حرن جي مقابلن جو طريقو
حر ويڙهاڪن وٽ هٿيارن جي کوٽ هوندي هئي . انهي ڪري هو اجايو اسلحي جو زيان نه ڪندا هئا. هر مقابلو سوچي سمجهي پلاننگ سان ڪندا هئا. انهي سموري طريقئه ڪار کي سمجهڻ لاءِ هڪ مقابلي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ، جيئن حرن جي ويڙهه جي طريقي جي ڪجهه تصوير سامهون اچي سگهي.
هڪ حر ويڙهاڪ اڳواڻ ابل مهڪاڻي جي يادگيرين تي ٻڌل هڪ انٽرويو جيڪو مير محمد نظاماڻي جي ڪتاب مڙيا مٿي مچ ۾ موجود آهي. ان موجب : ايڇ ٽي لئمبرڪ کي ڪنهن جاسوس ٻڌايو ته شيخيو راڄڙ جو ٽولو کارائُو تڙ واري علائقي ۾ موجود آهي. جنهن اطلاع تي ايڇ ٽي لئمبرڪ پنهنجي قيادت ۾ هڪ وڏي فوج وٺي حر گوريلا اڳواڻ شيخيو راڄڙ جي ٽولي سان مقابلي لاءِ تيار ٿي نڪتو. اڇڙي ٿر جي کارائو واري تڙ تي پهتو، گوريلا جاسوسن طرفان به انهي حملي کان اڳواٽ شيخيو راڄڙ کي به اطلاع ملي چڪو هو. ته لئمبرڪ هڪ وڏي فوج وٺي اچي پيو. شيخئي راڄڙ ڀڄڻ جي بجاءِ مقابلي جي پلاننگ ڪئي. ڳوٺن کان ٻاهر نڪري کارائو واري تڙ جي ڀرسان هڪ ڀٽ تي مورچابند ٿيو. هن جي ٽولي ۾ انهي وقت پنجاهه کن ويڙهاڪ موجود هئا. جن مان صرف ويهه ويڙهاڪن وٽ آتشي هٿيار موجود هئا. باقي ٽيهن ويڙهاڪن وٽ ڪهاڙيون ، خنجر ۽ تلوارون هيون. شيخئي راڄڙ پنهنجي ٽولي کي ٻن حصن ۾ ورهايو. ڪهاڙين ۽ تلوارن وارن ٽيهن ويڙهاڪن کي انگريز فوج سان مقابلي شروع ٿيڻ کانپوءِ پويان کان انگريز فوجين کي خاموشي سان قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. باقي ويهن هٿياربندن سان گڏجي مورچا بند ٿي شام جي وقت لئمبرڪ کي مقابلي لاءِ للڪاريائين . مقابلو شروع ٿيڻ کان پوءِ رات ٿيڻ تي اونداهي جو فائدو وٺندي ڪهاڙين وارن ۽ تلوارن وارن انگريز فوجين جو نهايت خاموشي سان قتل عام شروع ڪري ڏنو. ٻئي طرف شيخئي راڄڙ پنهنجي هٿياربندن سان گڏجي انگريز فوج تي هوائي فائرنگ ڪري فوج جو سمورو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪايو. سندن طرفان هوائي فائرنگ اهڙي نموني احتياط سان ڪئي ويئي ، جيئن پويان حملو ڪندڙ حر گوريلا ويڙهاڪن جو نقصان نه ٿئي. پوري رات مقابلو هلندو رهيو. آهستي آهستي انگريز فوج جي فائرنگ گهٽبي ويئي لئمبرڪ شڪ پوڻ تي خبر وٺڻ لاءِ جڏهن روشني جا گولا فائر ڪرايا، ته سندس فوج جو وڏو تعداد مارجي چڪو هو.لئمبرڪ جو اٺ به مارجي چڪو هو. لئمبرڪ صبح جو شڪست کائڻ بعد پاڻ کي ڪلهن تي کڻائي کپرو پهتو. ڇو ته هو هڪ ٽنگ کان منڊو هو.حيدرآباد ۾ پريس وارن کي مقابلي جا تفصيل ڏيندي ٻڌايائين، ته حرن وٽ ڪو نئون هٿيار آهي شيخئي راڄڙ سان دوبدو بندوقن ۽ گنن سان مقابلو ٿيو. پر اسانجا سپاهي ڪهاڙين سان قتل ٿيا . يعني ٺڪاءُ بندوق جو ۽ زخم ڪهاڙي جو. حيرت ۾ وجهندڙڳالهه ٿي آهي. شيخئي راڄڙ جا انگريز سرڪار جي فوج سان اهڙا اڳ ۾ به ڪجهه مقابلا ٿيا هئا . هر مقابلي ۾ هن فوج کي شڪست ڏني هئي . هن حر تحريڪ جي بهادر ويڙهاڪ هڪ مقابلي ۾هوائي جهاز به ڪيرايو هو. انهي ڪري شيخئو راڄڙ انگريز فوجين لاءِ دهشت جي علامت بڻيل هو. اهڙي ريت شيخئي کان سواءِ ، ٻيا به ڪيترائي حر گوريلا اڳواڻ انگريزن جي فوج سان مقابلن ۾ سوڀارا ٿيا. شهيد بچو بادشاهه ، شهيد ميرو فقير نظاماڻي ، علي شير خاصخيلي ، ابل مهڪاڻي ، اڪ وساڻ ، پنهون هنڱورو، امام بخش سنجراڻي ، مٽوءَ خاصخيلي، الهه بچايو خاصخيلي، ڌڱاڻو ڪيريو، دودو ڪوري، راڻو مري، ڦلوءَ خاصخيلي، راڻو موچي، اميد علي عرف ميندو نظاماڻي وغيره جا نالا انگريزن لاءِ دهشت جي علامت هئا. جن وڏا مقابلا ڪري ڪاميابيون ماڻي انگريز فوجن جون ننڊو حرام ڪري ڇڏيون. حر گوريلا جنگ ۾ حر گوريلن جي ننڍن جٿن جي مقابلي ۾ انگريزن جي باقاعده تربيت يافتا ۽ انهي وقت جي جديد هٿياربند فوج هوائي جهازن جي مدد جي باوجود به هارائيندي رهي . جيڪا ڳالهه صرف وطن جي عشق جي طاقت ۽ سرفروشيءَ جو زنده ثبوت آهي.