سرسوتي ندي بابت مليل احوال ۽ تازي تحقيق
سرسوتي ندي بابت احوال ويدن ۾ خاص طور رگويد ۾ ملي ٿو. رگويد ۾ پنجاهه کان مٿي جاين تي هن ندي جو ذڪر موجود آهي. جنهن ۾ سرسوتي کي گهڻين ٻانهن واري يا شاخن واري ندي طور ڄاڻايو ويو آهي. قديم ڪتابن جن ۾ پراڻ ۽ شاستر به اچي وڃن ٿا، انهن ۾ به ڪٿي ڪٿي ٽڪرن جي صورت ۾ سرسوتي ندي جو ذڪر ملي ٿو. قديم مذهبي ڪتابن جي احوال ۾ ڏنل احوال مان معلوم ٿئي ٿو، ته گنگا ۽ سنڌو ندي کان به اها ندي قديم هئي. جنهن تي ديوتائن جا بسيرا هئا. ڪن جاين تي اهي به اشارا ملن ٿا، ته گنگا ندي جو جنم به سرسوتي مان ٿيو. ڪتابن ۾ اهو به ذڪر ملي ٿو، ته اها ندي وهندي وهندي اوچتو ڌرتي ۾ ٽٻي هڻي گم ٿي ويئي.
ويدن ۾ هن ندي جي ساراهه سان ڀرپورڪجهه سلوڪ به موجود آهن. پر ويدن ۾ هن ندي جو ماضي جي وهندڙ ندي طور ذڪر ڪيو ويو آهي. يعني ويدڪ دور کان اڳ ۾ هي ندي گم ٿي چڪي هئي. ۽ انهي وقت وهندڙ نه هئي. البت انهي جون ڪجهه شاخون ننڍڙن وهڪرن صورت ۾ موجود هيون. سرسوتي جي ڳولا جي سلسلي ۾ محقق ڪيتري وقت کان سرگردان رهيا، هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سرسوتي جي ڳولا جو ذڪر ۽ ڪجهه انومان ۽ انديشا بيان ٿيندا رهيا. جن موجب ڪيترين ڪهاڻين جو به جنم ٿيو. جنهن سبب مليل احوال موجب هن قديم ندي جي هڪ ديومالائي حيثيت اڳيان هلي ظاهر ٿي. انهي ديومالائي ذڪر سان ڀرپور سرسوتي تي وڌيڪ نه کوجنا ٿي، نه ئي ڪنهن انهي ندي جي تهذيب تي ڪو توجهه ڏنو. ائين اها ڳالهه ڪتابن ۾ ديومالائي ڪٿائن تائين ئي محدود رهجي ويئي. سرسوتي ندي جي قديم تهذيب جو به ڪو اتو پتو تاريخ جي ڪتابن ۾ نه ٿو ملي. انهي جا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا ، هڪ ته اها ندي تاريخ کان اڳ واري دور ۾ وهندي هئي. جيڪڏهن انهي ندي جي تهذيب جي باري ۾ ڪو احوال لکيو به ويو هوندو، ته اهو زماني جي گردشن ۾ اڏوهي جو کاڄ ٿي ويو. ٻيو سبب اهو به رهيو، ته انهي قديم سرسوتي جي تاريخي ماڳن جي نه ئي ڪا کوٽائي ٿي، نه ئي ڪا ڳولا ڪئي ويئي. سرسوتي تهذيب جا قديم آثار سنڌ ۾ موجوده اڇڙي ٿر، ٿرپارڪر يا هندستان جي راجستان جي وارياسي علائقي۾ ئي موجود آهن. جيڪي هن وقت سوين فوٽ هيٺ واري ۾ دفن ٿيل آهن. اڇڙي ٿر جون جاگرافيائي حالتون ۽ سوين سالن کان انهي علائقي جو غير آباد هئڻ ۽ اتي انساني سرگرميون گهٽ هجڻ به اهم سبب آهن، جو انهي وساريل علائقي تي تحقيق ڪندڙن جو توجهه به نه رهيو. موجوده تاريخي رڪارڊ ۾ ڏسبو، ته عربن جي آمد وقت به اهو علائقو غير آباد ۽ واريءَ جي خطرناڪ ڌٻڻين سبب ويران علائقو هو. هي علائقو ايترو خطرناڪ هو، جو ڪو قديم عام واپاري رستو به هتان نه گذرندو هو. هي بلڪل هڪ ويران صحرا جي شڪل ۾ هو، جتي صرف مشڪل حالتن ۾ ماڻهو وڃي پناهه وٺندا هئا. اهو ئي سبب هو جو راجا ڏاهر جي شڪست بعد بچيل سنڌي فوجي قوت هن ئي محفوظ پناهه گاه ۾ ساهي کڻي ٻيهر گوريلا جنگ جي تياري ڪئي. علائقائي حالتن سبب هن خطرناڪ علائقي مان عرب اڳتي سنڌي فوجن جوپيڇو ڪندي وڌي نه سگهيا. ۽ برهمڻ آباد کان اوڀر طرف نه وڃي سگهيا، ۽ وري اتر طرف اروڙ ۽ ملتان ڏانهن وڌيا، هن اڇڙي ٿر جي محفوظ پناهه گاهه ۾ راجپوتانه جي حاڪمن کان مدد وٺڻ بعد راجا ڏاهر جو بهادر پٽ جئسينا عربن تي راتاها هڻندو ۽ کين ڪمزور ڪندو رهيو. سنڌ جي پوري تاريخ ۾ سواءِ مشڪل وقت جي ڪو به لشڪر اڇڙي ٿر مان نه گذري سگهيو، نه ئي ڪو فاتح يا حمله آورپنهنجي فوج وٺي هتان کان حملي آور ٿيو. انهي مان انهي ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته قديم سرسوتي جي گهڻين ٻانهن وارن وهڪرن جي بند ٿيڻ بعد هي علائقو غير آباد رهندو آيو. انهي ڪري هتي قديم تهذيب جا آثار به سوين فوٽ واري هيٺ دٻيل رهجي ويا، پوءِ هتي ڪا به انساني آبادي پنهنجا ڪي وڏا تهذيبي نشان نه ڇڏي سگهي. جنهن سبب اڇڙو ٿر صرف اڇڙو ٿر ئي رهجي ويو. هتي جو هي پورو ريگستاني علائقو محققن جي توجهه کان رهجي ويو. اڇڙو ٿر هڪ طرف پنهنجي منجهائيندڙ جاگرافيائي حالتن سبب نا قابل سفر سمجهيو ويو. جنهن ڪري ڪنهن به محقق هتي اچڻ جي همت نه ساريندي، هتي اچي تحقيق نه ڪئي. ٻئي طرف برصغير ۾ صرف هي ريگستاني ئي علائقو هو. جنهن ۾برطانوي دور حڪومت ۾ هن علائقي ۾ سنڌ جي آزادي جي جدوجهد جنهن کي تاريخ جي ڪتابن ۾ حر جدوجهد سڏيو وڃي ٿو. جيڪا برطانوي قبضي جي خلاف سنڌ جي آزادي پسند ماڻهن جي بهادرانه تحريڪ هئي. جنهن جدوجهد اڳيان فيل مست سڏائيندڙ انگريز بيوس هو. انهي ڪري ڪو به انگريز محقق پنهنجي موت کي دعوت ڏيئي، هتي تحقيق ڪرڻ لاءِ نه اچي سگهيو. نه ئي اڇڙي ٿر جي ڪنهن تاريخي ماڳ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪا کوٽائي ٿي سگهي. اهڙي ريت هتان جي تاريخي حقيقتن جي آگاهي کان دنيا واقف نه ٿي سگهي. ائين اڇڙو ٿر تحقيق جو موضوع بڻجي نه سگهيو. انهي لاءِ ضروري آهي، ته هن ندي جي ڳولا جي سلسلي ۾ ڪيل تازين تحقيقاتن کي نظر ۾ رکي ڪجهه احوال هٿ ڪجي.
سرسوتي ندي بابت قديم ڪتابن، محققن جي اڳ ۾ لکيل ڪتابن ۽ بعد ۾ ڪولمبو پلان جي نقشن، سيٽلائٽ ذريعي نڪتل زميني تصويرن ڏسڻ کان پوءِ مجموعي طور جيڪو احوال ملي ٿو. انهي موجب سرسوتي ندي، جمنا ۽ ستلج جي وچ ۾ هڪ ڊگهي ۽ وڏي ندي هئي. جيڪا هماليا جي سواليڪ سلسلي جي روپارا گليشيئر مان نڪري، پنجاب راجستان سنڌ ۽ گجرات تائين وهندي هئي. هن ندي جي ڪناري تي ڀنوالي ، ڪاليبنگن ، گنويريوالا ، لوٿل جهڙا قديم ماڳ هن ندي جي تهذيبي دائري ۾ اچن ٿا. سرسوتي ندي جي گم ٿيڻ بابت اڃان تائين ماهر هڪ راءِ جا نه ٿيا آهن . ڪن جو چوڻ آهي، ته زلزلن سبب هن ندي جا هماليا مان وهندڙ گس بند ٿي ويا، ۽ هي ندي سڪي ويئي. ٻين جو چوڻ آهي، ته سرسوتي گهڻي واري آڻيندڙ ندي هئي، جيڪا لٽجي گم ٿي ويئي. آخري راءِ سان اتفاق ڪري سگهجي ٿو. آئون هن راءِ جو آهيان ته سرسوتي سڪي نه پر گم ٿي آهي. جيڪا اڃان تائين وهندڙ آهي. انهي جو ثبوت اهو آهي، ته اڇڙي ٿر جي ڊرينهن واري علائقي ۾هيٺاهين وارين جاين تي صرف ٻه فوٽ واري هٽائڻ سان صاف مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو. انهي ڳالهه جي ٻي اها به ثبوت ڏيندڙ شاهدي موجود آهي، ته ڊرينهن جي وچ ۾ هيٺانهين وارين جاين تي سرسبز نخلستان موجود آهن. انهي ڳالهه جي وڌيڪ پڪ ٿر ڪول جي رپورٽن جي انهي ڳالهه مان به ٿئي ٿي، ته ٿر ڪول جي هيٺان موجود پاڻي وهندڙ آهي. جن رپورٽن ۾ اهو به اندازو لڳايو ويو آهي، ته ٿر جي زمين هيٺان اسي کان نوي ارب مڪعب فوٽ زير زمين پاڻي موجود آهي. ساڳي شاهدي سومون جي تڙ مان وهي نڪرندڙ بورنگ جو اهو پاڻي به ڏيئي رهيوآهي، جيڪو مسلسل 2005ع کان پاڻمرادو وهي رهيو آهي. ساڳي صورتحال راجستان ۾ به اهڙي قسم جي ڪيترن ئي بورنگن جي آهي، جن تي جواڻ جو فصل ٿي رهيو آهي. وري هندستان جي هريانه صوبي ۾ ڏهن فوٽن تائين کوٽائي ڪري زير زمين پاڻي مان ڪئنال وهايو ويو آهي.
شايد هندستان ۽ پاڪستان جي صحرائي علائقن ۾ قديم زماني ۾ ڪا وڏي گهرائي موجود هئي، يا ڪوسمنڊ موجود هو، جنهن سبب هيٺائين هئڻ ڪري پاڻي جا وهڪرا هتي وهڻ شروع ٿيا. انهي شروعاتي زماني ۾ عربي سمنڊ جي جاءِ تي قديم ڪتابن موجب رتناڪر جو ميداني علائقو هو، جيڪو آفريڪا تائين ڳنڍيل هو. انهي زماني ۾ صحرائي علائقن جي هيٺائين تي هئڻ سبب هماليائي دريائن جا وهڪرا اتي ڪِرڻ شروع ٿيا. جڏهن دريائن جي آندل ريٽ سبب هي اونهائي وارا علائقا ڀرجي ويا، ته پوءِ پاڻي رتناڪر جي ميدان کي پائڻ لڳو جيڪو اڳتي هلي عربي سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويو.
سرسوتي هماليا تان لهي اتراکنڊ کان پنجاب هريانه راجستان سنڌ ۽ پوءِ گجرات کان سمنڊ ۾ ويندي هئي. سائنسدانن جي سيٽلائيٽ نقشن ۽ تصويرن مان معلوم ٿو ٿئي، ته هماليا کان هن طرف سرسوتي سان گڏ روپارا جي گليشيئر مان جمنا ۽ ستلج جا وهڪرا به لهندا هئا . سرسوتي جا وهڪرا پنجاب ، هريانا کان اوڀر اولهه رخ تي وهندي چولستان کان سنڌ ۾ داخل ٿي، پوءِ سڌو اتر کان ڏکڻ طرف ڪيترن ئي وهڪرن جي شڪل ۾ وهي، کپري تعلقي جي ڏاکڻئين حصي ۾ هڪ ڍنڍ ٺاهي وري پوءِ هڪ وهڪري جي شڪل ۾ عمرڪوٽ کان اتر طرف اڇڙي ٿر جي سرحد وٽان اوڀر طرف وهي، راجستان کان ٿيندي، وري رخ ڦيرائي ڏکڻ اوڀر وهندي گجرات مان گذري دوارڪا وٽ اهو سرسوتي جو وهڪرو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. سرسوتي جي پوين ڪجهه وهڪرن تي لکپت جو مشهور بندرگاهه به هو. جڏهن ته انهي ندي جو هڪ ٻيو وهڪرو عمرڪوٽ جي اوڀر کان گذري پاريننگر وٽ سانگاهه نالي وڏي تلاءَ ٺاهڻ بعد سامونڊي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهي زماني ۾ ڪارونجهر جبل سمنڊ جي پاڻي ۾ گهيريل هوندو هو. اها نار ڪارونجهر ۽ پاريننگر جي وچ ۾ هئي. انهي زماني ۾ رڻ ڪڇ به سمنڊ هو.
سرسوتي بابت گوگل ِجي مختلف سائيٽن ۽ يوٽيوب تي موجود آرڪيالاجي جي ماهرن جي راين موجب سرسوتي تهذيب جا هڙپه کان آڳاٽا 640 ماڳ، هڙپه جا هم عصر 360 ۽ بعد جا 1378 ۽ ٽوٽل 2378 ماڳ هئا، جن جا نشان صحرا جي واري جي هيٺان موجود آهن، جن کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماهرن جو رايو آهي، ته سرسوتي ۽ ان سان گڏ نڪرندڙ جمنا ندي ۽ ستلج جي مٽي مان هڪ وڏي ڊيلٽا جو جنم ٿيو، جنهن جي پکيڙ لڳ ڀڳ ڏهه لک چورس ڪلوميٽر ايراضي آهي. جنهن ۾ هندستان ۽ پاڪستان جو ريگستاني علائقو به شامل آهي. جنهن کي سرسوتي تهذيب چئي سگهجي ٿو. جيڪا هڪ ڌار وڏي تهذيب هئي. ماهر سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جو تقابلي جائزو وٺندي، سرسوتي تهذيب سان ڳنڍيل سنڌو تهذيب جي قديم ماڳن جو وچور بيان ڪندي لکن ٿا، ته سنڌو تهذيب جا هڙپه کان آڳاٽا 367 هم عصر 416 ۽ بعد جا 12 ۽ ٽوٽل 795 ماڳ آهن. جڏهن ته سرسوتي جا ٽوٽل قديم ماڳ 2378 آهن. انڊين آرڪيالاجي سروي موجب سرسوتي 1600 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 3 کان 8 ڪلوميٽر ويڪري ندي هئي. جيڪا هماليا جي روپارا گليشيئر مان نڪرندي هئي. هي ندي پاڻي سان گڏ پنجاب ۽ هريانا جي ڊگهي ميداني علائقن مان گذري وڌيڪ ريٽ آڻيندي هئي. ماهرن موجب سرسوتي جي پاڻي ۾ ڏهه سيڪڙو کان به وڌيڪ ريٽ موجود هو، جنهن سبب هريانا کان پوءِ هن ندي جي وهڪرن جي تيزي گهٽجي ويئي. ۽ انهي نتيجي ۾ راجستان ، اڇڙوٿر ۽ ٿر جا وارياسا علائقا وجود ۾ آيا. ماهرن موجب عام درياءَ هڪ سئو سالن ۾ چار انچ زمين جي سطح مٿي ڪندا آهن، انهن جي پاڻي ۾ ڇهه سيڪڙو ريٽ موجود هوندو آهي. پر سرسوتي هڪ سئو سالن ۾ اٺ انچ جي حساب سان ريگستان جي اوچائي ۾ اضافو ڪندي رهي. اهوئي سبب آهي جو سرسوتي جو پاڻي هريانا ۾ ڏهن فوٽن تي زير زمين موجود آهي. راجستان ۾ ڇهه سئو فوٽن کان هڪ هزار فوٽن تائين ۽ سنڌ ۾ سومو جي تڙ تي ٻارهن سئو فوٽن تائين ۽ وري سرسوتي جي اوڀر طرف رخ ڦيرائڻ سبب گهٽ ريٽ جي اچڻ سبب ٿر ڪول وٽ ساڍا چار سئو فوٽن کان 990 فوٽن جي گهرائي تي پاڻي موجود آهي.
اڇڙي ٿر جي زميني مشاهدي دوران ڏسبو، ته اڇڙي ٿر جون سموريون ڀٽون اتر کان سڌو ڏکڻ طرف وڇايل آهن. انهن ڀٽن جا ڏهر به ننڍا آهن. جيڪي انهن قديم دريائي وهڪرن جا نشان آهن. واري ۾ مٽي جو مقدار به تمام گهٽ موجود آهي. اها واري دريائي وهڪرن جي آندل واري آهي. جڏهن ته سرسوتي جي وهڪرن جي اوڀر طرف موڙ کائي وري راجستان ڏانهن وڃڻ بعد ٿر پارڪر جي ڀٽن جو رخ اولهه ڏکڻ ڪنڊ کان اتر اوڀر ڪنڊ ڏانهن آهي. انهن ڀٽن جا ڏهر به وڏا آهن ۽ انهن ڀٽن جي واري ۾ مٽي جومقدار وڌيڪ موجود آهي. ڇاڪاڻ ته سرسوتي جي وهڪرن جو رخ ڦيرائڻ بعد اڳتي ٿرپارڪر ڏانهن صرف هاڪڙي جا وهڪرا ئي وهي هليا هئا.
نقشن ۾ سرسوتي جو رستو : هي ندي روپارا کان وهي انبالا ۽ ڪنال شهرن جي ڀرسان گذري ڪاليبنگن کان سنڌ ۾ داخل ٿي، گنويريوالا کان ٿيندي، ڪوٽڏيجي ۽ چانهو جودڙو کان گذري اڇڙي ٿر جي دنگ يعني کپري تعلقي ۽ ڏاهلي يا عمرڪوٽ جي سرحد وٽان اوڀر طرف موڙ کائي وري راجستان ۾ داخل ٿيندي هئي. پوءِ راجستان مان ٿيندي، گجرات وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. جڏهن ته سرسوتي جو هڪ وهڪرو هاڪڙو ندي رڻ ڪڇ وٽ قديم سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن ئي سلسلي جو هڪ وهڪرو ڪنهن دور ۾ پارينگر وٽ سامونڊي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهي عرصي دوران ڪارونجهر جبل اتر طرف کان سرسوتي جي پاڻي ۽ ڏکڻ طرف سامونڊي پاڻي ۾ گهيريل هو. مٺي ۽ سامونڊي پاڻي جي ميلاپ سبب انهي وقت هتي آسپاس تمر جا ٻيلا هئڻ گهرجن، ڪارونجهر انهي زماني ۾ پاڻي ۾ گهيريل هڪ خوبصورت جابلو سلسلو هوندو جتي فطرت جا ڪئين رنگ موجود هوندا، انهي ڪري قديم جيوت بابت به ادارن کي هتي ڪارونجهر ۾ ڳولا ڪرڻ گهرجي.
هن ندي جو ٻيو وهڪرو ڪاليبنگن کان ڌار ٿي گنوريوالا جي اوڀر کان گذري ڪوٽڏيجي ۽ چانهو جي دڙي جي اوڀر طرف هلندي اوڀر طرف سڌو موڙ کائي راجستان مان ٿيندو، اچي گجرات وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، سنڌ ۾ ڪوٽڏيجي ۽ چانهو جو دڙو اهڙا ماڳ آهن، جيڪي سرسوتي ۽ سنڌو ندي جي وهڪرن جي وچ ۾ هئا. هنن ٻنهي ماڳن تي جيڪڏهن سنجيدگي سان ادارا تحقيق ڪن ته ٻنهي تهذيبن جا لڪل راز ۽ قدامت بابت نوان انڪشاف ٿي سگهن ٿا . روهڙي جي جابلو سلسلي ۾ قديم پٿرجي دور جي گهريلو صنعت جا مرڪزهئا، جيڪي قديم اوزار هڪ طرف سنڌ جي قديم تهذيبي ماڳن جي آثارن مان ملن ٿا، ته ٻئي طرف هندستان جي قديم تهذيبي ماڳن مان ملن ٿا. جن مان انهي دورجي رهڻي ڪهڻي بابت چٽي ڄاڻ ملي سگهي ٿي.
هڪ سوال اهو به اٿي ٿو، ته هند ۽ سنڌ جي صحرائي علائقي ۾ جيڪڏهن کاري پاڻي جو ڪو قديم سمنڊ هو، ته انهي جو پاڻي ڪيڏانهن ويو؟ انهي سوال جي جواب ۾ اسان کي وري ٿر ڪول جي جيالاجي رپورٽن طرف اچڻو پوندو. جن رپورٽن ۾ ڄاڻايل آهي، ته پاڻي جي سمنڊ ۾ موجود زير زمين ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، جنهن جو لاوو اڏامي واپس پاڻي ۾ ڪريو،۽ ٺري گرينائيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. جنهن بعد پيدا ٿيل گرمائش سبب اتي موجود پاڻي سڪي ويو، ڪجهه رهيل پاڻي موجود رهيو جنهن سبب ڌٻڻيون پيدا ٿيون. جيڪڏهن ڪٿي ڪو پاڻي بچيو هوندو، ته انهي جي مٿان هماليائي ندي سرسوتي جي پاڻي جي وهڪرن انهي موجود کاري پاڻي کي هيٺان آڻي ڇڏيو هوندو، ڇو ته کارو پاڻي مٺي پاڻي جي بنسبت ڳرو هوندو آهي. هڪ ٿانو ۾ وجهڻ سان کارو پاڻي هيٺان وڃي تر وٺندو آهي، ۽ مٺو پاڻي مٿي وڃي بيهندو آهي، انهي لاءِ هڪ ٻيو مثال به ڏيئي سگهجي ٿو، ته برف سمنڊ ۾ اڇلائبي ته اها انهي پاڻي جي مٿان ترندي رهندي آهي. ٿرڪول جي جيالاجي جي انڪشاف موجب زير زمين مٺي پاڻي جي سمنڊ ۽ سومو جي تڙ جي ڪيل ڊرلنگ جي پائپ مان پاڻي پاڻمرادو وهڻ جي عمل کي اسان جا عام ماڻهو قدرت جي ڪرامت سمجهن ٿا ۽ حڪومت انهي پاڻي جي وڌيڪ ڳولا ۽ استعمال بابت ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. وري ٻئي طرف ڀرواري پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ انهي پاڻي کي ڳولي استعمال ڪري فائدا ورتا پيا وڃن. هندستان حڪومت باقاعدي سنجيدگي سان هن ندي جي وهڪرن کي ڳولي هريانا صوبي ۾ هڪ ڪئنال کوٽيو، جنهن مان هڪ سئو ڪيوسڪ جو وهڪرو آبپاشي لاءِ حاصل ڪيو ويو آهي. هي پاڻي ڏهن فوٽن جي گهرائي تي مليو آهي، جڏهن ته انهي هندستاني ماهرن جي ڳوليل سرسوتي وهڪري کان ٻاهر زير زمين پاڻي ڏيڍ سئو فوٽن تي موجود آهي. انهي کان سواءِ صوبي راجستان ۾ سرسوتي جي گم ٿيل پاڻي کي ڇهه سئو کان هڪ هزارفوٽن تائين ڊرلنگ ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهو زير زمين پاڻي پريشر سان ٻاهر نڪري پاڻمرادو وهي رهيو آهي. جنهن تي جواڻ جو فصل وڏي مقدار ۾ حاصل ٿي رهيو آهي. ساڳئي نموني هتي عمرڪوٽ تعلقي ۾ ڳوٺ سومون سمون ڀرسان ٿرديپ جي ڪيل ٻارهن سئو فوٽن جي ڊرلنگ جو پاڻي به ڇهه انچ جي پائپ مان 2005ع کان مسلسل پاڻمرادو وهي رهيو آهي. جڏهن ته تازو ٿر ڪول جي اوپن پٽ جي کوٽائي مان مليل پاڻي بابت ماهرن راءِ قائم ڪئي آهي، ته هتي زير زمين پاڻي جو هڪ سمنڊ آهي، جنهن ۾اسي کان نوي ارب مڪعب فوٽ پاڻي موجود آهي. جڏهن ته انهن ڳولا جي جديد ڪوششن کان سواءِ اڇڙي ٿر جي ڊرينهن وارن علائقن ۾ صاف مٺو پاڻي ٻن فوٽن جي کوٽائي تي ملي ٿو. انهي مان صاف ظاهر آهي، ته سرسوتي گم ٿيڻ جي باوجود به زير زمين پاڻي جي وهڪري جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي.