موجوده دور ۽ وساريل اڇڙو ٿر
اڇڙو ٿر هڪ اهڙو ريگستاني علائقو آهي. جتي انساني آباديون اتان جي محدود وسيلن تي ننڍا ننڍا ڳوٺ ٻڌي رهائش پذير آهن. پر انهن ڳوٺن ۾ زندگي جي ڪابه سهوليت موجود ناهي. جديد معاشري جي ڪابه شئي هتي موجود ناهي. جيڪي ڪجهه موجود آهي ، سو هتان جي موجود وسيلن تائين ئي محدود آهي. وڏي ڳالهه ته هتي تعليم نه هئڻ سبب جديد سوچن جي کوٽ آهي . روڊن ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن جي نه هئڻ سبب هتان جا ماڻهو هڪ ڪٽيل ۽ محدود دائري ۾ رهن ٿا. سياسي ۽ سماجي شعور نه هئڻ جي برابر آهي. هتي قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال جو شعور نه هئڻ سبب اهي به گهڻو فائديمند ناهن. هتي جا ماڻهو ذاتين ۽ قبائلي دائرن ۾ قيد آهن . پر انهن ۾ سماجي ۽ قبائلي ٽڪراءَ گهٽ موجود آهن. انهي جو سبب اهو آهي، ته هتي جا ماڻهو پير صاحب پاڳاري جا عاشق مريد آهن . پير صاحب جو حڪم هنن لاءِ آخري حڪم آهي . جنهن حڪم ملڻ تي هي ماڻهو پنهنجو سڀڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هڪ طرف انهي ڳالهه سان منجهن ميٺ محبت وڌيڪ آهي ۽ سماجي ٽڪراءَ نه ٿا ٿين. ته ٻئي طرف وري هتي جي عوامي نمائندن جي چونڊ وقت به پير صاحب جو حڪم هلي ٿو. جنهن سبب هتان جي عوامي نمائندن کي هتان جي عوام ۾ اليڪشني ورڪ ڪرڻ جي ضرورت ناهي . اهو ئي سبب آهي جو چونڊجڻ کان پوءِ هتان جا عوامي نمائنده هتان جي عوامي مسئلن کان لاپرواهه ٿي وڃن ٿا. ائين عوام جي دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ ڪير به نه ٿو سوچي. بي انتها عقيدت سبب پير صاحب پاڳاري وٽ انهن چونڊيل عوامي نمائندن جون شڪايتون نه ٿيون پهچن . ائين پير صاحب پاڳاري ۽ مريدن جي وچ ۾ عقيدت جي مضبوط ديوار موجود آهي. پير صاحب کي عوامي نمائندن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ به گهٽ ٿي پهچي . جنهن سبب چونڊيل عوامي نمائنده ڪنهن احتساب جي عمل مان نه ٿا گذرن ، بس اهي ئي بي پرواه نمائنده باربار چونڊجيو اچن . ۽ ترقياتي اسڪيمن تي ڪو ڪم نه ٿو ٿئي . پير صاحب جي منظوري سان بنا ورڪ جي چونڊيل اميدوار به اڪثر ڪري حزب اختلاف ۾ رهندا آيا آهن . اتي حزب اختلاف ۾ رهندي به هو ايوانن ۾ ڪو گهڻو دٻاءَ پيدا نه ڪري سگهيا آهن. هر دور ۾ هو اقتداري ايوانن ۾ بس وقت گذاري واري رويي جا شڪار رهيا آهن. نتيجي ۾ حڪومتي لاتعلقي سبب هتان جو عوام نڌڻڪي حالت ۾ غربت ۽ مسئلن جي مصيبتن ۾ رهندي پريشان حال رهندو اچي. ۽ علائقو اقتدار ڌڻين کان هڪ وساريل علائقو رهجي ويو آهي .