اڇڙي ٿر جا گهرو هنر
اڇڙي ٿر ۾ جيئن ته ماڻهن جي گذران جو ذريعو چوپايو مال ڌارڻ آهي، انهي ڪري هتي چراگاهي ۽ . ڌنار ڪلچر وڌيڪ سگهارو آهي. مال جي چاري ، پاڻي جي مسئلن ۽ شهرن جي پري هجڻ ، مواصلاتي سهوليتن جي اڻهوند سبب ماڻهن جون سموريون سرگرميون چوپائي مال جي سار سنڀال ۾ گذرن ٿيون. انهي ڪري هتي ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ گهريلو هٿ جي هنرن طرف ماڻهن جو رجحان گهٽ آهي. پر تنهن هوندي به هتي شهرن جي پري هجڻ ، ضرورت جي شين جي گهرج ۽ مال مان ملندڙ ، ڏاس ، ان ۽ ملس مان ضروري شيون ٺاهڻ جا ڪاريگر موجود آهن. هر ڌنار جي هٿ ۾ ڏاس جو ڍيرو هوندو آهي. جيڪو هو ڪتيندو رهندو آهي. جنهن مان هو پنهنجي ضرورت جون شيون ، فراسيون ، کرڙيون ، ٻوجها ، خرزينون ، کڙيا ، رسا ، وغيره ڪاريگرن کان ٺهرائي گهرن ۾ رکندا آهن. انهي کانسواءِ اٺن جا پاکڙا ، جنڊا ، گهرن ۽ چئونرن جي اڏاوت لاءِ ڪاٺ جا مل، ڪايا ، داسا ، ٿوڻيون ، پسرون ۽ سَرن مان ڇَپر ، سرن جي تيلين مان کارا ، کاريون ، ٽٻڻيون ، ٽٻڪ ، پينگها ، گاگڙا، ڇڄ وغيره ٺاهيندا آهن. اهي ڪم گهڻو ڪري ڀيل ، مينگهواڙ ۽ ڪجهه مسلمان ذاتين وارا به ڪندا اهن. انهي کان علاوه اڇڙي ٿر جون عورتون به واندڪائي ۾ اڳٺ ، رليون ، گج ، رومال وغيره ٺاهينديون آهن. انهي کان علاوه اڇڙي ٿر ۾ ڪجهه خانه بدوش قسم جا لاڏائو ماڻهو به موسمي لحاظ کان لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن. انهن ۾ خاص ڪري ملاحن جي اڪثريت آهي. انهن کي پکائي به سڏيندا آهن. هي گهڻو ڪري ڍنڍن ، جهنگن ، ڀڏن ۽ خاص ڪري مکي جي آسپاس ۽ ناري جي علائقن ۾ لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن. هي وڏا هنر مند آهن، زالين، مڙسين، ٻارين ٻچين پنهنجن هنري ڪمن ۾ مصروف رهندا آهن. هي پن مان تئُونريون ۽ پکا ، سر جي پنن مان مُڃ سرن جي تيلين مان ڪڙيون ، کارا ، کاريون ، ٽٻڪ ۽ ٽٻڻيون، ڪرسيون ٽيبلون دروازن ۽ درين جو چِڪُون ، ٻارن جا پينگها وغيره اڪ مان آڪارو ڪڍي انهي مان رسا ، واڻ ، کوهه جا ورت رسا ۽ لئي جي سنهين ڪاٺين مان کارا ۽ کاريون به ٺاهيندا آهن. بحرحال اڇڙي ٿر جا گهرو هنر سندن پنهنجن ذاتي ضرورتن جي بنياد تي آهن. وڪري يا مارڪيٽنگ جو شعور ناهي. جيڪڏهن هتي گهريلو صنعتن جو رواج ۽ هنري سکيا جا مرڪز کوليا وڃن، ته ڪافي ماڻهن کي روزگار ملڻ سان گڏ پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهجي ٿو