لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

اڇڙِي ٿر ۾سوڍن ۽ راٺوڙن جو دؤر

اڇڙِي ٿر ۾سوڍن ۽ راٺوڙن جو دؤر

اڇڙي ٿر ۾ راجپوت سوڍن جا ڪجهه ڳوٺ آهن. جيڪي پنهنجن راجپوتي رسمن ۽ روايتن سميت اڄ به اڇڙي ٿر جو حصو آهن. اڇڙي ٿر ۾ راڻڪ ڏهر ۾ هڪ قديم کوهه موجود آهي. جنهن جي اڏاوت حيرت ۾ وجهندڙ آهي. جوڌپوري پٿر سان تعمير ڪيل انهي کوهه تي جانورن، ۽ پکين جا به اواڙا ٺهيل آهن. جنهن مان کوهه جي تعمير ڪرائيندڙن جي فطرت دوستي ۽ ماحول دوستي جو پتو پوي ٿو. انهي کوهه تعمير ڪندڙن جي انهي نرم دلي ۽ فطرت دوستي مان اها به سڌ پوي ٿي، ته انهن ماڻهن جو جين ڌرم يا هندو ڌرم جي شوپنٿ سان تعلق هو. ٿرپارڪر ۽ اڇڙي ٿر ۾ اڄ به سوڍا انهن ٻنهي مذهبي لاڙن سان سرشار ملن ٿا. پر هڪ طرف هو همت ۽ بهادري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. وٽن عورتن جو احترام به موجود آهي ۽ انهن ڳالهين سان گڏوگڏ سندن محفلن ۾ نشي جو استعمال به ٿيندو آهي. جيڪي رويا شو پنٿ جي اثرن کي نمايان ڪن ٿا. ته ٻئي طرف هو جيتن جانورن ۽ پکين سان پيار ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي علائقي ۾ وڻن جي واڍي جي به خلاف آهن. هو پنهنجي اثر وارن علائقن ۾ ٻين قبيلن کان وڌيڪ وڏا فطرت دوست آهن . جيڪي خوبيون سندن جين ڌرم سان ماضي ۾ لاڳاپيل هئڻ جي ثابتي ڏين ٿيون.
جيئن ته اڇڙي ٿر جي تاريخي معلومات بابت تاريخ جا ڪتاب خاموش آهن . جن جا ٻه سبب آهن هڪ ته هي سمورو علائقو مواصلاتي سهوليتن کان اڃان تائين وانجهيل آهي. انهي ڪري اڇڙي ٿر جي اڙانگن رستن ۽ پراسرار خطرن سان ڀرپور علائقي ۾ ڪو محقق اچڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي همت نه ٿو ڪري. ته ٻئي طرف وري حر جدوجهد سبب هتان جو سماج شڪ شبهن سان ڀرپور هوندي، ڪنهن اوپري ماڻهو کي هتان جي حالتن کان اڻ واقف ٿو رکي. انگريز محقق به حر جدوجهد سبب هتي تحقيقي ڪم نه ڪري سگهيا. جنهن سبب اڇڙي بابت تفصيلي احوال نه ٿو ملي. پر ٿرپارڪر ۾ تعليمي شعور وڌيڪ هئڻ سبب ڪجهه مقامي محققن سٺو ڪم ڪيو آهي. جن ۾ رائچند هريجن جو ٿرپارڪر تي ڪيل تحقيقي ڪم ساراهه جوڳو آهي. انهي ڪري ضروري آهي ته رائچند هريجن ۽ ڪجهه انگريز محققن جي ڏنل احوال کي به پڙهڻ گهرجي. جيئن سوڍن بابت ڪتابن ۾ ڏنل احوال بابت ڄاڻ حاصل ڪندي، انهي حساب سان اڇڙي ٿر کي جوڙي پوري تصوير سامهون آڻي سگهجي.
ڪئپٽن ريڪس سومرن جي دور ۾ ٿر ۾ آباد سوڍن لاءِ لکي ٿو. “ هن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ سوڍن جي ذات ڇانيل آهي، جيڪا راجپوت نسل سان لاڳاپيل آهي ۽ سندن تعلق پرمار سوڍن جي ڪڙم سان آهي. اٺ سؤ يا هزار سال کن اڳ پرمار سوڍا، اجين ۽ مالوا جي ڀرپاسي جي علائقن تي حڪومت ڪندا هئا. گهڻو وقت ٿيو جو ڪن اڻ ڄاتل سببن ڪري پنهنجي ماتر ڀومي ڇڏي. هٿيار پنهوار کڻي پنهنجي ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڌارئي ديس ڏانهن نڪري پيا.
ڪئپٽن ريڪس ٿر جي عمرڪوٽ سان گڏ رتي ڪوٽ جي اهميت جو ذڪر ڪيو آهي، ته هي قلعو اڳ ۾ ٿر جي سياست جي ڪنجي سمجهيو ويندو هو، ۽ مارواڙ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي اهم گس تي موجود هو. تنهن زماني عمر ڪوٽ ۾ سنڌ جي سومرا گهراڻي جي حڪومت هئي. عمرڪوٽ جي ضلعي کان 30 ميل اتر طرف ٿر۾ هڪ پراڻي قلعي، رتو ڪوٽ جا اهڃاڻ موجود آهن. اهو قلعو جيڪو عمر ڪوٽ جهڙو اهم آهي، سو پرمار سوڍن جي دور انديشيءَ جي نشاني آهي، يا انهن کان به اڳ ۾ڪنهن تعمير ڪيوهو، سو پتو ڪو نه ٿو پوي. اهو چوڻ ڪافي ٿيندو، ته ڪنهن مدبر حڪمران ٿر تي ڏهڪاءَ ويهارڻ لاءِ اهڙن مضبوط قلعن جي اڏاوت ڪرائي، جن قلعن ذريعي هن سنڌو ماٿريءَ ۽ وچ هندستان جي شاهي رستن تي پنهنجا فرمان جاري رکيا. هندستان مان ڪن سببن جي ڪري آيل راجپوت سوڍن جو هنن ٻنهي اهم قلعن پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. سوڍن 1226ع ۾ حملو ڪري وڏي جدوجهد کانپوءِ انهن قلعن يعني رتوڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کي فتح ڪري ورتو..
رتوڪوٽ ۽ عمرڪوٽ فتح ڪرڻ کانپوءِ سوڍا ماٺ ڪري ڪو نه ويٺا، پر پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ٻين علائقن ڏانهن به هليا ويا. اهو پتو ڪو نه ٿو پوي، ته جنهن زماني ۾ سوڍن پارڪر تي قبضو ڄمايو، انهي وقت اتان جي صورتحال ڪهڙي هئي. ڪي روايتون اسان کي ٻڌائين ٿيون، ته ڪن سوڍن عمرڪوٽ کان اچي، يارهين صدي عيسويءَ ۾ پارڪر تي قبضو ڪيو، ۽ ڪيترين صدين کان پارڪر ۽ ويرا واهه جون زمينون سوڍن راجپوتن جي قبضي هيٺ رهنديون آيون. تمام گهڻي وقت کان مليل دستاويزي معلومات مطابق پارڪر جي سوڍن جي مکيءَ کي راڻي جي لقب سان سڏيو ويندو آهي.
رائچند هريجن جي لکيل ڪتاب “تاريخ ريگستان” ۾به سومرا دور کان وٺي رتوڪوٽ جي حوالي سان مختلف هنڌن تي ذڪر اچي ٿو. “ سنه 974ع ۾ سنڌ ۾ ڌرڻي براهه جو پٽ مهيپال عرف ديوراج آيو، جو راجا ٿيو. ٻئي پٽ باهڙ کي ڪجهه ڪو نه مليو. تنهن ڪري هو وڃي راڌنپور ۾ رهيو. هن کي ٽي پٽ سوڍو، سانکلو ۽ باگهه هئا. سوڍو سنه 1125ع ۾ سنڌ جي سومري حاڪم وٽ لنگهي آيو. جنهن مٿس مهرباني ڪندي کيس رتو ڪوٽ ڏنو، جيڪو ڪوٽ هاڻي ڊٺو پيو آهي، مگر ان جا کنڊر اڃا تائين ڍوري ناري ڪپ تي ڏسڻ ۾ پيا اچن. مگر رتوڪوٽ نالو اڃا قائم آهي. ان ئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ رائچند هريجن لکي ٿو ته، ڪي چون ٿا ته سوڍو پاڻ سان راجپوتن جو وڏو ڪٽڪ وٺي آيو هو ۽ رتوڪوٽ سومري حاڪم کان پنهنجي طاقت جي زور سان ورتائين.” رائچند هريجن رتوڪوٽ وارن راڻن لاءِ اڳتي لکي ٿو، ته ”سوڍي جو پٽ چاچڪ ”ديو“ ۽ پوٽو ”راج ديو“ هتي رهيا ۽ هتي اچڻ کانپوءِ هو راڻا سڏجڻ لڳا. کپري تعلقي ۾ اڄ تائين ڳوٺ ”راڻاهر“ آهي، جتي ڪيترا سوڍا گهر ڪري وڃي ويٺا. جنهن ڪري ڳوٺ تي اهو نالو پيو. کپري تعلقي ۾ پٿوري طرف ڪي پٽ آهن، جن کي اڄ تائين راڻن جا پٽ ڪري سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ جو ڪن آڳاٽن راڻن اهي پَٽ وسايا ۽ اها سموري حد رتي ڪوٽ وارن راڻن جي هئي، جي اڄ تائين پنهنجي وڏي ڏاڏي پرمار جي پٺيان پاڻ کي پرمار سوڍا راجپوت سڏيندا آهن.
تاريخ ريگستان ۾ رتوڪوٽ سان گڏ راڻن جو شجرو به هن طرح ڏنو ويو هو. “باهڙ جي پٽ سوڍي 1125ع ۾ رتوڪوٽ هٿ ڪيو. سوڍي کانپوءِ سندس پٽ چاچڪ ديو ۽ هن جو پٽ راج ديو اتي رهيا. انهن جي پونئيرن مان ڌارا برش کي ٻه پٽ هئا. وڏو درجنشال جنهن جي اولاد مان امرڪوٽ وارا راڻا آهن ۽ ننڍو اسراءِ، جو لڏي پارڪر ڏي ويو، جنهن جي اولاد مان پارڪر وارا راڻا آهن.
تاريخ ۾ آهي ته جڏهن سوڍن رتوڪوٽ هٿ ڪيو، ساڳئي وقت راجپوت به ٿر ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ مشغول هئا ، ته ان وقت ٿر ۾ آباد راٺوڙن کي به سوڍن جيان ملڪ گيريءَ جو شوق ٿيو. ان لاءِ رائچند لکي ٿو ته ”راٺوڙ جيڪي پنهنجي پيدائش ڏيوونس مان ڄاڻائين ٿا، ۽ هنن جون 26 ساکون آهن. ٿر ۾ ٿوري تعداد ۾ آهن. جڏهن راڻي سوڍي رتوڪوٽ هٿ ڪيو، تڏهن راٺوڙن کي به دل ۾ خيال آيو، ته اسين به ڇو نه سنڌ تي ڪاهه ڪري ڪجهه ڀاڱو هٿ ڪريون. سنڌ ۾ انهيءَ وقت سومرن جي صاحبي هئي، پر هو سوڍن ۽ راجپوتن سان پڄي ڪين ٿي سگهيا. راٺوڙن رتي ڪوٽ وارو پاسو ڇڏي باقي کپري تعلقي جو رهيل ڀاڱو پنهنجي قبضي ۾ڪيو. پوءِ پنهنجي حد وڌائي امر ڪوٽ جي اتر طرف ڇور اسٽيشن تائين ڪيائون. پوءِ اڳڀرو وڌي گڍڙو ۽ ان جي آس پاس وارو ملڪ هٿ ڪري، جوڌپور رياست جي ڪجهه ڀاڱن تائين وڃي پهتا. انهيءَ سموري حد کي اڄ تائين ”کائڙ“ سڏيندا آهن.
انهي مٿئين تاريخن ۾ موجود احوال ۽ موجوده وقت ۾ سوڍن جا ڳوٺ سندن نالي سان سڏجندڙ علائقا ۽ راڻڪ ڏهر جي تاريخي منفرد کوهه کي ڏسڻ کانپوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو، ته اڇڙي ٿر ۾ سوڍن جي صاحبي جو به زمانو رهيو آهي. ۽ ساڳئي وقت راٺوڙ به مختلف علائقن ۾ پنهنجي اثر رسوخ قائم ڪرڻ لاءِ سرگردان رهيا. جڏهن ته رتوڪوٽ ، عمرڪوٽ ۽ پارڪر طرف سوڍن جا راڄ هئا ، ته ٻئي طرف وري خيرپور ۽ گهوٽڪي واري طرف ۽ راجستان جي ڪجهه حصي تي راٺوڙن جا راڄ هئا. انهن ٻنهي قبيلن جا سنڌ جي حڪمرانن ۽ ماڻهن سان سٺا تعلقات هئا. حالانڪ سياسي طور ٿرپارڪر جي سوڍن جو تعلق ڪڇ جي حڪمرانن سان رهيو. جڏهن ته اڇڙي ٿر جي سوڍن ۽ راٺوڙن جو سياسي تعلق راجستان جي راجائن سان رهيو. پر هنن جا واسطا سنڌ جي حڪمرانن سان به بهتر رهيا. اڇڙو ٿر تاريخي طور سنڌ تي قابض قوتن خلاف سنڌين جي مزاحمت ڪندڙ ٽولن جي پناهه گاهه رهيو آهي. مثال طوراسان کي چچنامي جي راجا ڏاهر جي احوال ۾ ۽ جئسينا جي عربن خلاف گوريلا جنگين جي احوال ۾ به راجپوتن طرفان عربن خلاف جنگين ۾ ۽ باغين جي پناهه ۽ مدد بابت احوال ملي ٿو. ٻئي طرف حر جدوجهد دوران به حر آزادي پسند گوريلن سان سوڍن جو ساٿ رهيو. راجستان جي حاڪم ته حر جدوجهد جي گوريلن سان ڀرپور ساٿ ڏنو، ۽ پنهنجون سرحدون انگريزن جي ستايل حر خاندانن لاءِ کولي ڇڏيون هيون. پوري حر جدوجهد دوران راجستان جي راجا حرن جي دل کولي مدد ڪئي. ايتري قدر جو هن شهيد سورهيه بادشاهه کي هٿيار به ڏنا. حر جدوجهد ۾ حصو وٺندڙ حر پنهنجي جدوجهد جون يادگيريون بيان ڪندي. راجپوت سوڍن ۽ راٺوڙن جي ڀرپور ساٿ جا اڄ به ڪيترا داستان ٻڌائين ٿا.