نئين رهائش سبب هي ڳوٺ حر جماعت جي عقيدت جي مرڪز سان گڏ وڏو علمي مرڪز ۽ عقيدت مندن جي آماجگاهه بنجي ويو. هتي راشدي خاندان جا پير صاحب به مدفون آهن. انهي کان علاوه هن درگاهه جي پنجين پاڳاري حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه اول (ڪوٽ ڌڻي ) رح، هڪ ديني درسگاهه جو به بنياد وڌو، هن ديني درسگاهه جو پهريون مهتمم استاد العلماءَ مولوي محمد صالح مهرکي مقرر ڪيو ويو. هن درسگاهه جي علمي هاڪ پري پري تائين پکڙي ويئي. ۽ جامعه الراشديه ديني تعليم ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳي. پير سائين سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه ) جي طرفان شروع ڪيل وطن جي آزادي جي تحريڪ دوران انگريز سامراج پير صاحب کي گرفتار ڪري، پير صاحب جي ڪوٽ ۽ حويلي سان گڏ هن درسگاهه کي به مسمار ڪري ڇڏيو. وري ٻيهر جڏهن سيد شاهه مردان شاهه ثاني ( ڇٽ ڌڻي) گادي نشين ٿيو، ته هن پير صاحب ٻيهر هن درسگاهه کي بحال ڪيو. هن درسگاهه جي شهرت سبب وري سوين ٻار ديني تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. هن وقت هي درسگاهه ملڪ جي هڪ وڏي علمي درسگاهه آهي. جنهن جون سنڌ کان سواءِ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ شاخون آهن. هن وقت جامعه الراشديه درسگاه جي وڏي علمي حيثيت آهي . جتان تمام وڏا عالم تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. هتي خانقاهه الراشديه جي هڪ عظيم الشان لائبرري پڻ آهي. هي ڳوٺ حر جماعت جي عقيدت جو تمام وڏو مرڪز آهي.
چوٽيارين جو مدرسو: هي به قديم ڳوٺ آهي. هتي مشهور عالم ميين مبين ڪيريي جو ديني مدرسو هو. جنهن جي علمي هاڪ پري پري تائين پکڙيل هئي. ميين مبين ڪيريي جو جنم سن يارهن سئو هجري ۾ ٿيو. ڪن جي چوڻ موجب سندس جنم سن يارهن سئو ڏهه هجري ۾ ٿيو. ميين مبين ديني تعليم ٺٽي جي درسگاهن مان حاصل ڪئي. ٺٽي جو مشهور عالم دين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به سندس همعصر هو. انهي زماني ۾ هن جون ڳوٺان ٺٽي ڏانهن ايندي ويندي ، نصرپور جي ميين شاه عنات سان به ملاقاتون ٿيون . انهن ملاقاتن مان به هن علمي ڄاڻ حاصل ڪئي. 1135 هجري يا 1140 هجري ڌاري تعليم مڪمل ڪئي . ان بعد هن پنهنجي ڳوٺ ساندپوره ۾ ديني مدرسي جو بنياد رکيو . جنهن جي علمي هاڪ پري پري تائين پکڙي ۽ هن مدرسي جو شمار سنڌ جي چوٽي جي مدرسن ۾ ٿيڻ لڳو. جنهن تان اڳتي هلي سندس ڳوٺ ساندپوره چوٽياريون جي نالي سڏجڻ لڳو. هتي سنڌ جي مشهور بزرگ عبدالرحيم گرهوڙي به تعليم پرائي. ميون مبين تقريبن پنجاه سال هن مدرسي کي هلائيندو رهيو. ميين مبين جي وفات پنجين محرم سن 1196 هجري ۾ ٿي ، ميون مبين نهايت خوش خلق ۽ سخي طبيعت جو انسان هو. پاڻ سادگي پسند ۽ فقير قسم جو ماڻهو هو، ٿر ۾ رهڻ ڪري هو پاڻ کي ٿرائي سڏائيندو هو. هن کي چوٽياريون ۾ ئي دفن ڪيو ويو. چوٽياريون جو شهر ميرن جي زماني ۾ هڪ سٺو واپاري مرڪز هو، پر انگريزن جي قبضي بعد لڳل حر جدوجهد خلاف لڳايل مارشل لا جي نتيجي ۾ ٿيل آزادي پسند حرن ۽ انگريز فوج جي مقابلن ۽ افراتفري سبب هي ڳوٺ ڦٽي ويو. جنهن بعد هي ڳوٺ وري اهو ساڳيو اوج ماڻي نه سگهيو. هن وقت هن جي ڀر ۾ چوٽياريون ڊيم تعمير ڪرايو ويو آهي. جنهن سبب هن علائقي جو پراڻو نقشو ئي تبديل ٿي ويو آهي.
درسگاهه سِريواريءَ : مخدوم ميان محسن ۽ سندس ڪجھ ٻيا عزيز ۽ مائٽ، چوٽياريون ڳوٺ مان لڏي اچي ڳُجھڙي واري ٻيلي ۾، ڪاري ناري ( هاڪڙي ) جي اتريين پاسي، سريواريءَ واري ماڳ تي ويٺا. هتي ميين محسن هڪ مدرسو کوليو، جيڪو اڳتي هلي “درسگاھ سريواريءَ” جي نالي سان گھڻو مشهور ٿيو. هي درسگاهه پنهنجي دور جي هڪ مشهور ديني درسگاهه هئي. جنهن سبب سريواري سنڌ جي عالمن ۽ بزرگن جي اچ وڃ جو وڏو مرڪز ٿي ويئي. انهن بزرگن جي اچ وڃ جو ذڪر ڪندي، مشهور محقق استاد لغاري پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو، ته “ اندازن سن 1160 هجريءَ ڌاري، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه، چوٽياريءَ ۽ کنڀري ( تعلقي کپري ) کان ٿيندو، درسگاھ سريواريءَ ۾ آيو. جتي ان وقت درسگاھ جو مهتمم ۽ سنڀاليندڙ مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه جن هئا. ميان علي محمد ڪيريي رحه ، ڀٽائي صاحب کي پري کان ڏسندي ئي سڃاتو، ۽ هي بيت ڏنائين. “
ڪُوڙو تُون ڪُفر سِين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاءِ،
تلڪ تنِين کي لاءِ، سچا جي شِرڪ سِين”.
ته ڀٽائيءَ صاحب کين وراڻيءَ ۾ ٻه بيت ڏنا.
“ ڪافر ٿيءُ ته اُبهين، باب شرع جا ڇڏ،
من مشرڪن گڏ، ته ويجھو ٿيين وصال کي”.
“ آزَرُ ٿيءُ ته اُبهين، ڪٽا جيئن ڪافر،
ته سندي ڏينهن حشر، ويجھو ٿيين وصال کي”.
اهڙيءَ ريت ڀٽائي رحه ۽ ميون صاحب، هڪٻئي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ حال احوال ڏنائون ۽ ورتائون.
درسگاھ سريواريءَ ۾ميين علي محمد ۽ ميين تاج محمد وٽ ڪجھ ڏينهن قيام ڪرڻ کان پوءِ، ڀٽائي صاحب، اڃان اڳتي“واگھين واري ڀٽ” ڏانهن اُسهيا. جيڪا سريواريءَ کان سڌو اولھ طرف، اندازن چئن ميلن جي مفاصلي تي موجود آهي. ڀٽائي صاحب، سريواريءَ مان ويندي مهل، مخدوم ميين علي محمد ڪيريي رحه جن کي ڪافي دعائون به ڪيون ۽ هڪ عدد تسبيح ڳاڙهي عقيق جي وڏن مڻين ۾ پوتل سوکڙيءَ ڪري کين ڏيئي ويا. ڀٽائيءَ صاحب جي وڃڻ ۽ دعائن کان پوءِ، مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه، پنهنجي لاءِ شيخ (مرشد) جي ڳولا ۽ تلاش ۾ نڪتا، ته خيرپور ضلعي جي، ڳوٺ شيخ طيب وٽ، سندن ملاقات حضرت سيد محمد بقا شاھ عفي عنه جن سان ٿي، جيڪي ان وقت ڳئون (ڍڳيون ) چاري رهيا هئا. حال احوال معلوم ڪرڻ کان پوءِ، حضرت سيد محمد بقا شاھ ڪجھ وقت کان پوءِ، مخدوم ميين علي محمد ڪيريي رحه جن سان گڏجي، درسگاھ سريواريءَ ۾ آيا. جتي ميان علي محمد ڪيريي رحه جن کي، سلسلئه طريقت ۾ داخل ڪري، کين تلقين ڪرڻ فرمايائون. اهڙيءَ ريت، سندن وچ ۾، پيريءَ ۽ مريديءَ وارو تعلق ۽ سلسلو قائم ٿي ويو. هي تعلق ۽ سلسلو اڳتي هلي ان وقت پنهنجي عروج کي پهتو، جڏهن حضرت سيد محمد بقا شاھ جن جي فرزند ارجمند، امام العارفين مجددالعصر حضرت سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه ۽ ميين علي محمد ڪيريي رحه جن جي فرزند ارجمند، مخدوم ميين تاج محمد ڪيريي رحه جن جي وچ ۾، سلسلئه طريقت قائم ٿيو ۽ مخدوم ميين تاج محمد ڪيريي رحه جن کي، حضرت سيد روضي ڌڻي رحه جن، پنهنجو خليفئه اول مقرر ڪرڻ فرمايو. اهڙي ريت درسگاھ سريواريءَ پنهنجي اوج ۽ عروج کي وڃي پهتي. هتي جيڪي ٻين ذاتين جا ماڻهو، حضرت سيد روضي ڌڻي رحه جن جا مريد ٿيڻ لاءِ پهتا، انهن ۾ ابڙا، جوڻيجا، خاصخيلي، راڄڙ، سيد، ڪيريا، ڳاها، مري، مڱريا، نظاماڻي هنڱورا، هنڱورجا ۽ هندن ۾ واڻيا وغيره به شامل هئا. حضرت سيد روضي ڌڻي رحه جن، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا روحاني سفر هتان کان ئي شروع ڪندا هئا، ته اهڙن علائقن ۾ اجمير شريف، اڇڙو ٿر، بدين، جيسلمير، راڙ، ڪڇ ۽ ڪڙيو گھنور وغيره به شامل هوندا هئا.
انگريزن جي دور ۾ حرجدوجهد خلاف لڳايل مارشل لا جي زماني ۾ هي درسگاهه به ڳوٺ سان گڏ ڦٽي ويئي. هن وقت هتي درسگاه جي قديم مسجد ، مائي ڄامان جو ٺهرايل کوهه ۽ پڙهندڙ ٻارن لاءِ ٺهرايل مسافر خانو ڊٺل کنڊرن جي صورت ۾وقت جي بي قدري تي ماتم ڪري رهيا آهن.
کنڀرو جي درسگاهه : هتي ماضي جي هڪ تمام وڏي علمي درسگاه موجود هئي . هن مدرسي جو بنياد يارهين هجري سن جي پڇاڙي ۾ميان عبدالباقي راڄڙ رکيو. جلد ئي هي هڪ عاليشان درسگاهه ۾ تبديل ٿي ويو. هن مدرسي جا سنڀاليندڙ راڄڙ ذات جا ماڻهو هئا. ميين عبدلباقي راڄڙ سن يارهن سئو هجري ڌاري وفات ڪئي. ان بعد سندس پٽ ميين محمد هاشم هن مدرسي کي جاري رکيو. هن جي وقت ۾ هن مدرسي وڌيڪ ترقي ڪئي. ميين محمد هاشم بعد ميين خير محمد هن مدرسي جي تعليمي سلسلي کي جاري رکيو. چون ٿا ته هن جي زماني ۾هتي شاه عبداللطيف رح آيو، ته ملن کيس هندو سمجهي مسجد مان ٽنگو ٽاليءَ ڪري ڪڍي ڇڏيو. بعد ۾ ميين خيرمحمد جي سڃاڻڻ بعدکانئس معافي ورتائون. پر ڀٽائي صاحب سندن روش کي ڏسي مُلن جي باري ۾ شڪايتي بيت هتي لکيا هئا. هن مدرسي ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي به رهيو هو. ۽ پنهنجي هٿن سان هڪ پراڻي ڪرڙ جي وڻ کي وڍي انهي مان هڪ ٻارهن فوٽن جو داسو ڇلي ٺاهي مسجد ۾ لڳايو. جيڪو اڃان تائين هتي زيارت لاءِ موجود آهي. مشهور عالم دين حاجي بشام بروهي سنڌڙي وارو به هتي پنهنجي عمر جو وڏو عرصو رهيو هو. 1942ع جي حرجدوجهد خلاف انگريزن جي لڳايل مارشل لا بعد هي ڳوٺ خالي ڪرايو ويو. جنهن بعد هن تاريخي علمي درسگاهه جو اوج ختم ٿي ويو. هن وقت ماضي جي هن علمي مرڪز جا نشان به مٽجي ويا آهن. باقي نالو وڃي رهيو آهي. هن وقت هتي صرف قرآن مجيد جي تعليم جو ننڍڙو مدرسو قائم آهي.
رتو ڪوٽ وارو مدرسو: رتي ڪوٽ جي ڀرسان هنڱورجن جي ڳوٺ ۾ 1912ع ۾ قرآن مجيد جي تعليم لاءِ هڪ مدرسي جو بنياد رکيو ويو. بعد ۾ مولوي عمرالدين چنه هتي آيو، جنهن هن مدرسي کي وڌايو، ۽ هتي تفسير ، فقه، حديث ، سان گڏ فارسي جي پڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ائين هن مدرسي جي هاڪ پري تائين پکڙي ويئي. هن مدرسي ۾ مولوي محمد آڙهوٽو به آيو ، جيڪو هڪ بهترين استاد سان گڏ بهترين انتظام ڪار ۽ يارويس محبتي انسان هو. جنهن جي ڪارڪردگي پڻ هن مدرسي جي ترقي ۽ شهرت جو سبب بڻي. 1950ع کان پوءِ هن مدرسي جي اوسر گهٽجڻ لڳي ۽ هن وقت هتي فقط قرآن شريف جي تعليم ڏني وڃي ٿي.
پَڙائي شريف جو مدرسو: راڄڙ قبيلي جي نُک مارک مان هڪ شخص نالي ٻٻر مارک راڄڙ جي گهر ۾ سن 1022 هجري ڌاري هڪ ٻار جو جنم ٿيو. سندس نالو عبدالله رکيو ويو، جيڪو اڳتي هلي ميين عبدالله ٿرائي جي نالي سان مشهور ٿيو. هن مختلف مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪئي، ڇو ته انهي زماني ۾ تعليمي درسگاهون تمام گهٽ هيون، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ درسگاهه قائم ڪئي تعليمي پڙهائي سبب هن ڳوٺ جو نالو ئي عام ماڻهن وٽ پَڙائي طور مشهور ٿي ويو. ميون عبدالله اڳتي هلي پير سائين روضي ڌڻي جو مريد ۽ خاص خليفو ٿيو. سندس واسطا ملتان جي پيرن سان به گهرا هئا. ٿر ۾ رهڻ سبب هن کي ميين عبدالله ٿرائي جي نالي سان شهرت نصيب ٿي. هن عالم دين جي محنتن سبب سندس قائم ڪيل درسگاهه جي شهرت پري پري تائين پکڙجي ويئي. ميين عبدالله ٿرائي ، ميين مبين ۽ گرهوڙي صاحب ۽ ٻين بزرگن جي تعاون سان هڪ مسجد پڻ تعمير ڪرائي. جيڪا قديم مسجد اڄ به موجود آهي. هن مدرسي سان گڏ هڪ ڪتب خانو به قائم ڪيو. جنهن ڪتب خاني ۾ سوين ڪتاب گڏ ڪيا. سنڌ جي هن ناليواري درسگاهه ۽ ڪتب خاني جي بربادي انگريزن جي لڳايل مارشل لا ۾ هن ڳوٺ خالي ڪرائڻ سان ٿي . ان بعد هي درسگاهه ٻيهر اسري نه سگهي. هن مدرسي ۽ ڪتب خاني جي باني ميان عبدالله ٿرائي جي وفات 2 محرم الحرام سن 1102 هجري ۾ ٿي. سندس قبر تي سندس پونئرن مان ميان حزب الله سال 2000ع ۾ هڪ مقبرو به تعمير ڪرايو آهي .
تڙ پسايو جي درسگاهه: پڙائي شريف کان اتر طرف خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي جي هن درسگاهه جي هاڪ به ڪافي جڳهين تائين مشهور هئي. هتي پري پري جا ڪيترائي علم جا اڃارا اچي تعليم حاصل ڪندا هئا.هن درسگاهه جو هڪ استاد مولوي شرف الدين مشهور ڪاتب ٿي گذريو آهي. سندس لکيل تفسير جلالين، مشڪوات شريف ۽ ٻيا فقه جا ڪتاب مشهور آهن. انهي کان سواءِ هن درسگاهه جو هڪ عالم ميان خالد ٿي گذريو آهي. جنهن به ڪيترائي ڪتاب لکيا ، چون ٿا ته سندس لکيل ڪجهه ڪتاب مصر جي جامع الاظهر يونيورسٽي ۾ به موجود آهن. هي بزرگ اسروهي جي قبرستان ۾ مدفون آهي.
ڍليار جو مدرسو: ڍليار اڇڙي ٿر جي ڪس وارو ننڍو شهر آهي. علمي لحاظ کان هتي جي درسگاهه پڻ سنڌ جي مشهور درسگاهن ۾ شمار ٿيندي هئي. انهي درسگاهه جو بنياد ميين عبدالرئوف هنڱورجي ۽ سندس گهر واري مائي ولايت ٻائي رکيو. ميون عبالرئوف ننڍي هوندي هڪ دفعي گهران مائٽن سان ڪاوڙجي لاڙ ويندڙ هڪ قافلي سان گڏجي لاڙ پهتو. جتي لاڙ جي مشهور سخي ۽ عالم دين حافظ محمد حسين ٿيٻي جو مدرسو ڏسي سندس دل ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. ۽ هي قافلي کان ڌار ٿي هن مدرسي ۾ پڙهڻ لڳو. پويان سندس مائٽ به آسرو لاهي ويهي رهيا. هن مخدوم محمد حسين ٿيٻي وٽ تعليم مڪمل ڪئي . هن جو ادب اخلاق ۽ سڀاءَ ڏسي مخدوم محمد حسين سندس شادي پنهنجي نيڪ بخت نياڻي مائي ولايت ٻائي سان ڪرائي. . ڪجهه عرصي بعد هن کي نياڻي پيدا ٿي. اها جڏهن جوان ٿي ته سندس زال ولايت ٻائي کانئس سندس عزيزن جو پڇيو ، پر هن ڪو جواب نه ڏنو. آخرڪار پڇا ڪرڻ بعد سندس اصل عزيزن جي خبر پئجي ويئي، جيڪي کيس لڏائي ڳوٺ وٺي آيا. جتي هن هڪ مسجد ۽ مدرسو قائم ڪري تعليم ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي. سندس گهر واري مائي ولايت خاتون پڻ هڪ درويش ۽ الله واري عورت هئي . هي پڻ هن نيڪ ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لڳي. ائين هن مدرسي جي شهرت پري تائين پکڙجي ويئي. اڳتي هلي ، هي ٻئي زال مڙس سيد محمد راشد روضي ڌڻي وٽ وڃي دست بيعت ٿيا ۽ پوءِ روضي ڌڻي کي دعوت ڏيئي پڻ وٺي آيا. سائين روضي ڌڻي سندن بزرگي ڏسي کين پنهنجي ويجهن خليفن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سندن نيڪ سيرت ۽ علم کي ڏسي عبدالرئوف کي ميان جو لقب عنايت فرمايو. ميان عبدالرئوف کي مائي ولايت ٻائي مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون . سندس پٽ محمد عالم ۽محمد افضل به وڏا عالم هئا. هنن هتي مدرسي سان گڏ هڪ وڏو ڪتب خانو به قائم ڪيو. ميان عبدالرئوف ۽ مائي ولايت ٻائي جي وفات بعد کين جنهن قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، سو هن وقت به مائي ولايت جو قبرستان سڏجي ٿو. بعد ۾ ميان محمد عالم ڍليار ويجهو نئون ڳوٺ ٻڌو. جيڪو ڳوٺ سرڪاري رڪارڊ ۾ فقير محمد هنڱورجي نالي سان آهي. جتي هن وقت به درس تدريس جو سلسلو جاري آهي. هتي هن وقت مدرسه صبغته العارفين نالي سان قائم آهي، جيڪو پير ڳوٺ جي جامعه الراشديه جي برانچ آهي. ميين جي خاندان ۾ هن وقت به ڪيترائي عالم ۽ حافظ موجود آهن. سندن سڀاڳو اولاد اڃان تائين هن سلسلي کي قائم رکيو اچي.
هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي ۽ مدرسو: اڇڙي ٿر جي ڪس ۾ ڀٽ ڀائٽي نالي هڪ ڳوٺ ڪافي عرصي کان موجود آهي. هن ڳوٺ جي هڪ نيڪ مرد مرحوم عثمان خان مري جي ڪوششن سان هتي 1939ع ۾ پرائمري اسڪول کوليو ويو. جيڪو اسڪول ترقي ڪري هن وقت هائير سيڪنڊري اسڪول جي درجي تائين پهتو آهي. هن اسڪول جي ايڏي ترقي پويان نيڪ مرد عثمان خان مري جو وڏو هٿ هو، انهي زماني ۾ آسپاس ڪو به اسڪول موجود نه هو. انهي ڪري هن سخي مرد هتي پري جي شاگردن لاءِ هاسٽل جو انتظام ڪري کين سموريون سهوليتون موجود ڪري ڏنيون . جنهن ۾ رهائش ، کاڌو پيتو ، ڪپڙن ڌوئڻ ، ۽ اچڻ وڃڻ جي ڀاڙي ڏيڻ تائين جو بار هن سخي مرد پنهنجي ذمي کنيو. انهي ڪري اڇڙِي ٿر ۽ ٿرپارڪر کانسواءِ پري پري جا غريب شاگرد هتي پڙهڻ لڳا. عثمان خان مري هتي هڪ مولوي حاجي حامد سمون کي آڻي هڪ ديني مدرسو به قائم ڪيو. جتي شاگردن کي ديني تعليم به ملڻ لڳي.