عشق جي ڪشالن مان نڪتل ڪتاب
“ سرسوتي تهذ يب ۽ اڇڙو ٿر” هڪ تاريخي ڪتاب آهي. هي ڪتاب سنڌ ۾ سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي مختصر تاريخ ۽ سماجي حالتن کي بيان ڪري ٿو. هي ڪتاب جديد سنڌ جي مها محقق ۽ تاريخدان سائين مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي جھرجهنگن، برن ۽ ٿرن ۾ڪيل پنڌ جي ڪشالن ۽ تحقيق جو نچوڙ آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ انهي ڳالهه جو ڪاٿو نٿولڳائي سگهجي، ته هن ڪتاب ۾سهيڙيل مواد ۽ معلومات لکڻ لاءِ مشڪور سائينءَ سيلاني بڻجي ڪهڙا جتن ڪيا هوندا ۽ ڪيترا ڪشالا ڪڍيا هوندا. اهو اندازو هو پاڻ ئي لڳائي ۽ ٻڌائي سگهي ٿو. پرمونکي پڪ آهي، ته جڏهن هي مسودو هڪ مڪمل ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپجي پڌرو ٿي سنڌين ۽ سنڌ جي عاشقن کانسواءِ تاريخ جي ڄاڻ رکندڙن جي هٿن ۾ ايندو. تڏهن کيس جيڪا مڃتا ملندي، تنهن سان سائين مشڪورجا سڀ ٿڪ لهي ويندا ۽ هو اتساهه وٺي وري سنڌ وطن جي ڪنهن وساريل ڪنڊ، تاريخي ماڳ يا سامونڊي پٽيءَ جو اڀياس ڪندو ۽ ان بابت لکندو. ائين سنڌي ٻولي جي جهولي ۾ وري ڪنهن نئين ڪتاب جو اضافو ٿيندو.
هن بي بها تاريخي ڪتاب لکڻ لاءِ سائين مشڪور ڦلڪارو جس جي لائق آهي. پر رڳو تعريف ڪافي ناهي. حقيقت ۾ هن تاريخي تحقيق جي ڪم ۾ سڀني سرنديءَ وارن سنڌين ۽ سنڌ دوستن کي هن ڪتاب جهڙا ڪئين ڪتاب لکڻ، سهيڙڻ ۽ ڇپائڻ لاءِ ذاتي ۽ مالي حصو وٺڻ ۽ سهڪار ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سرڪاري ادارن جي روش مان ته اهو پڌرو آهي، ته اهي رڳو من پسند ماڻهن جي مدد ۽ پنهنجي مطلب جا ڪتاب ۽ مواد ڇاپڻ ۾ رڌل آهن. اها روش مٽجڻ کپي ۽ مشڪور ڦلڪاري جهڙن نواڻ پسند محققن، مورخن، شاعرن ۽ ليکڪن جي لکيل سنڌي ڪتابن کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي مدد ۽ سهائتا ڪرڻ گهرجي. جيڪو اصل ۾ سند ن ئي ڪم ۽ ڪاروهنوار آهي.
هاڻي ڪجھ لفظ هن ڪتاب ۾ شامل تاريخي مواد تي پيش ڪجن ٿا. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ سرسوتي تهذيب جي اوڀر کان اولھ ۽ اتر کان ڏکڻ ۾ واري سموري حصي بابت قدامت جي سوالن، زيرزمين پاڻي، جيالاجي رپورٽن جي روشني ۾ زميني تهن جي عمر بابت اهم انڪشاف، هيستائين ٿيل هماليائي تهذيبن جي باري ۾ ٿيل تحقيق جو جائزو، سرسوتي تهذيب جي سنڌ سان لاڳاپيل علائقي اڇڙي ٿر جي تاريخي ۽ مذھبي ماڳن، مذهبي اثرن، علمي درسگاهن، مختلف سياسي دورن، مزاحمتن ۽ ويڙھاڪ تحريڪن، ڌارين جي ڪاھن، حر جدوجهد دوران سنڌي سورمن ۽ سورمين جي بهادري سان گڏ حر جدوجهد سبب اڇڙي ٿر جي سماج تي پوندڙ اثرن بابت قيمتي ڄاڻ ڏني ويئي آهي. جيڪا اسانجي نوجوان نسل لاءِ تمام ڪارائتي آھي ۽ سمجھڻ لائق آھي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ ۾ موجود اڇڙي ٿر جي جاگرافي جي ڄاڻ ڏنل آھي. ھن ڀاڱي ۾ اڇڙي ٿر جي نالي کان وٺي، ان جي بيھڪ، طبعي ۽ اقتصادي حالتن، ڍنڍن ۽ ڍورن، ٻيلن ۽ ٻوٽن، جانورن ۽ جيتن، نانگن ۽ بلائن، پکين ۽ پاڻيءَ جي پياسن، چئونرن ۽ چوڙين، ھنرن ۽ لباس، علمي مرڪزن ۽ ساڃاه رکندڙ ماڻھن بابت احوال ڏيڻ سان گڏ عام ماڻھن جي مالي حالتن، غريبيءَ جي ڪارڻن ۽ انھن جي تدارڪ لاءِ تجويزون پڻ تحرير ڪيل آھن. انهي ڪري هر لحاظ کان هي ڪتاب بهترين تحقيق آهي.
آخر ۾ ھن ڪتاب جي ليڪک سائين مشڪور ڦلڪاري کي ھن بي بها ۽ تاريخي ڪتاب لکڻ لاءِ وڌايون ۽ ھي ڪتاب ڇپائيندڙن ۽ ان ڪم ۾ ذاتي ۽ مالي سھڪار ڪندڙ سنڌ دوست ساٿين کي پڻ جس ھجي. اھو پڻ اھم آھي ته وت آھر ھر سنڌيءَ کي ھي ڪتاب ۽ ٻيا سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ ۽ پڙھڻ گھرجن.
جيئي سنڌ، جيئي سنڌي ٻولي ۽ سدائين جيئن سنڌي.
سيد سرور شاھ
آڪسفورڊ يونيورسٽي
آڪسفورڊ، انگلينڊ
10 فيبروري 2019
( ڊاڪٽرسيد سرور شاهه ، برونل يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي، ساڳي يونيورسٽي ۾ 12 سال ريسرچ فيلو به رهيو. هن وقت آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ريسرچر طور ڪم ڪري رهيوآهي. هن وقت پاڻ ڪيترن ئي عالمي ريسرچ رسالن جو معيار چيڪ ڪندا آهن. سندن شمار دنيا جي بهترين محققن ۾ ٿئي ٿو. )