لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

اڇڙي ٿر جو طبعي جائزو:

اڇڙي ٿر جو طبعي جائزو:
اڇڙو ٿر مٿي ذڪر ڪيل ڇهن مخصوص ۽ منفرد ماحول رکندڙ علائقن جو مجموعو آهي. هي علائقا جتي حسين نظارن ۽ عجائبات سان ڀرپور آهن، اتي هنن علائقن ۾ زندگي جي سموري درد جو جيئرو جاڳندو عڪس پڻ نظر اچي ٿو. هتي جي ماڻهن ۾ همت ، سهپ ۽ قرباني جا جذبا ڇوليون هڻندي ڏسڻ ۾ ايندا. پوري اڇڙي ٿر ۾ ڪس يا مهراڻي کانسواءِ وڻ ٻوٽا گهٽ ۽ ننڍي قد وارا آهن. هتي ڄاريون ، ڦوڳ، ڪنڊي جا وڻ ، ٻُوهه ، ٿُوهر۽ کِپ جا ٻوٽا گهڻي تعداد ۾ آهن. باقي وڻ جن ۾ ٻٻر ، ٻير ،ٻائوري ، گگرال ، ۽ نم جا وڻ ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا. ڪس يا مهراڻي ۾ وڻن جو تعداد وڌيڪ آهي. هتي سرينهن ، بڙ ، ٽالهي ، ٻٻر جهڙا قيمتي وڻ به اڳ ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ هئا ، پر ٽمبر مافيا ۽ وس وارن هتي وڻن جي واڍي ڪرڻ سبب اهڙن وڻن جي تعداد ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي آهي .اهڙي ريت اڇڙي ٿر جي ڊرينهن جي ڀر وارن نخلستانن ۾ به چوٽياريون ڊيم جي سم سبب خوبصورتي ختم ٿي رهي آهي. هتي کجين ۽ ڪنڊين جا وڻ تيزي سان سڪڻ شروع ٿي ويا آهن، جي اها رفتار رهي ته ٿر جي جياپي جا سگهارا ذريعا به ختم ٿي ويندا. هتي ڪٿي وڏيون اوچيون ۽ اُڀ ڪپريون ڀٽون ، ڪٿي منجهائيندڙ ۽ رستو ڀلائيندڙ بي ترتيب ننڍيون ڀٽون ۽ ڊرينهن وارو خوفناڪ ۽ هلندڙ واري جي ڌٻڻين وارو پر اسرار صحرائي علائقو، ڍنڍون، لوڻ جون سنون، سوڍا کار پيدا ڪندڙ کاڻيون ۽ ڪٿي ڪٿي ڏهرن ۾ اڇي مٽي يا جپسم جي ذخيرن سان گڏ اڇڙي ٿر ۾ گئس جا به وڏا ذخيرا لڌا ويا آهن. پوري اڇڙي ٿر ۾ ڏيڍ سئو فوٽن کان ويندي چوڏهن سئو فوٽن تائين زير زمين پاڻي جا ذخيرا موجود آهن. جڏهن ته ڊرينهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ٻن يا ٽن فوٽن تي صاف مٺو پاڻي به ملي ٿو. هتي ننڍا ننڍا ڳوٺ به هڪٻئي کان ڪافي پري موجود آهن. ڳوٺن ۾ اسڪول ، اسپتالون يا روڊ رستا ناهن. هتي بنيادي سهوليتون نه هئڻ برابر آهن. جن کي ڏسي حيرت ٿي ٿئي، ته هي ماڻهو هتي ڪيئن رهن پيا. ماڻهن جو گذر جو ذريعو صرف چوپائي مال تي آهي. رڍون ، ٻڪريون ، ڍڳيون ، گڏهه ، گهوڙا ،اٺ ۽ ڪٿي ڪٿي مينهون به پاليون وڃن ٿيون . هتي جهنگلي گڏهن جا به ڌڻ موجود آهن، جن کي ماڻهو ضرورت موجب ڌاريندا به آهن . هنن جهنگلي گڏهن بابت هتي جا مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا، ته حر تحريڪ خلاف انگريزن طرفان لڳايل مارشلا بعد وڏي پيماني تي هوائي جهازن ذريعي بمباري به ڪرائي ويئي هئي . ڳوٺ ساڙي سڀني ماڻهن کي قيد ڪرڻ شروع ڪيو ويو هو. پورو اڇڙو ٿر انگريزن ۽ حر گوريلن جي ويڙهه سبب ميدان جنگ ٿي ويو هو. انهي زماني اڇڙو ٿر انساني آبادي کان بلڪل خالي ٿي ويو هو. ماڻهن جي اوچتي لڏ پلاڻ ۽ افرا تفري دوران اهي گڏهه هن علائقي ۾ لا وارث ٿيڻ سبب جهنگلي ٿي ويا . اڇڙي ٿر جي مختلف علائقن ۾ ڦاڙها ، مختلف قسمن جا هرڻ ، لومڙ ، نور ، ڳوهون ، سانڊا، سوئر،سها، بگهڙ، سيڙهون ، خطرناڪ نانگ بلائون به موجود آهن. پاڻي جي ڍنڍن ۾ واڳون ، سيسار جو ناياب نسل به ڪٿي ڪٿي ٿورڙي تعداد ۾موجود آهي. جيڪو اڳ ۾ هتي تمام گهڻو موجود هوندو هو. اڃ سهندڙ پکي ، ڳيرا ،اڇڙا تتر، ڪانو، سِرڻيون ، ڪاٺڪُٽا ، چنڊُول ، ابابِيل ڪجهه قسمن جون جيت کائيندڙ جهرڪيون ۽ ٻيا پکي به ڏسڻ ۾ اچن ٿا . جڏهن ته ڪس يا مهراڻي ۾ ڪارڙا تتر به موجود آهن . مظلب ته اڇڙو ٿر هڪ فطرت جي جادو نگري وارو علائقو آهي.