سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري اڇڙي ٿر ۾ پهريون ارتقائي دور
اڇڙي ٿر ۾ مليل قديم نشانن، زير زمين پاڻي جي گهرائي ۽ ان جي مٿان مٽي ۽ پٿريلا تهه زيرزمين تهن هيٺان پاڻي جو ذائقو ۽ انهن ۾ مختلف ڪيميڪلن جو مقدار شامل هئڻ مان اها شاهدي ملي ٿي، ته ڌرتي مٿان آيل مختلف موسمن جا اثر به سنڌ جي هن ٺهيل ڊيلٽائي حصي تي به پيا . لڳي ٿو، ته ڌرتي تي آيل سڀني موسمي دورن بابت هتي ثابتيون موجود آهن، پر اهي ثبوت هن وقت جاگرافيائي حالتن جي تبديلين سبب گهڻو هيٺ دٻجي ويا آهن. جن کي ظاهر ڪرڻ سان اهي ناياب اهڃاڻ ملي سگهن ٿا ، جيئن پهريون ڀيرو ڪوئلي ڪڍڻ جي سلسلي ۾ ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي کوٽائي سان جيالاجي جي رپورٽن ۾ حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف ٿيا آهن. جيڪي دنيا جي عالمي ادارن کي ارتقا جي منجهيل سوالن جي حل ڪرڻ جو سامان مهيا ڪري سگهن ٿا، انهي ڪري اهو تمام ضروري آهي، ته عالمي ادارن کي هتي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي. جيئن تاريخ جا اهي دفن ٿيل راز پڌرا ٿي سگهن. سومون جي تڙ واري ٻارهن سئو فوٽن تي زير زمين مليل گهرائي واري پاڻي جي ذخيري کي جيڪڏهن يونيسيف جي انڊس ڊيلٽا جي سروي رپورٽ 1964ع موجب حساب ڪجي، ته اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته هماليا کان ٿر جي ڊيلٽا طرف آيل قديم پاڻي جا وهڪرا ٽي لک اسي هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻا آهن. وري ٿر ڪول جي جيالاجي رپورٽن موجب انهي زير زمين پاڻي جي عمر پنج لک سال آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته هتي شايد ڪنهن قديم برفاني يا برساتي دور جي خاتمي سان ئي گرم دور جي اچڻ شرط برساتي پاڻي جا قديم وهڪرا وهي هليا هئا، جنهن سبب هتي اڳ ۾ موجود قديم سمنڊ دريائي ريٽ سان ڀرجي ختم ٿي ويو ۽ ڊيلٽا جو جنم ٿيو. ٿر ۾ موجود ڪارونجهر جبل انهي کان به گهڻو آڳاٽو اڍائي ارب سال اڳ جو ٻڌايو ويو هو. پر تازي ٿر ڪول جي جيالاجي جي رپورٽن موجب ڪارونجهر چوڏهن ڪروڙ سال قديم ثابت ٿيوآهي. جيڪو هتي پهرين موجود لوڻياسي پاڻي جي سمنڊ اندران ڦاٽي مٿي ظاهر ٿيل ٿو ڏسڻ ۾ اچي. يعني هماليا جا وهڪرا پهرين هتي نه پهتا هئا، ڇو ته تڏهن هماليائي ندين جي وهڪرن جو پاڻي هندستاني پنجاب ۽ هريانا جو ڊيلٽائي علائقو ٺاهڻ ۾ مصروف هو. شايد انهن ٻنهي علائقن جي اونهائي اڇڙي ٿر کان وڌيڪ گهري هئي. جيڪا ڳالهه وري انهن هندستاني علائقن جي مشاهدي کان پوءِ ئي چئي سگهجي ٿي. في الحال انهي بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. پر اڇڙي ٿر جي مشاهدي مان اهو معلوم ٿو ٿئي، ته ٿرپارڪر اڇڙو ٿر، هريانا ۽ هندستاني پنجاب ، وري اوڀر ۾ راجستان، جيسلمير، ڪڇ ۽ گجرات وارا علائقا ويندي مائونٽ آبو تائين سمنڊ هيٺ هئا. انهي زماني ۾لوڻياسو سمنڊ اتي موجود هو. جنهن سمنڊ مان ڪارونجهر ٻرندڙ جبل جي ڦاٽي نڪتل لاوي مان ٺهي ظاهر ٿيو، وري موجود هندي سمنڊ وارو علائقو انهي سمنڊ جو ساحلي علائقو يا ميداني پٽ هو. جنهن کي قديم ڪتابن ۾ رتناڪر جو ميدان سڏيو ويو آهي، جيڪو وسيع ميدان آفريڪا تائين پکڙيل هو. انهي سبب ئي اونهائي ۽ سمنڊ سبب هماليا کان وهي ايندڙ پهريان دريائي وهڪرا هتان کان گذرندا ۽ آندل مٽي سان سمنڊ کي پوريندا ڊيلٽا ٺاهيندا اڳتي وڌندا رهيا. جن وهڪرن جي شاهدي اڇڙي ٿر ۾ موجود واري جون ڀٽون ڏين ٿيون. انهن وهڪرن مان هڪ وهڪرو ٿرپارڪر جي پاري ننگر تي سامونڊي بندرگاهه ٺاهڻ جو سبب بڻيو. جنهن کي ڪتابن ۾ سرسوتي درياءَ جي آخري وهڪري هاڪڙي جو وهڪرو سڏيو ويو آهي. جيڪو اڳتي هلي قديم زماني ۾ ئي پنهنجي آندل ريٽ ۾ پورجي گم ٿي ويو، جاءِ نه ملڻ سبب پاڻي ڀر ۾ ٻيا وهڪرا ٺاهي وهندا رهيا ۽ ائين هڪ ڀٽن جو سلسلو ٺهي ويو.
هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪجي، ته انهي ڳالهه کي وڌيڪ چڱي طرح سمجهڻ ۽ اطمينان ڪرڻ لاءِ وري ٿر ڪول جي جيالاجي سروي رپورٽن کي پڙهڻو پوندو. ٿر ڪول جي جيالاجي سروي موجب ٿر جو ڪوئلو مٺي پاڻي ۾ ٻڏل آهي ۽ انهي پاڻي ۾ ٻڏل ڪوئلي جي هيٺان سنگمرمر موجود آهي. جيڪو شايد ڪارونجهر جي سلسلي جو هيٺيون زير زمين حصو آهي. جنهن جي مٿان پوءِ هماليائي دريائن يعني سرسوتي جي وهڪرن سبب دريائن جي آندل ريٽ وري ويو. ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن ۾ اها ڳالهه به چٽي طرح واضح آهي، ته ٿر جي ڪوئلي جي مٿان هڪ دريائي پاڻي جي نج واري جو هڪ تهه موجود آهي، جيڪو ڪٿي پنڌرهن فوٽ ته ڪٿي ٻارهن فوٽ ٿلهو آهي. انهي جي مٿان وري واري سان گڏ ريتي ۽ تمام گهڻي سنهي ريٽ جو تهه آهي. جيڪو ڪٿي به سئو چاليهه فوٽ ته ڪٿي به سئو ڏهه فوٽ ٿلهو آهي. اهي ٻئي تهه وري جيالاجي جي رپورٽن موجب پنج سال پراڻا آهن. يعني هن حصي جي هيٺئين دريائي واريءَ جي تهه مان اهو ثبوت مليو، ته پنج لک سال اڳي هتي وهندڙ دريائي وهڪرا ، چار کان پنج هزار سال لاڳيتو وهي پوءِ بند ٿي ويا. ان بعد لاڳيتو برساتي دور آيو، جنهن سبب سنڌ جي ڪوهستان جو پاڻي هتي وهي آيو، جنهن ۾ واري سان گڏ ريتي، چيني مٽي جو مقدار به شامل هو، جيڪو ڪوهستاني پاڻي جو دور به مسلسل ستر کان اسي هزار سال رهيو. جنهن سبب دريائي وهڪرا هيڏانهن اچڻ گهٽجي ويا ۽ مٿان کان ايندڙ پاڻي جي دٻاءٌ سبب دريائي وهڪرا عمرڪوٽ کان اتر طرف هڪ ڍنڍ ٺاهڻ بعد وري اوڀر ۽ ڏکڻ طرف مُڙي راجستان، ڪڇ ۽ گجرات ڌانهن وهڻ لڳا. .
ٿر ڪول جي جيالاجي سروي جي شاهدي بابت ڪجهه سچايون تحقيقي مشاهدي ۾به آيون آهن. جن موجب اڇڙي ٿر جي واري جي ڀٽن جو رخ اتر کان ڏکڻ طرف آهي، ۽ انهن ڀٽن جي واريءَ دريائي ۽ نج ڪرڪ واريءَ آهي ۽ ٿرپارڪر جي ڀٽن جو رخ اولهه ڏکڻ يا اوڀر اتر جي ڪنڊ تي آهي ۽ انهي واري ۾ ريتي جو مقدار به شامل آهي. انهي جو سبب منهنجي تحقيق موجب اهو آهي، ته اڇڙي ٿر جون ڀٽون هماليائي ندين جي وهڪرن سبب ٺهيون جيڪي وهڪرا اتر کان سڌو ڏکڻ طرف وهندا هئا . جڏهن ته ٿرپارڪر جون ڀٽون برساتي دور ۾ ڪوهستان کان آيل برساتي پاڻي جي تيز وهڪرن سبب ٺهيون. جن ڀٽن جي هماليائي ندين جي وهڪرن به ٽوڙ ڦوڙ ڪئي. نتيجي ۾ ٿرپارڪر جون ڀٽون ٽٽي ڌار ڌار ٿي ويون. پر جئين ته ٿرپارڪر ۾ انهن سرسوتي سلسلي جي ندين جي پاڻي جا وهڪرا تيز نه هئڻ سبب ريٽ ته آڻيندا رهيا ، پر اڳ ۾ موجود ڀٽن جي شڪل پنهنجي وهڪرن موجب اتر ڏکڻ نه ڪري سگهيا. ٿرپارڪر جي ڀٽن ۾ سنهي جابلو ريتي ۽ مٽي به شامل آهي. انهي جو سبب منهنجي تحقيق موجب اهو آهي، ته ڪوهستان ۾آڳاٽي برساتي دور جو پاڻي ڪوهستان جي اوڀر طرف زميني لاهي سبب اوڀر طرف وهندي، ٿرپارڪر تائين پهتو هو. جنهن سبب انهي پاڻي جي وهڪرن ۾جابلو سنهي ريتي ۽ مٽي جي شامل هئڻ سبب ٿرپارڪر جي ڀٽن جي واري ۾ ريتي ۽ مٽي شامل ٿي ويئي. انهي ڳالهه جي ثابتي انهي ڳالهه مان به ملي ٿي، ته ڪوهستان جي وڻن ۽ ٻوٽن جا قدرتي ٻج به انهن وهڪرن سان گڏجي ٿرپارڪر پهتا. انهي ڪري ٿرپارڪر جي وڻن ٻوٽن ۽ ڪوهستان جي وڻن ٻوٽن ۾ هڪجهڙائي آهي. يعني ڪوهستان جا وڻ ۽ ٻوٽا ٿرپارڪر ۾ به موجود اهن. انهن ڪوهستان ۾ وسندڙ برساتي دور جي پاڻي جي وهڪرن سبب به ٿرپارڪر جي ڀٽن جو رخ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ٿي ويو. انهي ڳالهه کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر جو تقابلي جائزو وٺڻ ضروري آهي.